رينجرز جي درخواست، آءِ جي سنڌ به غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث نڪو

سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ رينجرز پاران ڌار ٿاڻا قائم ڪرڻ، جاچ ۽ پراسيڪيوشن جا اختيار ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت چيو آهي ته سي آر پي سي تحت اهي اختيار پوليس کي ئي حاصل آهن، رينجرز کي پوليس وارا اختيار ڏيڻ توڙي رينجرز جو مدو وڌائڻ عدالت جي اختيار ۾ ناهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اهو معاملو حل ڪن،

سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ۾ جاچ پوليس جي فنڊن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڊي آءِ جي ثناءَ الله عباسي، ڊي آءِ جي اي ڊي خواجه ۽ ڊي آءِ جي سلطان خواجه پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾  ڄاڻايو  ويو آهي ته آءِ جـِي سنڌ، ڊي آءِ جِي فنانس فدا حسين شاهه، ڊي آءِ جي مظهر شاهه، ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو سميت 7 پوليس آفيسر غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث آهن، جاچ ونگ فنڊ 99 سيڪڙو روڪ رقم جي صورت ۾ جاري ڪيا ويا . حيدرآباد ريزرو پوليس ۾ 2012 کان 2015 دوران انهن اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو، جن جي عمر وڏي هئي، جڏهن ته ڪجهه اميدوار جسماني ٽيسٽ ۾ فيل به هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي ريزرو پوليس ۾ 794 جاين تي 993 اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو. سکر ريزرو پوليس ۾ 574 اميدوار ڀرتي ڪيا ويا، جڏهن ته ڀرتيون پئسن عيوض ڪيون ويون. رپورٽ ۾ ڊي آءِ جي فنانس فدا حسين شاهه، آءِ جي غلام حيدر جمالي، ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو، ڊي آءِ جي مظهر شاهه ، اعتزاز احمد گوريا، سيد سلمان شاهه ۽ انسپيڪٽر اسلم لانگاهه کي غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته 2013 ۾ 85 جاين تي 393 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا جڏهن ته ڀرتين جا اشتهار ڊمي اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا، اميدوارن جي ڇاتي ۽ ڊيگهه ساڳي ڏيکاري وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اميدوار جي عمر 47 سال هئڻ باوجود کيس ڀرتي ڪيو ويو، جڏهن ته ڀرتين ۾ ڊي آءِ جي ايس آر پيز کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو. رپورٽ ۾ فنڊن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ فنڊ جي 99 سيڪڙو رقم روڪ جاري ڪئي وئي جنهن تحت مٽياري ضلعي کي 2 ڪروڙ 23 لک، ڪشمور هڪ ڪروڙ 31 لک، مٺي کي 49 لک اهڙي طرح دادو سميت مجموعي طور 21 ڪروڙ رپيا روڪ رقم جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيشل برانچ کي به 50 لک رپيا جاري ڪيا ويا، جيڪو غيرقانوني عمل آهي ۽ اها برانچ جاچ ونگ ۾ نه ٿي اچي. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جاچ ونگ فنڊ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رڳو ڪراس چيڪ ذريعي ئي فنڊ جاري ڪري سگهجن ٿا.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد رماڪس ڏنا ته سرڪاري پئسو روڪ جاري ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي عدالت کي ٻڌايو ته غيرقانوني ڀرتين بابت آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي .

جاچ ڪميٽي ۾ شامل آفيسر پاڻ غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث آهن،جنهن ڪري ٻئي ڪميٽي جوڙي وڃي، جن جو ان معاملي سان ڪو واسطو نه هجي. حيدرآباد ۾ 500 غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙن اهلڪارن کي برطرف ڪيو آهي ،. جڏهن ته شڪارپور، سکر ، حيدرآباد ۾ جعلي ڀرتي ٿيندڙن کي هٽايو ويو آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس خلجي عارف حسين رمارڪس ڏنا ته ان جو مطلب ته اداري جو سربراهه ئي غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *