سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي چوري ۽ وفاق پاران پاڻي گهٽ ڏيڻ بابت حڪومتي ايم پي اي اي نواب تيمور ٽالپر ٺهراءُ پيش ڪيو ،ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاق  سنڌ جي پاڻي جي شديد کوٽ جو نوٽيس وٺي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌ سان ظلم بند ڪيو وڃي. تيمور ٽالپر چيو ته  سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، زراعت کي نقصان پهچڻ سان گڏ هاڻ ته جانورن کي به پاڻي نه ٿو ملي، ان ڪري سنڌ سرڪار وفاق سان رابطو ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏياري کوٽ کي ختم ڪرايو وڃي. پاليسي بيان ڏيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، اسان کي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، ان لاءِ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهندس ۽ اجلاس لاءِ ٻن ڏينهن ۾ وفاق کي خط لکنداسين، وفاق  منهنجي پريس ڪانفرنس جو جواب  نه ڏنو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي ربيع جي فصل لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي، تربيلا ڊيم جي ليول 6 فوٽ گهٽ آهي، وفاق تربيلا ڊيم کي نه ڀري سگهيو، پر ڳالهيون پاڻي جي سرپلس جون ڪيون وڃن ٿيون  سرپلس پاڻي صرف 2010 ۾ هو، ڊيمن ۾ موجود پاڻي ترجيح بنياد تي زراعت لاءِ هوندو آهي، چشما جهلم ڪئنال مهيني کان بند آهي،  تونسا پنجند ڪئنال کي بند ڪرايو آهي، سنڌ سرڪار خلاف پاڻي تي ڳالهائيندڙ اهو به ڏسن ته 1991 ۾ پاڻي ٺاهه  ۾ اهو نه لکيو ويو هو ته  چشما جهلم لنڪ ڪئنال صرف پاڻي جي کوٽ دوران کوليو ويندو، اهو ڏٺو وڃي ته ان وقت ڪهڙي پارٽي نمائندي ان ٺاهه تي صحيح ڪئي. پاڻي جي معاملي تي وفاق آڏو آواز اٿاريو آهي،ٺهراءَ سان موقف ۾ وڌيڪ طاقت ايندي جيئن وفاق مطالبي تحت پاڻي فراهم ڪري، سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽن مهينن کانپوءِ ٿيڻو هوندو آهي، پر گذريل ڊسمبر کانپوءِ اجلاس طلب نه ڪري وفاق قانون جي ڀڃڪڙ ي ڪئي آهي، ان خلاف آواز اٿاريندس، هڪ ٻن ڏينهن ۾ سي سي آءِ اجلاس لاءِ خط لکندس، جنهن ۾ پاڻي ۽ گئس جو معاملو کڻندس.مهتاب اڪبر راشدي ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ کي وفاق آڏو مضبوط ڪيس کڻي وڃڻ گهرجي، چشما لنڪ ڪئنال ان لاءِ ٺاهيو ويو ته جڏهن پاڻي جي کوٽ هوندي ته ان کي کوليو ويندو پر اهو ڪئنال 12 ئي مهينا کليل آهي، وفاق آڏو آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ ۾ واهن تي به نظر رکي وڃي ته پاڻي ڪيڏانهن پيو وڃي، فياض ٻٽ چيو ته بدين ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري زمينون تباهه ٿي ويون آهن، هاڻي جانورن لاءِ به پاڻي نه آهي، نواز ليگ جڏهن  حڪومت ۾ ايندي آهي ته صوبن کي حصي جو پاڻي نه ملندو آهي، اهو صوبن سان ظلم آهي، ديوان چند چاولا چيو ته سنڌ جو پاڻي پنجاب بند ڪيو آهي ۽ پاڻي اسان جي زندگي ۽ موت جو مامرو آهي ان ڪري سنڌ حڪومت پاڻي بابت پنجاب سامراج آڏو سخت موقف رکي ڪامران اختر  ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ پنهنجي جاءِ  تي آهي پر ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي شديد کوٽ آهي ان لاءَ سنڌ حڪومت ۽ وفاق ڪي 4 منصوبو جلدي مڪمل ڪن، بعد ۾ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ الطاف حسين يونيورسٽين جا نالا تبديل ڪرڻ جو بل پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي پيش ڪيو، ڪراچي ۾ بڻائي ويندڙ يونيورسٽي جو نالو”عبدالستار يونيورسٽي“ جي نالي تي رکيو ويندو، ان کان اڳ سنڌ ڪابينا الطاف حسين جي نالي تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو

Author: Tariq Sandilo