سنڌ جيڪا سورن ۾ آهي………..

هڪڙي راءِ اها آهي ته سنڌ جي عوام کي يا ته آپگهات واري رستي تي هلندي ۽ ساڳئي رستي تي هلندي هلندي پاڻ کي ختم ڪرڻ جو سوچي ”رضا تي راضي“ رهڻ کان اڳتي ڪجهه به نه سوچڻ واري قوم دشمن ۽ عوام دشمن لاڙي تي سوچڻ گهرجي ۽ ڪنهن به نموني ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان سنڌ جي ترقي ٿئي، سنڌ اڳتي وڌي سگهي ۽ سنڌ جيڪا ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيئي آهي اتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.  ٻي راءِ اها آهي ته چنڊ تي پهچڻ جا خواب ڏسڻ کان بهتر آهي ته زمين تي ئي ڪا چانڊوڪي پيدا ڪجي. ان ڪري سڀ کان بهتر ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڪجهه هاڪاري ۽ مثبت ڪرڻو آهي اهو هتي ڪرڻو آهي ۽ هتي ڪرڻو پوندو. جيڪي ڪجهه سنڌ ۽ عوام واسطي ڪرڻو آهي اهو سادي کان اُچي پاسي ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ وڏن خوابن جي وڏن تعبيرن لاءِ ننڍا ننڍا قدم کڻڻ سکڻ گهرجن. ان سان سنڌ جيڪا بيهي رهي آهي يا بيهاري ويئي آهي اها آهستي آهستي ئي سهي چرڻ پرڻ شروع ڪري سگهندي. سنڌ ۾ جيڪي ٽارگيٽيڊ آپريشن هلي رهيو آهي اهو مختلف قسمن کان پنهجا تاثر به ڇڏي رهيو آهي پر ان جي آڙ ۽ اوٽ ۾ سنڌ سرڪار جا ڪيئي پرت سنڌ کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان اهم ترين ڳالهه کي سمجهڻ جي پهريان کان وڌيڪ ضرورت آهي. سنڌ ۾ گذريل ستن ورهين کان تعليم کاتو توڙي سنڌ جي تعليم نشاني تي آهن. هڪ پاسي ميڊيا ۾ ٻڌايو ويو ته ”ڪوڙيون ڀرتيون“ ٿيون آهن، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 هزار ڪوڙا ملازم ڀرتي ٿيا آهن. ستن ورهين ۾ ان ڳالهه کي هڪ پاسي ڪري ان تي ئي سڄي معاملي کي بيهاري باقي ڳالهين کان ڪن لاٽار ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ گهوسٽ اسڪول ۽ استاد آهن، انهن گوسڙو ماسترن ۽ بند پيل اسڪولن جي باري ۾ ست ورهيه گذري ويا اڃا پيون ڪارروايون هلن. انهن ڪاررواين هلندي سنڌ جي تعليم کي جنهن تيزي جي گهرج هئي سا وري بيهاري ويئي ته پهريان انهن انڪوائرين جا نتيجا نڪرن ته پوءِ ٿا اڳتي وڌون. تعليم لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي، اسان وٽ نه پنهنجون ڏسڻ واريون ٻه اکيون آهن نه وري اها ٽين اک موجود آهي. ڳالهه سولي ۽ سادي آهي ، جيئن دنيا ۾ عالم چوندا آهن ته  ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان قوم جي تعليم تباهه ڪيو ته اها قوم پاڻمرادو تباهه ٿي ويندي.” ان لاءِ سنڌ سرڪار کي نه ٽارگيٽيڊ آپريشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، نه وري انڪوائرين جو، تعليم کي تيز ڪرڻ ۽ اسڪولن کي هلائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي. سنڌ جيڪي سورن ۾ آهي، جنهن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي ، جنهن ڪري سنڌ جو معاشرو ۽ سماج برباد ٿي رهيو آهي، ان تباهي ۽ بربادي کان بچڻ لاءِ ” ڀلي ٿورو هجي پر شروع ڪرڻ“ واري روئي تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو تعليم کاتو سنڌ جي سمورن ضلعن منجهان ڪجهه ضلعن کي ”ماڊل“ يا مثالي ضلعا بڻائي انهن جي تعليم تي سموريون توانايون وقف ڪري. اها ڳالهه ڪرڻ به گهرجي ته ”اين ٽي ايس“ سرشتي آهر ماستري جي نوڪرين جي حوالي سان گهڻو ڪري  ميرٽ جو خيال رکيو ويو آهي، جن کي به وڏي جدوجهد کانپوءِ مس مس وڃي آرڊر مليا آهن. ان سلسلي ۾ تعليم جي وزير جي خاص ڪوششن ۽ تعليم جي کاتي طرفان ماستري جي نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ بلڪل نه ڪرڻ يا گھٽ کان گھٽ ڪرڻ کي ضرور ساراهڻ گھرجي. سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ جي حوالي سان  ضروري آهي ته جاري ڪاررواين،  بند پيل اسڪولن کي کولرائي انهن ۽ ٻين هلندڙ اسڪولن ۾ مقرر استادن کي تعليم لاءِ پابند بڻائڻ واسطي تربيت جو انتظام ڪرڻ گهرجي.  تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليمي نصاب تي پڻ نظرثاني  ڪري سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي مشتمل نصاب رائج ڪرڻ ۽ استادن کي ايمانداريءَ سان نوڪري ذريعي ڪاپي ڪلچر ختم ڪرايو وڃي. جيئن پنجاب سرڪار ”دانش“ اسڪولن جي نالي سان هر تعلقي ۾ غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙي تعليم جو بنياد وڌو آهي، جنهن جا تمام وڏا ۽ بهترين اثر سامهون اچي رهيا آهن، ان لاءِ پڻ سنڌ سرڪار کي سوچڻ گهرجي. يونيورسٽين اندر سياست جي نالي ۾ جاري غنڊاگردي ۽ هٿياربند ڪلچر جو خاتمو آڻڻ گھرجي. سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ ۽ پاڪستان اندر توڙي ٻاهر معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفن جو جائز  بندوبست ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شاگردن سان جيڪا انياءَ ٿيا آهن، انهن جي خاتمي واسطي پڻ خاص ڪوششون ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *