دهشتگردن جي ور چڙهيل برسلز

برسلز ۾ ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ صدارتي محل ويجهو هڪٻئي پٺيان 7 ڌماڪا، 37 ڄڻا مارجي ويا، 100 کان وڌڪ زخمي، پرڏيهي ميڊيا موجب بيلجيم جي گادي واري شهر برسلز ۾ زيوينٽم ايئرپورٽ تي آمريڪي ڪائونٽر ويجهو 2 زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي، ايئرپورٽ ڌماڪي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ يورپي يونين انسٽيٽيوشن ويجهو ميٽرو مال بيڪ اسٽيشن تي هڪٻئي پٺيان 4 ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، صدارتي محل ويجهو به هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ڌماڪن کانپوءِ ايئرپورٽ جي عمارت خالي ڪرائي ان کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو.

ايندڙ سمورين اڏامن جو رخ به مٽرايو ويو، ايئرپورٽ ۽ ميٽرو ڌماڪن بعد سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، فوج کي به طلب ڪيو ويو، پارليامينٽ ۽ وزيراعظم هائوس کان علاوه وزيراعظم جي رهائشگاهه کي به خالي ڪرايو ويو،  يورپي يونين جا سمورا اجلاس ملتوي ڪيا ويا، فرانس ۽ بيلجيم جي سرحد کي سيل ڪيو ويو، پارليامينٽ هائوس سميت ڪيترين ئي اهم عمارتن ٻاهران اضافي نفري مقرر ڪئي وئي، ايئرپورٽ جي لائونچ تان 2 آپگهاتي بيلٽ ۽ رن وي وٽان هڪ بم هٿ ڪيو ويو،  حملن بعد سرچ آپريشن ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ٽن شڪي حملي آورن جون تصويرون جاري ڪيون ويون،

بيلجيم جي وزيراعظم چارلس مائيڪل گادي واري شهر برسلز ۾ ٿيل بم ڌماڪن تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، عوام کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بيلجيم جي وزيراعظم چيو ته هي وقت اسان جي ملڪي تاريخ جو تمام اونداهو ۽ خراب وقت آهي، اسان تمام ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڌماڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ زخمي ٿيا آهن، جنهن جو ڊپ هو اهوئي ٿيو.

اسان انڌن حملن جو نشانو بڻجي وياسين، اسان کي هن وقت ٻڌي ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي، عوام کي موجوده صورتحال ۾ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. بيلجيم جي وزيراعظم پاران ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته برسلز ايئرپورٽ هڪ ڏينهن لاءَ بند رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

وقت به وقت هر ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهن ٿا جن ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا وڃن، نه ٻارن کي ڇڏيو وڃي ٿو نه عورتن کي هاڻي ڳالهه مٿي کان چڙهي وئي  آهي ان ڪري پري دنيا کي کي هڪ آواز ٿي دهشتگرد پيدا ڪندڙ فيڪٽرين کي تباهه ڪرڻ  گهرجي نه رڳو اجلاسن  ۽ اعلانن تائين محدود رهڻ گهرجي پر هاڻي وقت عملي قدم جو آهي، ڇو جو دهشتگرد جو نه ڪو مزهب آهي نه ڪا انسانيت ان ڪري ان کي هن ڌرتي تي رهڻ جو به ڪو حق ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *