سعودي ڪابينا ۾ نواڻ

هلندڙ سال جنوري ۾ سعودي عرب جي بادشاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي لاڏاڻي تي مقرر ٿيل شاهه سليمان ملڪ جي گهرو وزير محمد بن نائف کي ولي عهد ۽ پنهنجي 30 ورهين جي پُٽ محمد بن سليمان کي نائب ولي عهد مقرر ڪيو آهي. نئين ولي عهد شاهه سليمان جي ويڳي ڀاءُ مقرن بن عبدالعزيز جي جاءِ سنڀالي آهي. سعودي ڪابينا ۾ يمن جهيڙي هلندي ان طرح جون بدليون غيرمعمولي قدم محسوس ڪيا وڃن ٿا. پرڏيهي خابرو ادارا ان کي مستقبل ۾ سعودي حاڪميت جي واڳ نوجوانن جي بلي ڪرڻ وارو عمل ڪوٺي رهيا آهن. مقررٿيل ولي عهد کي شاهي ايوان ۾ اڳ ئي اهميت حاصل آهي. ان جي عهدي ملڻ سان سعودي عرب ۾ حڪمراني جو نئون دور شروع ٿي ويندو ۽ محسوس ڪيو پيو وڃي ته اهي بدليون جنوري ۾ شاهه عبدالله جي لاڏاڻي کان پوءِ سڀ کان اهم ۽ وڏيون بدليون آهن جيڪي پنهنجي حاڪميت کي گهرو ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ کيس وڏي سهائتا ڪري سگهن ٿا. شاهه سليمان جنوري کان عهدي سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي حاڪميت جي سگهه وڌائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ پاسي ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ جي عمل ۾ تيزي آندي ته ٻئي پاسي مارچ مهيني کان ايران جي حامي يمن ۾ حوثي باغين خلاف جنگي ڪارروائي تيز ڪئي. ڪالهه بدلايل ڪابينا ۾ جيڪي وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن انهن ۾ 75 ورهين جي شهزادي سعود الفيصل کي رٽائر ڪيو ويو آهي جنهن 40 ورهين کان پرڏيهي وزارت سنڀالي هئي. ولي عهد شهزادو محمد بن نائف جيڪو 55 ورهين جو آهي تنهن جي واسطي اها ڳالهه مشهور آهي ته هو سختگير طبيعت جو حامي آهي. هن تي القاعده پاران 2009ع ۾ آپگهاتي حملو پڻ ڪيو ويو هيو، جنهن مان پار پئجي نڪتو. هن جي نسبتن ننڍي ڄمار جي ڪري ان ڳالهه جا امڪان آهن ته ايندڙ ڪجهه ورهين کان پوءِ ملڪ جو بادشاهه اهو ئي بڻجي. پنهنجي ڀائٽي کي ولي عهد ۽ پٽ کي نائب ولي عهد بڻائڻ جي خوشيءَ ۾ بادشاهه سليمان سعودي عرب جي فوج ۽ سول ملازمن لاءِ هڪ مهيني جو بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. خابرو ذريعن موجب اهو ملڪ جي فوج کي اندروني ٽينشن گهٽائڻ ۽ وفاداريون مٽائڻ جو پراڻو سعودي طريقو آهي. ان کان اڳ 2011ع ۾ جڏهن تيونس ۽ مصر ۾ ”عرب اُڀار“ نالي سان سوشل ميڊيا ۾ تيزي آئي هئي ته سعودي سرڪار فوج ۽ رٽائرڊ فوجين کي ٻن ٻن مهينن جون پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پاڪستان سرڪار کي انهن تبديلين جي باري ۾ مناسب مشاهدو ڪرڻ گهرجي ۽ آئيندي جي واسطي سفارتي ڳالهيون ۽ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. سعودي عر ۾ ٿيل انهن تبديلين جي ڪري جيڪا پاليسي تبديل ٿيڻي آهي ان رخ کي پڻ جانچڻ گهرجي ته جيئن اتي رهندڙ پاڪستانين توڙي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي راهه ۾ ڪي به خلل نه پون ۽ ڳالهه اڳي کان به بهتر انداز ۾ هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *