دهشتگردي جو سبب بڻيل آمريڪا…!!

گذريل آچر ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل 29 نقاطي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ون بيلٽ ۽ ون روٽ جي منصوبي جي سپورٽ ۽ آجيان ڪريون ٿا ۽ عالمي تعاون جي لاءِ مئي 2017ع ۾ چين ۾ منعقد ٿيندڙ ون بيلٽ ۽ ون روٽ فورم جي ڪاميابي کي ساراهيون ٿا.پاڪستان، چين، روس، ترڪيءَ،ايران ۽ افغانستان علائقائي سلامتي، خودمختياري ۽ آزادي جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جو تعلق ڪنهن به مذهب، قوميت، تهذيب، ثقافت يا نسلي گروپ سان نه ڳنڍڻ گهرجي، دهشتگردي اسان جي ملڪن سميت پوري دنيا جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، اسان ان جي ڪنهن به قسم جي مذمت ڪريون ٿا، اسان جي حڪومتن کي گهرجي ته اهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ۽ گڏيل قدمن ذريعي عملي  ۽ ٺوس قدم کڻن، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ڪڍن، دهشتگردي جي نظرين جي پکيڙ ۽ پروپئگنڊه جي روڪٿام جو موثر تعاون ضروري آهي.  پڌرنامي ۾ دهشتگردن پاران پارليامينٽ تي حملي جي مذمت ڪندي اهڙن ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 15 جولاءِ تي ترڪيءَ ۾ فوج پاران اقتدار تي قبضي جي ڪوشش جي مذمت ڪندي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ ترڪيءَ سان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. گڏيل پڌرنامي ۾ القدس جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي قدمن ۽ فيصلن جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو ته وچ اوڀر جي مسئلي جو حل عالمي قانون موجب هجڻ گهرجي. پڌرنامي ۾ عراق ۽ شام ۾ داعش جي شڪست جي ڏس ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي آجيان ڪندي چيو ويو آهي ته خطي جي ملڪن جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ داعش هڪ سنجيده خطرو آهي ۽ ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. گڏيل پڌرنامي ۾ تشدد جي خاتمي ۽ شامي بحران جي سياسي حل لاءِ آستانه فريم ورڪ جي آجيان ڪئي وئي آهي. هڪ ملڪ کي ٻين رياستن پاران هڪ طرفي يا اضافي علائقائي قانون جيڪي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي نفي هجن ۽ خودمختياري ۽ آزادي جي خلاف ورزي هجن، انهن جي استعمال کي رد ڪريون ٿا. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي ته ڳالهين، اعتماد سان دهشتگردي جي گڏيل چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد ڪئي وڃي. پڌرنامي ۾ ڊگهي مدي واري سفارتڪاري، بشمول پارلياماني سفارتڪاري جي حوصلا افزائي جو عزم ڪيو ويو آهي. پڌرنامي ۾ ملڪن معاشرن ۽ عوام جي سطح تي اقتصادي ترقي جي لاءِ رابطا وڌائڻ جي لاءِ ڪوششن تي رضامندي جو اظهار ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ اسپيڪرز ۽ وفدن جي سربراهن پاڪستان پاران اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڀرپور ۽ گرمجوش ميزباني تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ٿورا مڃيا. وفدن جي سربراهن ۽ اسپيڪرز ايندڙ سال ٻي اسپيڪرز ڪانفرنس تهران ۾ منعقد ڪرائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *