دهشتگردن خلاف سياسي، لساني ۽ فرقي جي فرق بنا آپريشن ڪرڻ فيصلو

 

آرمي چيف جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي کي فعال ۽ فيصلن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس سڏائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، فيصلن تي به عمل جي خاطري، ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن جي داخلي رستن تي رينجرز ۽ پوليس سان گڏ ايف سي اهلڪار به مقرر ڪرڻ، بندش پيل تنظيمن، ڏوهارين ۽ ملڪ دشمنن سان رابطي ۾ رهندڙن خلاف سخت ڪارروائي ۽ پوليس سميت مختلف ادارن ۾ آفيسرن جي مقرري ايپڪس ڪميٽي ذريعي ڪرڻ جا فيصلا، اربع واري ڏينهن اسماعيلي برادري جي بس تي حملي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، آءِ جي سنڌ پوليس غلام قادر جمالي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوه، ڊي جي ايم آءِ ۽ ٻيا اهم فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائنده شريڪ ٿيا، ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف صوبائي ايپڪس ڪميٽي فعال نه هئڻ ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي ضرورت صرف ان وقت محسوس ڪئي ٿي وڃي، جڏهن ڪو وڏو واقعو ٿئي ٿو، قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اڳ وارن فيصلن تي عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن بعد ايپڪس ڪميٽي جي فعال بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته هر هفتي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ فيصلن تي عمل جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ڪراچي سميت سنڌ سموري ضلعي هيڊڪوارٽرن جي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪري پوليس ۽ رينجرز سان گڏ ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا ۽ اهي چوڪيون سمورن سيڪيورٽي ادارن جون گڏيل چوڪيون هونديون، جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ سنڌ حڪومت، گهرو کاتو، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪندا، جڏهن ته دهشتگردن ۽ بندش پيل تنظيمن خلاف به گڏيل طور انٽيليجنس بنيادن تي ڪاروايون ڪيون وينديون، ڏوهارين خلاف آپريشن سياسي، لساني، مذهبي ۽ فرقيواريت کان بالاتر ٿي ڪيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر جي ٻاهرين علائقن، جتي پوليس گهٽ آهي، اتي انٽيليجنس جو نظام سخت ڪيو ويندو، ڪراچي آپريشن کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سڀئي ادارا گڏجي ثبوت ڪٺا ڪندا، جيئن ڏوهاري عدالت مان آزاد نه ٿي سگهن، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ ضرورت پوڻ تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ ايف سي ۽ فوج به مڪمل تعاون ڪندي، اجلاس ۾ جيلن جي سيڪيورٽي ۽ اتي بند ڏوهارين جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ جيلن ۾ ڪيمرائون ۽ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ تي به غور ويچار ٿيو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي داخلي رستن سان گڏ ٻين لنگهن تي به اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته سامونڊي رستن جي نگراني به سخت ڪئي ويندي، آپريشن جي ڪري ڏوهاري ڪراچي مان فرار ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ڪياماڙي، ابراهيم حيدري، ٺٽي ۽ گوادر سميت سموري سامونڊي پٽي تي نگراني وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فيصلو ڪيو ويو ته سمنڊ ۾ صرف رجسٽرڊ مهاڻن کي ڇڏيو ويندو، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ ڪوسٽ گارڊ کي ريڊ الرٽ ڪيو ويندو، اجلاس ۾ سمنڊ ۾ هلندڙ ڀاڙي جي موٽر ٻيڙين تي غور ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته حالتون بهتر ٿيڻ تائين سير تفريح وارين موٽر ٻيڙين تي پابندي لڳائي ويندي، ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪري مدرسا ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ مشرف دور ۾ پيرول تي آزادي بعد فرار ٿي ويل ڏوهارين جي گرفتاري ۽ بندش پيل تنظيمن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردن جي مالي مدد جا ذريعا معلوم ڪري انهن کي ختم ڪيو ويندو، ان کان سواءِ شهر جي ٻاهرين علائقن ۾ به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻي پاسي وڏي وزير قائم علي شاهه هي نشاندهي تي اهو فيصلو ٿيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ لکين افغاني پناهگيرن سميت ٻين غيرملڪين جي فوري واپسي لاءِ به قدم کنيا ويندا، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ٿيندڙ هر فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، ان کان سواءِ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پوليس سميت مختلف ادارن ۾ آفيسر ايپڪس ڪميٽي ذريعي ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا، ذريعن موجب ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن باوجود ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري رهي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن ۽ آفيسرن امن لاءِ جان جون قربانيون ڏنيون آهن، پوليس کي فوج جي رٽائرڊ آفيسرن کان تربيت ڏياري رهيا آهيون، پوليس کي سهولتون به ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو ته دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران سياسي. مذهبي ۽ لساني دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو وڃي، آپريشن جو دائرو وڌائيندي انهن جي مددگارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرايو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *