سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن خلاف آپريشن شروع

 

حيدرآباد لطيف آباد آباد نمبر 2 واري علائقي آٽوڀان روڊ ۽ سائٽ ايريا ۾ ريلوي جي زمين تي قائم ڪچين آبادين خلاف ريلوي ۽ حيدرآباد اينٽي انڪروچمنٽ سيل انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، انتظاميه پاران غيرقانوني حددخلين جو جواز ڄاڻائي 60 کان وڌيڪ گهر ۽ جڳهيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، سوين ماڻهو بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، آپريشن دوران رهواسين مزاحمت پڻ ڪئي، جنهن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. حيدرآباد جي ريلوي انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچميٽ انتظاميا پوليس اٽالن جي مدد سان آٽو ڀان روڊ ويجهو ريلوي جي زمين تي ڪچي آبادي ۾ گهر اڏي ويٺل ماڻهن کي اٿارڻ لاءِ ڪڙڪي پئي، انتظاميا پوليس جي مدد سان ٽريڪٽر ۽ ڪرين مشينون کڻي 60 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن دوران رهواسين پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ تي پوليس اڳيان اچي رهواسين کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ متاثر ماڻهن چيو ته هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هتي رهائش پذير آهن ۽ انهن اهي پلاٽ ريلوي انتطاميه کان ليز تي ورتل هئا، پر انتظاميه بنا ڪنهن قسم جي آگاهي ڏيڻ جي سندن گهر ڍاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ريلوي لائين ڀرسان ڪافي عرصي کان ماڻهن پاڻمرادو قبضه ڪري حددخليون ڪندي گهر تعمير ڪري ڇڏيا هئا، جنهن سان ريلوي جي لائن پڻ متاثر ٿي رهي هئي، ريلوي جي اعليٰ اختيارين جو حڪم ملڻ بعد حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ ريلوي جي زمين تي ٿيل قبضه ڇڏرائڻ لاءِ اهڙين ڪاروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ميگهي جي خودڪشي ۽ اصل حقيقتون…!

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ناٿڙي ۾ مبينا وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ 21 ورهين جي ميگهي زال ڏيوت ڀيل جو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي،فوتي ناري جي واثن خودڪشي جي واقعي کي اتفاقي قرار ڏيڻ وارو بيان پوليس وٽ رڪارڊ ڪرايو،خودڪشي يا قتل وارو معاملو سنڌ اسيمبلي فلور تائين به پهچي ويو آهي، جتي معاملو سمورن ميمبرن جي غور هيٺ آيو ۽ اسپيڪر سراج دراني به نوٽيس ورتو آهي، ايوان ۾ معاملو پهچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي نئين سر جاچ ڪرڻ جو حڪم  ڏنو آهي، جاچ ٽيم جوڙڻ جو به حڪم ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ ايم ڪيو  ايم جي ايم پي اي پونجو مل ڀيل ٻڌايو ته مون ميگهي ڀيل جي معاملي کي آواز سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو آهي، ٿر ۾ جعلي ڀوپا وڌي ويا آهن، ٻڌايو آهي ته عورت کي ڌاڳون  ڏئي ڀوپي هراسان ڪيو، جنهن بعد هن خودڪشي آهي، هاڻي رهيل حقيقي جاچ ڪئي وڃي ته معاملو ڇا آهي، باقي عورت هرو ڀرو خودڪشي نه ڪندي، جاچ ڪري اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن، سنڌ اسيمبلي جي باقي ميمبر ۾ پونجي ڀيل جي پيش ڪيل معاملي تي ڌيان ڏيندي چيو آهي ته ناري جا وارث ڪيس داخل ڪرائين ته جاچ ۾ خبر پئجي  ويندي، هوڏانهن  رابطي تي ايس ايڇ او مٺي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو ٻڌايو ته پهرين اسين واقعي واري هنڌ وياسين ته وارثن بيان رڪارڊ ڪرائي اتفاقي واقعو قرار ڏنو، هاڻي خبر پئي آهي ته اصل معاملو ٻيو آهي، وڌيڪ جاچ شروع ڪيون ٿا خبر پئجي ويندي، جيڪڏهن وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته اسين ڪيس به داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *