رليون ٺاهيندڙ مائي الهه وڌائي سان انصاف ڪير ڪندو.؟

 

ڏهرڪي ويجهو ٽن وحشين هڪ پورهيت ماءُ ۽ ان جي پورهيت ٻارڙي کي لڄالُٽ کان پوءِ ٻنهي مظلوم عورتن سان ٿيل زيادتيءَ جا پار پتا ۽ حوس جون نشانيون لڪائڻ لاءِ  باهه ڏئي ڇڏي. ٻارڙي 12 ورهين جي شميا ساڳئي ڏينهن رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ماءُ به زندگيءَ ۽ موت جي جنگ ۾ ساهه جون هڏڪيون کڻڻ لڳي. اها ڳالهه ميڊيا جي آڏو تڏهن آئي آهي جڏهن زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي بيوس بڻايل ، رليون ٺاهيندڙ مائي الهه وڌائي هوش ۾ آئي، تنهن پنهنجي اولاد کي ٿيل ڪلور جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. مائي الهه وڌائي ڏهرڪي پهچي ميڊيا کي بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ٽن وحشين نورحسن، گل ۽ هاشم موچي مبينه طور کين بي هوش ڪري منهنجي معصوم ڌي شيما ۽ مون کي لڄا لٽ بعد ڏوهه لڪائڻ لاءِ اسان ٻنهي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڌي جي فوت ٿيڻ بعد مان به جيئڻ نه ٿي چاهيان. چاهيان ٿي جوابدارن کي پنهنجي حياتي ۾ ڦاهي تي لٽڪندو ڏسان. پوليس ۽ ڀوتار ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ائين ڪيو ويو ته سڄو خاندان باهه ڏئي پنهنجي انت آڻيندو. الهه وڌائي جو پٽ صادق سولنگي واقعي خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي جنهن تي کينجهو پوليس کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

اهو واقعو لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ ٿيو هيو. جي مائي الهوڌائي سڙي مري وڃي ها يا ڊاڪٽرن جي مدد سان 26 ڏينهن کانپوءِ کيس هوش نه اچي ها ته رڪارڊ تي اها ڳالهه ايئن چئي وڃي ها ته ”اتفاقي باهه ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ سڙي مري ويون“ ان کان اڳيان جي پوليس زيادتي ٿيل ننگري جي ڀاءُ صادق سولنگي جي فرياد داخل نه ڪري ها يا سيشن ڪورٽ ۾ اها دانهن نه ٻڌي وڃي ها ته به اها ڳالهه ايئن ئي لئي مٽي ٿي وڃي ها، جيئن تر جا رهزن وڏيرا ان کي لئي مٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ان شخص کي به شاباس هجي جنهن انهن ٻنهي سڙيل ۽ زخمي ٿيل ۽ اڌ مئل عورتن کي ڏهرڪي ۽ پوءِ رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. پر ڪالهه جي ”چڱائي“ جي بنياد تي ڪنهن به بڇڙائيءَ کي بچائڻ وڏو ڏوهه آهي. اها چڱائي ئي نه چئبي جيڪا رڳو ان نيت سان ڪئي وڃي ته اڳيان هلي ان مان کين ڪو ثمر ملندو.

ڏهرڪي ۾ ٿيل ان انسانيت سوز ۽ جيءُ جهوريندڙ واقعي بابت الهه وڌائيءَ جي ڪل مايا سندس پورهيو آهي. هو انتهائي غريب خاندان سان تعلق رکي ٿي. جنهن ۾ سندس نياڻيون ڏينهن رات پورهيو ڪري رِليون ٺاهينديون آهن. جيڪي رليون ڏهرڪي شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آهن. انهن پورهيت عورتن سان ٽن ڄڻن ”کينجهو جي ڳوٺ“ ۾ نشو ملايل چانهه پياري زيادتي ڪئي آهي. ان ۾ نوجوان نينگري زيادتي ۽ صدمي سبب هڪ ڏينهن به جالي نه سگهي آهي ۽ مائي الهوڌائي به موت جي ڪناري تي بيهاري وئي آهي.

ان واقعي جو فيصلو جلد ٿي سگهي ٿو. ان جو انصاف به تڪڙو ملي سگهي ٿو. قانون جي مدد ۾ سڙي مري ويل نينگري ۽ ان جي ماءُ جا جسم گواهيءَ لاءِ موجود آهن. پر رڪاوٽ آهن اسانجي سماج جا اهي ماڻهو جيڪي عورت کي ئي ڪجهه نه ٿا سمجهن ته انهن جي ٿيل لڄالٽ کي وري ڇا سمجهندا هوندا. جيڪي انسانن کي پکين ۽ تترن وانگر شڪار ڪندي خوش رهن ٿا، انهن جي آڏو انساني زندگي، عزتون، عورتون، قانون، انصاف ۽ عدالتون ٻئي نمبر جون بيڪار شيون آهن.

ان ڪيس جي روشنيءَ ۾ سنڌ سرڪار تي لازم بيهي ٿو ته جن به ڏوهه ڪيو آهي، تن کي قانون آهر سزا ملڻ گهرجي. سنڌ سرڪار تي لازم آهي ته انهن هٿن ۽ راڄوڻي ڪوششن کي به روڪائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري جيڪي ڪوششون چاهين ٿيون ته ” هي ڌڪ پچائي، وري ڪنهن ٻي عورت جو شڪار ڪجي“. هڪ دفعو انهن وحشين کي سندن ڪيل زيادتي ۽ ان جي عيوض ساڻن ٿيندڙ حساب ڪتاب جو رواج کليو ته پوءِ ڪنهن به طرح ، ڪنهن به الهوڌائي ۽ شيما جي شرير سان ڪير به راند ڪري نه سگهندو. ڪير به انهن کي آلن اُلن جي حوالي نه ڪري سگهندو. ڪير به قانون، انصاف ۽ سرڪار سان مذاق نه ڪري سگهندو. ڪير به خون ڦٻائي نه سگهندو.کينجهو جو پوليس وارو، گهوٽڪي جو جج صاحب ۽ گهوٽڪي جا انسان دوست عوام شيما ۽ الهواڌيئي جو ساٿ ڏين. انهن جي مدد ڪن. انهن جا ڀرجهلو ٿين. مائي الهوڌائي سماج کان ٻيو ڪجهه نه ٿي گهري، هو ڪابه رعايت نه ٿي طلبي، هن کي رڳو پنهنجي پورهيت ڌيءَ سان ٿيل نااصافيءَ خلاف انصاف گهرجي. هن کي قانون حرڪت ۾ نظر اچڻ جي خواهش آهي. ان خواهش ۾ اها تمنا ۽ اميد به رکيل آهي ته ڪنهن ڏينهن رڳو زيادتي ڪندڙن کي سزا ملڻ جو رواج پئجي وڃي، ڪنهن به نياڻيءَ تي ميري اک رکڻ وارو ڪير به نه هجي، ڪنهن ڏينهن زيادتي ڪندڙن جا حامي ڪي به وڏيرا سرزمين تي موجود نه هجن ۽ انصاف وڏي واڪي شيما ۽ الهوڌائي سان زيادتي ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *