دهشتگردن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هاٽ لائين 1717 جو استعمال

 

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ذريعي فوجي عدالتون قائم ڪرڻ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو آهي ته دهشتگردن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هاٽ لائين 1717 جاري ڪئي وئي آهي ان هاٽ لائين تي ملڪ جو هر شهري دهشتگردن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي ٿو جنهن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو جڏهن ته ان هاٽ لائين جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي و يندي، هاٽ لائين بابت مليل ڄاڻ موجب دهشتگردن کي مجاهد چوڻ دهشتگردن سان همدرد ڪري، دهشتگردن لاءِ دعائون ڪرڻ، نفرت انگيز يا چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت تي ٻڌل لٽريچر ورهائڻ، اخباري مضمون، مئگزين، ڪتابڙا وغيره ورهائڻ شايع ڪرڻ بندش پيل تنظيمن پاران چاڪنگ ڪرڻ، ايس ايم ايس ۽ سوشل ميڊيا ذريعي چڙ ڏياريندڙ نفرت پيدا ڪندڙ ۽ فرقيواريت تي ٻڌل پيغام ڏيڻ تي بندش هوندي، اهڙي ريت بندش پيل تنظيمن جي نالي سندن مدد، زڪوات، صدقن ۽ عطين جي آڙ ۾ مدد ڪرڻ مسجدن ۽ مدرسن ۾ چندو گڏ ڪرڻ گهٽي، پاڙن، بازارن، دڪانن ۽اسپتالن ۾ چندي جا دٻا رکڻ قدرتي، آفتن يا فلاحي مقصدن جي آڙ ۾چندا گڏ ڪرڻ، آفتن دوران امدادي ڪيمپون لڳائڻ، قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ تي بندش هوندي، اهڙي ريت عوام کي اهو به چيو ويو آهي ته لاوارث سامان موٽرسائيڪل ۽ گاڏي هٿ اچڻ ڪنهن گهر ۾ اجنبي ماڻهن جي غير معمولي اچڻ وڃڻ، ڪنهن گهر جي ماڻهو جو پاڙي جي ٻين ماڻهن سان ميل ميلاپ نه رکندڙن بابت اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جيتوڻيڪ اها دعويٰ ڪئي آهي ته اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو ليڪن ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته اهڙي قسم جو اطلاع ڏيندڙ بابت ڪنهن نه ڪنهن ذريعي سان ان جو نالو جوابدارن وٽ پهچي ويندو هو،جنهن کانپوءِ اطلاع ڏيندڙ جي پنهنجي زندگي غير محفوظ ٿي ويندي هئي ان ڪري ان ڳالهه جي سختي سان ڪوشش ٿيڻ گهرجي ته اطلاع ڏيندڙ شخص جو نالو ڪنهن به صورت ۾ پڌرو نه ڪيو ويندو جڏهن ته عوام اهو به ڏسڻ چاهي ٿو ته هاٽ لائين تي جيڪي به شڪايتون وصول ٿينديون تن تي سختي سان فوري ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن دهشتگرد موقعي تي سوگها ٿي سگهن، اسان حڪومت پاران جوڙيل هاٽ لائين کي هڪ مثبت قدم سمجهون ٿا جڏهن ته هاٽ لائين تي اطلاع ڏيڻ جي سلسلي ۾ جن ڳالهين جا اشارا ڏنا ويا آهن اهي اشارا حقيقت ۾ عوام لاءِ گائيڊ لائين آهن ته حڪومت ڪهڙن ڪهڙن دهشتگردن ۾ هٿ وجھڻ لاءِ تياريون ڪري رهي، اسان کي اميد آهي ته حڪومت پاڪ فوج سان گڏجي جيڪي ڪوششون شروع ڪيون آهن اهي ڪامياب ٿينديون ۽ دهشتگردن جو نه رڳو خاتمو ٿيندو پر انهن کي ڪٿي به لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي

انساني حقن واري تنظيم جي درياءَ دلي، يا ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم

انساني حقن واري وفاقي وزارت ڏاڍائي بعد قتل ڪيل سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ 20 هزار رپين جو اعلان ڪري ڇڏيو انساني حقن واري وفاقي وزارت جي درياهه دلي لاڙڪاڻي جي هڪ ڏُکويل ڪٽنب جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو آهي، انساني حقن واري وفاقي وزارت ڏاڍائي بعد قتل ڪيل پنج ورهين جي سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ رڳو 20 هزار رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. انساني حقن واري وفاقي وزارت سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ 20 هزار رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو کين آٿت جو احساس ڏيڻ بدران سندن تازن ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر عبدالستار جو چوڻ آهي ته ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، تنهنڪري انساني حقن واري وزارت ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. ضيافتن، دعوتن، دورن ۽ رُٺلن کي پرچائڻ تي خزانن جا منهن کولي ڇڏيندڙ حڪومت وٽ انتهائي مظلوم لاڙڪاڻي جي اُن گهراڻي جي مالي سهائتا لاءِ رڳو ويهه هزار آهن، جنهن گهراڻي تي ننڍڙي قيامت ڪڙڪي آهي. سڄو سماج شرمسار آهي ته پنج ورهين جي سنڌو سومرو کي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، سنڌو جي ماءُ جيڪا پِن جو ٽڪرن تي گذارو ڪري ٿي، سندس مڙس مري چڪو آهي ۽ سندس هنج خالي ٿي وئي آهي، ان لاءِ اهي صدما اڳي به ڪي گهٽ نه آهن ۽ مٿان وري سرڪاري امداد جي نالي تي ساڻس جيڪا مذاق ڪئي وئي آهي، اُها پڪ سان سندس حوصلن جو ڪوٽ ڊاهڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *