دهشتگردن پاران ملندڙ ڌمڪيون ۽ سيڪيورٽي انتظام

 

سنڌ ۾ اسڪولن کي ڌمڪيون ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اسڪولن پر اتان جي آسپاس وارن علائقن ۾ به خوف ۽ هراس واري صورتحال ڇانيل آهي، اهو ان ڪري ته پشاور ۽ شڪارپور سانحن جا مثال اسان سڀني جي سامهون آهن ۽ هاڻي جڏهن به ڪا مشڪوڪ سرگرمي ڏسڻ يا ٻڌڻ وٽان ملي ٿي ته ماڻهو جو ساهه مٺ ۾ ٿيو وڃي، پشاور سانحي کي مشڪل سان 2 مهينا پورا ٿيا ته وري شڪارپور جو سانحو پيش آيو ۽ اڃا شڪارپور سانحي جا زخم تازا ئي آهن ته مختلف اسڪولن ۽ عبادتگاهن کي ٽارگيٽ بڻائڻ جون ڌمڪيو ملڻ شروع ٿي ويون آهن، انهن ڌمڪين ۾ ڪيتري صداقت آهي ۽ ڪيتري قدر افواهه آهن، اهو الڳ معاملو آهي پر هڪ ڳالهه ضروري آهي ته دهشتگرد حلقا اهو چاهين ٿا ته هن ملڪ ۾ دهشت ۽ خوف واري فضا قائم رهي، ماڻهو پاڻ کي محفوظ نه سمجهن ۽ ظاهر آهي ته جڏهن تحفظ جو احساس ئي نه هوندو ته پوءِ ترقي ۽ تعمير ڪيئن ٿي سگهندي؟! پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ تعليمي ادارن ۽ اسڪولن جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا ويا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي ته اسڪولن کي محفوظ بڻائجي پر دهشتگردي جا قائل حلقا پنهنجي ناپاڪ ارادن جي تڪميل لاءِ شرانگيز سرگرمين ۾ مصروف آهن ۽ تازو خانپور مهر، سڪرنڊ ۽ جاتي ۾ اسڪولن ۽ مسجدن کي بمن سان اُڏائڻ وارين ڌمڪين تي ٻڌل خط مليا آهن، جنهن کانپوءِ هڪ قسم جي خوف واري فضا آهي، اهو ماحول رڳو انهن جاين تي ناهي جتي ڌمڪين وارا خط مليا آهن پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به اهڙي صورتحال آهي، خاص ڪري شڪارپور سانحي کانپوءِ ته معمولي افواهه تي ٿرٿلو مچي وڃي ٿو ۽ بازارون ويران ٿي وڃن ٿيون ڇاڪاڻ جو دهشتگرد ڪٿي به ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ثابت به ٿيو آهي ته موقعي جي تاڙ ۾ ويٺل ملڪ دشمن وجهه ملڻ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، دهشت ۽ خوف وارو ماحول ڪراچي کان سنڌ جي ٻين شهرن تائين پکڙجي رهيو آهي، هر شهر کي خوف جي چنبي ۾ ڄڻ ته رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي هجي، هاڻي ته ان حد تائين عدم تحفظ آهي جو ماڻهو شهرن جي بازارن، عبادتگاهن ۾ پاڻ کي خطري ۾سمجهن ٿا، اسان وٽ سيڪيورٽي انتظامن جون دعوائون ٿينديون رهيون آهن، پر انهن انتظامن باوجود المناڪ واقعا پيش اچن ٿا، ان ۾شڪ ڪونهي ته سرڪار جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته دهشتگردي کي پاڙان پٽيو وڃي پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سيڪيورٽي اپاءَ حقيقي معنيٰ ۾ فول پروف هجن، شڪارپور سانحو به غفلت سبب پيش آيو، ڇو جو سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار نه هئا ۽ جي هجن ها ته وڏي تباهي نه ٿئي ها، هاڻ به اسڪولن جي حفاظت جي هر ممڪن ڪوشش ٿي رهي آهي اسان جي گذارش آهي ته عبادتگاهن کي ملندڙ ڌمڪين کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ حفاظتي اپائن کي اثرائتو بڻايو وڃي.

،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *