دهشتگردن کي فنڊنگ ڪندڙ ڪير آهن…………..؟

گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي،جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ ملڪ جي اندرين،ٻاهرين ۽ علائقائي  صورتحال سوڌو افغانستان مفاهمتي عمل جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪ چين لنگهه رٿا جي سيڪيورٽي جو به تفصيل سان جائزو ورتو ويو.پاڪ فوج جي ترجمان مطابق ڪانفرنس دوران آپريشن جي نتيجي ۾ قبائلي متاثرن کي عزت سان واپس گهرن ڏانهن موڪلڻ تي به بحث ڪيو ويو.ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته ملڪ جي اندرين دهشتگردن جا حامي ۽ سندن مدد ڪندڙ موجود آهن،جيڪي انهن کي تحفظ ۽ پناهه ڏئي رهياآهن،جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جو ڳجهيون ايجنسيون به انهن دهشتگردن کي فنڊ ڏئي رهيون آهن.جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان آپريشن ضرب عضب ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ گهڻي عرصي تائين امن لاءِ پُر اميد آهيان،اسان پاڪستان جي خوبصورت زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ۽ صاف ڪنداسين.دهشتگردن خلاف ويڙهه هڪ منجهيل ويڙهه آهي،دهشتگردي خلاف گڏ ۽ هڪ  ٿي وڙهڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *