سامونڊي طوفان ۽ انتظامن جي کوٽ

سامونڊي طوفان نيلوفر سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ خواف ڇائنجي ويو آهي، ڪيترن ئي علائقن مان مڇي جي شڪار لاءِ ويل مهاڻن جا وارث پريشاني جو شڪار آهن. ماهرن ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين سميت ٿر تي طوفان جو اثر ٿيڻ جو انديشو ڏيکاري ڇڏيو آهي. سنڌي سمنڊ ۾ موجود نيلوفر طوفان ڪراچي کان لڳ ڀڳ 11 سئو ڪلوميٽر پري موجود آهي. جمعي تائين سنڌ جي سامونڊي پٽي سان طوفان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪراچي ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. سائيڪلون وارننگ سينٽر جي عملدار عبدالقيوم ڀٽو چيو ته طوفان سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪناري کي سڌي طرح نه لڳندو. پر 100 ملي ميٽر تائين برسات پوندي. هن چيو ته ميرپورخاص، ٿر، بدين، ٺٽي ۽ سجاول کي خطرو آهي. طوفان سنڌ ۽ بلوچستان پهچڻ وقت تيز ٿيڻ جو به امڪان آهي. 24 ڪلاڪن ۾ طوفان ۾ تيزي اچي سگهي ٿي. تاج حيدر چيو ته ڪراچي ۾ سي ويو تي حفاظتي ڀت لڳل آهي، باقي ٺٽي ۽ بدين 45 ڪلوميٽر اندر تائين پاڻي وڃي سگهي ٿو، جنهن لاءِ بندوبست ڪيا ويندا. سامونڊي طوفان نيلوفر جي هنگامي اعلان بعد  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ابراهيم حيدري جي بندرگاهه تي مڇي جي شڪار لاءِ عربي سمنڊ ۾ ويل 3 هزار لانچن، هوڙن ۽ ٻيڙن ۾ سوار 15 هزار ماهي گير باحفاظت بندرگاهه پهچي ويا، ڪراچي ٺٽو، بدين سميت سامونڊي جذيرن ۾ ڦاٿل ماهيگيرن کي ميرين ٽائم ۽ پاڪستان فشرفوڪ فورم جي رضاڪارن حفاظتي هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پي ايف ايف وائرليس ذريعي باقي ڦاٿل سمنڊ اندر ماهيگيرن کي اطلاع ڏنو. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو ته ماهيگيرن جو هڪ وڏو انگ جنهن بابت ماهيگير تنظيمن 50 هزار کان وڌيڪ ماهيگير ٻڌايا ويا سي اڃا سامونڊي اهڙين حدن اندر هئا جن کي وائرليس ذريعي اڃا اطلاع ناهي مليو سي اڃا سمنڊ اندر آهن. ماهيگيرن جي سماجي تنظيم پي پي ايف پاران ابراهيم حيدري ۾ هڪ هنگامي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي جتي ماهيگيرن کي درپيش خطرن ۽ باحفاظت طور بندرگاهن تي پهچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن. اهو مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رهندو، ان مرڪز جي فريڪوئنسي حد بلوچستان جي اورماڙا کان ٺٽو، بدين ۽ سامونڊي جذيرن تائين پکڙيل آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سمنڊ ۾ ڦاٿل مهاڻن کي واپس موٽائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا وڃن ان سان گڏوگڏ نيلوفر جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي خاص ڪري انهن علائقن ۾ سخت بندوبست ڪيا وڃن جن علائقن کي وڌيڪ خطرو درپيش آهي، ان سان گڏوگڏ سمنڊ ويجهو آباد آبادين جي رهواسين کي به گهرجي ته امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي پنهنجي جانين جي حفاظت لاءِ ڪنهن محفوط هنڌ ڏانهن منتقل ٿي وڃن ته جيئن ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *