دهشتگردي ڪٿي دنگ ڪندي ….

                 ڪو وقت هو، جڏهن هن ملڪ ۾ هر طرف خوشحالي، امن ۽ سڪون جو راڄ هو، پر خبر ناهي ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي راڄڌاني واري شهر کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون جو روزانو شهر جي مختلف رستن تي رت جي هولي کيڏندي نظر آئي آهي، وحشي صفت درندن ڪيترن ئي مائرن جون هَنجون خالي ڪري ڇڏيون ۽ عورتن کان سندن سهاڳ ڇِني ڇڏيا. ملير جي علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 6 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جن جي قبضي مان 6 ڪلاشنڪوف، 6 پسٽل، هينڊ گرنيڊ ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل طالبان ڪمانڊر جي سڃاڻپ تحريڪ طالبان جي سربراهه حڪيم الله محسود جي ويجهي ساٿي طور ڪئي وئي،  جيڪو وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ پڻ ملوث رهيو، اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل طالبان ڪمانڊر احمد خان آمريڪي ڊرون حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو، ان ڪري علاج لاءِ کيس وزيرستان مان ڪراچي آندو ويو. اها خبر پڙهڻ سان ڪيترو ته افسوس ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ دهشتگرد نه رڳو لڏپلاڻ ڪري اچي پناهه وٺن ٿا، پر اتي انهن جي تيمارداري پڻ ڪئي وڃي ٿي. وزيرستان ڪراچي سان لڳو لڳ ته ناهي، پوءِ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن دهشتگردن کي ڪراچي ايندي رستي ۾ ڪا رنڊ روڪ به ناهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ضرب عضب آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ دهشتگردن نه رڳو افغانستان جو رُخ ڪيو، پر انهن يقينن بلوچستان جي پهاڙي علائقن ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روپوشي اختيار ڪري پناهه ورتي، جيڪي وقت بوقت ڪارروايون ڪندا رهن ٿا. اسان وٽ رڳو قلم ئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ حصو وٺي سگهون ٿا، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي، ان ڪري اها سيڪيورٽي فورسز جي ئي ذميواري آهي ته دهشتگردن جو نه رڳو خاتمو آڻي، پر انهن جي ٺڪاڻن، پناهگاهن ۽ انهن کي مالي مدد فراهم ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪري. ملڪ ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين انهن خلاف مضبوط ۽ منظم طريقي سان آپريشن جاري رکڻ گهرجي. دهشتگردن جا مقصد رياست خلاف آهن، ان ڪري انهن جو خاتمو ضروري آهي، اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ سمورن دهشتگردن جي خاتمي جو سال ثابت ٿئي. دهشتگردي جي خاتمي سان ئي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي راهه شروع ٿئي ٿي، دهشتگردن ملڪ ۾ هر مذهب سان تعلق رکندڙ عبادتگاهن، تعليمي ادارن ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي. اسان سمجهون ٿا ته پاڪ فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف ڀرپور عزم سان جنگ وڙهي رهيا آهن، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن ساراهه جوڳو آهي، پر ساڳئي وقت اها ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته دهشتگرد ملڪ جي مختلف حصن ۾پکڙيل آهن، جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ۽ عوام کي هر وقت دهشتگردي جو خطرو رهي ٿو. بهرحال، دهشتگردن خلاف جنگ ته جاري رهندي، پر ان جي باوجود اها اُميد باقي آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ضررو امن قائم ٿيندو، دهشتگردن جو تعلق ڪنهن به مذهب سان ناهي هوندو، بيگناهه ماڻهن جو خون وهائيندڙ درندن جو تعلق رڳو دهشتگردي سان ئي هوندو آهي، جنهن جي سزا به عبرتناڪ هجڻ گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *