سنڌي شاگردن کي ڪوٽا تحت داخلا ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ جي ڪوٽا تحت ملڪ جي ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، درخواست گذار احتشام فاروقي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي ڪوٽا تي تعليم کاتي پاران من پسند ماڻهن کي ملڪ جي ٻين يونيورسٽي ۾ داخلا ڏني پئي وڃي ۽ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، معزز عدالت سنڌ جي ڪوٽا تي ملڪ جي ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته سنڌ جي ڪوٽا تحت ميرٽ موجب ۽ انٽري ٽيسٽ وٺي داخلائون ڏنيون وڃن. سنڌ جي ڪوٽا تي ڌاڙو اڄ جي ڪا ڳالهه ڪونهي هي معاملو ڪافي وقت کان نان اسٽاپ صورت ۾ هلندو پيو اچي ڇو جو اسان وٽ اهڙيون مافيائون ۽ مفادپرست عنصر موجود آهن، جن کي ميرٽ، اصول ۽ ضابطي يا وري ڪنهن جي حق تلفي جي پرواهه ڪونهي، انهن کي جيڪڏهن ڪا پرواهه آهي ته پنهنجي مفاد جي آهي ۽ باقي ٻين جو ڀل ٻيڙو غرق ٿئي، سولي سنڌي ۾ سنڌين جو ڀل مستقبل تباهه ٿئي، هي ڳالهه ڏاڍي ڊگهي آهي ۽ تلخ حقيقت به ته سنڌ جي ڪوٽا تي رڳو تعليمي حوالي سان ڌاڙو نه پيو لڳي پر جنهن جنهن سرڪاري شعبي ۽ جنهن اداري، کاتي يا آرگنائيزيشن ۾ سنڌ جي ڪوٽا هوندي ۽ سياسي مداخلت ممڪن هوندي آهي، اتي سبڌ جي ڪوٽا تي عمل نه پيو ٿئي، سياسي دور ۾ ته پنهنجا نوازي عروج تي هوندي آهي، سنڌ جي ڊوميسائيل تي ڌاريا نوڪريون وٺي وڃن ٿا، داخلائون وٺن ٿا، پرڏيهه وڃن ٿا، مطلب ته هر موڙ تي سنڌ جي حقن جي حق تلفي ٿئي ٿي. سنڌ جي تعليمي ڪوٽا تي ڌاڙو ڄڻ ته ماڻهن جي ساڄي هٿ جو کيل هجي، بااثر ماڻهو پنهنجو سياسي اثر رسوخ ڏيکاري يا وري پئسي جي چمڪ جو فائدو وٺندي من پسند ماڻهن کي سنڌ جي ڪوٽا تي ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏياري رهيا آهن، ان ستم ظريفي جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌ جو ذهين نوجوان پوئتي رهجي وڃي ٿو ۽ ان کي ملڪ جي ڪنهن ٻئي تعليمي ادارن ۾ داخلا نٿي ملي ڇو جو ”ڪوٽا“ پوري ٿي وڃي ٿي، حد آهي ته جن جي ڪوٽا آهي انهن کي پتو ئي ناهي ۽ ٻين شهرن جي تعليمي ادارن جا در سنڌ جي نوجوانن لاءِ بند ٿي وڃن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو هونهار شاگرد مايوسي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ دل شڪسته ٿئي ٿو، نتيجي ۾ هوشياري جي جاءِ مايوسي والاري ٿي ۽ خواب چڪنا چور ٿي وڃن ٿا. اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڪوٽا تي ملڪ جي ٻين تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي مقرر نوجوانن کي داخلائون نه ملڻ تي معاملو عدالت ۾ پهتو آهي ۽ اهو ئي حقن جي حاصلات لاءِ موزون پليٽ فارم آهي، هنيئر جڏهن معزز عدالت معاملي تي حڪم جاري ڪيا آهن، انهن مان اميد جاڳي پئي آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي ان جو حق ملندو ۽ اهو بهترين تعليمي ادارن ۾ پڙهي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *