سنڌ جي تعليم سڌارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

 

تعليم جي هن وقت جيڪا سنڌ ۾ حالت آهي ان جا 100 سيڪڙو نه مگر 50 سيڪڙو ذميوار ته سرڪار پاڻ به آهي جنهن تعليم جهڙي اهم ترين شيءِ جي ٻيڙي کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. تازو ئي سنڌ جي وزيراعليٰ صاحب ڪميشن جا اختيار به گهٽائي 16 گريڊ جون ڀرتيون به حڪومتي ڪاميٽين کان ڪرائڻ جو بل پاس ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ان ڳالهه جي گارنٽي ڪير ڏيندو ته جيڪي آفيسر بنا ڪميشن جي ڀرتي ٿي ايندا انهن ۾ ڪيترا ميرٽ تي ايندا جيڪي نظام هلائيندا.وڌيڪ اهو ته اسان جي تعليم کاتي ۾ جيڪي گوسڙو استاد پگهارون ته سرڪاري کڻي رهيا آهن مگر نوڪريون وري ڪن ٻين ادارن ۾ ٿا، جيڪڏهن اهي گوسڙو استاد واپس اسڪولن ۾ وڃن ۽ حق حلال جي پگهار کڻن ته سنڌ جي ويٺل بيروزگار ماڻهن لاءِ نوڪرين جا ڪيترائي دروزا کلي سگهن ٿا.

سنڌ ۽ پاڪستان جي تعليم Annual Status of Education 2012 Report (ASER) مطابق سنڌ ۾ 44000 پرائمري، 5000 مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن، جڏهن ته 5-16 سالن جي ٻارن جي انرولمينٽ تقريبن 4 ملين آهي. رپورٽ وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته 66 سيڪڙو ٻار جن ٽيون ڪلاس پاس ڪيو آهي، اهي پڙهي به نٿا سگهن. ايتري قدر جو پنهنجي مادري زبان به نه، 78 سيڪڙو اهڙا ٻار آهن، جيڪي سولي رياضيءَ جا ڪٽ ۽ جوڙ جا حساب به حل نٿا ڪري سگهن. 75 سيڪڙو ٻار جيڪي سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل آهن اهي انگريزيءَ جي هڪ سٽ (Line) به پڙهي نه ٿا سگهن. ٻئي طرف 80 سيڪڙو پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجن جا استاد انگريزي لکي نه ٿا سگهن. هن وقت جي تعليم جي وزير کي شابس آهي جو هو  اها ڳالهه ته مڃي ٿو ته سنڌ جي تعليم خراب حالت ۾ آهي ۽ سندس ڪجهه تعليم دوست قدم ساراهه جوڳا به آهن، جيئن تعليم جي حوالي سان Quality ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ اهڙو ڪورس تيار ڪرائڻ، مگر اها صرف ٿوري وقت جي منصوبه بندي آهي ۽ مستقبل لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

آئين جو آرٽيڪل 25- A ۾ اهو بيان ٿيل آهي ته اهو ضروري ۽ هر پاڪستانيءَ جو حق آهي ته 16-5 سالن جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪئي وڃي. جڏهن ته آرٽيڪلس 37-B ۽ 38 پاڪستان جي آئين جي ٻئي باب ۾ پڻ ان شيءِ تي زور ڏنو ويو آهي.

پاڪستان جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي تباهيءَ جو سبب، خاص ڪري پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم جي تباهي ان ڪري به آهي ته تعليم کاتي ۾ خرچ ڪيترو ڪجي ۽ ڪيترو ٿئي پيو؟ اهو UNESCO وارن جي طرفان Declare ٿيل آهي ته جي اين پي جو 4 سيڪڙو تعليم جي شعبي ۾ خرچ ڪيو وڃي، مگر بدقسمتيءَ سان پاڪستان  گذريل 66 سالن کان صرف جي اين پي جو 2 سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو.

پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٻين صوبن يا علائقن جي ڀيٽ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ۾ سڌارو آيو آهي. جڏهن ته سنڌ، بلوچستان، فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي تعليمي حالت تمام خراب آهي. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته ورهاڱي کان وٺي 1660ع تائين سنڌ جي تعليم ٻين صوبن کان تمام گهڻي بهتر هئي، جيڪا هاڻي بلوچستان ۽ فاٽا جهڙن پوئتي پيل علائقن کان به گهٽ ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ ۾ ڪل 49000 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن جن مان تقريبن 18000 غير فعال آهن، جن مان ڪجهه مقامي وڏيرن جي قبضن هيٺ آهن، ڪجهه اسڪولن ۾ وري عملو نه آهي وغيره وغيره. اخبارون ۽ ٽي وي چينل ڏيکارين ٿا انهن جون تصويرون ۽ انهن تصويرون جي ذريعي ئي اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهي گڏهن، گهوڙن ۽ ٻين چوپائي مال جا وٿاڻ بڻيل آهن. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ 146000 استاد مقرر ٿيل آهن، هڪ سروي مطابق انهن مان 40000 استاد اسڪول جو منهن به ڪو نه ٿا ڏسن ۽ اهي پنهنجون پگهارون کاتي جي آفيسرن کي رشوت ڏئي کڻن ٿا.

سنڌ جي تعليم ڪهڙي خوفناڪ مرحلي تي آهي. سنڌ جي هيءَ خطرناڪ حالت اُها به 21 هين صديءَ ۾ سنڌ جي مستقبل جي اونداهي هجڻ جي تصوير ڏيکاري ٿي. امير طبقي جون فيميلز ته پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيڻ لاءِ بهترين ۽ مهانگن اسڪولن جا خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا مگر سنڌ جي غريب طبقي جو ڇا ٿيندو؟

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *