سنڌ جا تعليمي بورڊ ۽ امتحانن ۾ هلندڙ ڪاپي جي ڌم!!!

 

سڄي سنڌ ۾ اڄڪلهه نائين ۽ ڏهين ڪلاسن وارا امتحان هلندڙ آهن، جن بابت جيڪي خبرون ميڊيا تائين پهتيون آهن ۽ ڪئميرائن جي اکين انهن نظارن کي جهڙي ريت ڏسندڙن کي ڏيکاريو آهي، تنهن کانپوءِ ته افسوس جا هٿ ملڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي، اسان جي معاشري جا سڀيئي طبقا سنڌ ۾ تعليمي معيار جي پستي، بند پيل اسڪولن کولرائڻ، اسڪولن جي عمارتن کي وڏيرن جي قبضي مان آجو ڪرائڻ ۽ گوسڙو ماسترن جي آزار بابت رڙيون ڪندا نظر اچي رهيا هئا ته ٻئي طرف هاڻ امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ واري ڪڌي رسم اسان جي تعليمي سرشتي کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪينسر جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان کي اهو ڏسي افسوس ٿي رهيو آهي ته امتحانن ۾ ڪاپي ڪنهن هڪ اڌ امتحاني سينٽر تي ٿيندي نظر نه آئي آهي، پر شايد ئي اهڙو ڪو سينٽر هجي جتي ڪاپي نه ٿي رهي هجي. اسان وٽ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحان سنڌ ۾ قائم امتحاني بورڊن پاران ڪرايا وڃن ٿا ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ مئٽرڪ جي امتحانن ۾ جهڙي طريقي سان ڪاپي ٿيندي نظر آئي آهي، ان سان ڪنهن هڪ تعليمي بورڊ کي ذميوار قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. پر سنڌ جا سڀيئي تعليمي بورڊ انهي ڏوهه جا گڏيل ڏوهاري آهن، جن هڪ سازش تحت سنڌ جي تعليمي نظام جون پاڙون کوٽڻ واري ڪم۾ ڀائيواري ڪئي آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ امتحانن دوران ڪاپي ڪرڻ وارو عمل ڪو اڄوڪو ناهي اهو مرض ايترو ته پراڻو آهي جو هاڻ ڪاپي ڪرڻ ڄڻ ته هر شاگرد جو حق بڻجي ويو آهي. اسان ڏٺو آهي ته جڏهن به امتحان ٿيڻا هوندا آهن، تڏهن سرڪاري طرح اهو ٻڌايو ويندو آهي ته امتحاني سينٽرن جي ٻاهران قلم 144 لڳايو ويو آهي ۽ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به غير واسطيدار ماڻهو کي امتحاني سينٽرن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ئي نه هوندي، جڏهن ته امتحانن جي وقت دوران فوٽو اسٽيٽ مشينن وارا دڪان بند رکيا ويندا، ظاهري طرح ته اهي انتظام چڱا نظر ايندا آهن، پر ٿيندو ان جي ابتڙ ئي آهي. شهر ۾ فوٽو اسٽيٽ مشينن جا دڪان کليل ئي رهندا آهن. قلم 144 تي عمل ٿيندو ڪٿي به نظر نه ايندو آهي ۽ حفاظتي انتظامن لاءِ مقرر ڪيل اهلڪار امتحان ڏيندڙ اميدوارن کي ڪارتوس پهچائڻ وارن ڪمن ۾ مشغول ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اڳ ته ائين ٿيندو هو ته امتحانن واري رات شاگردن جا ٽولا شهر ۾ پيا چڪر هڻندا هئا ته من ڪٿان ڪو پيپر آئوٽ ٿيئي ته جيئن اهي ان پيپر جي آڌار تي امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي سگهن جڏهن ته امتحانن کان پوءِ سرندي وارن ڇوڪرن جا مائٽ ٽيڪسيون ڀاڙا ڪري انهن استاد وٽ وڃي پهچندا هئا، جنهن استاد وٽ پيپر چيڪ ٿيڻ لاءِ ايندا هئا. جڏهن ته هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي هاڻ پيپر آئوٽ ٿيڻ جو انتظار به ڪرڻو نه ٿو پئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪاپي ڪرڻ جون سڀيئي سهولتون امتحاني سينٽرن ۾ ئي اميدوارن کي حاصل ٿي وڃن ته پوءِ انهن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو اهي پنهنجي ننڊ ڦٽائي آئوٽ ٿيل پيپر جي ڳولا ڪن. هن وقت امتحاني سينٽرن ۾ اهي سڀيئي سهولتون اميدوارن کي حاصل ٿيو وڃن ، جن جي انهن کي خواهش هوندي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان سلسلي ۾ هڪ وڏي جائزي ۽ ريسرچ جي ضرورت آ هي ته آخر سنڌ ۾ جيڪو ڪاپي جو مرض پکڙيو آهي، تنهن کي ڪهڙي ريت روڪي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ هنيئر ساڻ ئي ڪا ر ٿابندي نه ڪئي وئي ته پوءِ اسان کي تعليمي تباهي بابت و اويلا ڪرڻ لاءِ وقت ئي نه بچندو. اسان سمجهون ٿا ته جڏهن کان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مقابلي ۾ پرائيويٽ اسڪول کلڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان اسان وٽ تعليم جي تباهي جا بنياد پوڻ شروع ٿيا آهن، اهي پرائيويٽ اسڪول جيڪي تعليم جي لحاظ سان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پڙهائي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي پيل آهن، پر انهن پنهنجن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي جهڙي ريت سينگاري ۽ هڪ ”شو پيس“ ٺاهي والدين اڳيان پيش ڪيو آهي، تنهن کانپوءِ هر امير ۽ سرندي وارو ته پري جي ڳالهه آهي پر هاڻ ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور کان وٺي پٽيوالن ۽ ڪلارڪن تائين گهٽ آمدني وارا سڀيئي ماڻهو اها خواهش رکن ٿا ته انهن جو ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ ئي داخل ٿيئي جڏهن ته کين اها خبر ئي نه هوندي آهي ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ جيڪي استاد مقرر آهن، تن جي پنهنجي تعليم به مئٽرڪ ۽ انٽر تائين هوندي آهي ۽ انهن جي پگهار 15 سئو کان وڌ ۾ وڌ 5 هزارن تائين مس هوندي آهي. جڏهن ته اهڙا استاد ڇا پڙهائيندا هوندا تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو، ويتر اهي پرائيويٽ تعليمي ادارا ڏوڪڙ ڏيئي بورڊن مان پنهنجن شاگردن کي اي ون گريڊ ۽ پوزيشنون ڏيارڻ وارو ڪم به ڪندا آهن ۽ هر سال پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج ٻولي لڳائي تعليمي بورڊن کان پوزيشنون خريد ڪندا آهن، ظاهر آهي ته جڏهن تعليم ائين وڪرو ٿيندي هجي ته پوءِ سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج ڪيتري به محنت ڪن، انهن جو شاگرد ڪڏهن به اي ون گريڊ يا اي گريڊ ججهي تعداد ۾ کڻي نه سگهندو، جيترو انهن جو حق آهي. ان سلسلي ۾ هڪ تجويز اها آهي ته حڪومت کي گهرجي ته پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ ڌار تعليمي بورڊ ٺاهيا وڃن ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڪارڪردگي ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڪارڪردگي واضح نموني سامهون اچي سگهي اسان هتي اها به تجويز ڏينداسين ته امتحاني سينٽرن ۾ داخل ٿيندڙ سڀني شاگردن جي امتحاني سينٽر جي گيٽ تي ئي جهڙتي وٺي پوءِ ان کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان ممڪن آهي ته سينٽر جي اندر گائيڊون ۽ موبائيل رکڻ ڪنهن حد تائين ناممڪن ٿي پوي امتحاني سينٽرن آڏو جيڪي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ٿا تن کي سينٽر جي گيٽ تي مقرر ڪرڻ بجاءِ انهن کي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلو ميٽر پري مقرر ڪيو وڃي ۽ سينٽر جي آس پاس اڌ ڪلوميٽرن ۾ ڪرفيو جهڙي صورٽحال پيدا ڪري امتحان وٺڻ گهرجن. اهڙي ريت جيڪي استاد انويجيليٽر طور مقرر ڪيا وڃن تن جي هڪ دفعو اڳ ٽريننگ ڪرائي وڃي ۽ کين سمجهايو وڃي ته اهي ڪاپي واري عمل کي ڪهڙي ريت روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته امتحاني سينٽر جي جي جنهن به هال مان ڇاپي دوران ڪوشاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙيو وڃي ته نه رڳو اهو شاگرد ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو وڃي، پر ان هال ۾ ڊيوٽي تي مقرر استاد کي به ٽن سالن لاءِ معطل ڪيو وڃي اسان جي خيال ۾جيستائين سخت کان سخت سزائن وارو عمل شروع نه ٿيندو تيستائين سنڌ مان ڪاپي ڪلچر ختم ٿيڻ ناممڪن ئي آهي.

هن وقت مئٽرڪ جي امتحانن ۾ جيڪا وڏي پئماني تي ڪاپي ٿي رهي آهي،

ان کانپوءِ هاڻ اهي شاگرد ڪاليجن ۾ پهچندا ته پوءِ انهن جي قابليت ڪيتري هوندي ظاهر آهي ته اتي به اهي ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ جڏهن ان کانپوءِ ئي اهي يونيورسٽين ۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا تڏهن انهن جي آڏو ٿيندڙ ليڪچر ”دٻي ۾ ٺڪريون“ ئي هوندا ۽ يونيورسٽين ۽ پروفيشنل ڪاليجن جا استاد رڍن اڳيان رباب وڄائيندا رهندا ۽ ”رڍون سڀيئي ڪارپوٿاڙيون ڪنڌ هيٺ ڪري ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اهي ليڪچر ٻڌنديون رهنديون“ ۽ پوءِ ڪجهه ڏهاڪن کانپوءِ ڪتابن پڙهبو ته ڪا هئي سنڌ ۽ سنڌ و ارن جي ٻولي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *