حڪومت جو تذليل بعد استاد پڪا ڪرڻ جو اعلان….

ڪراچي پريس ڪلب آڏو مختلف شهرن کان آيل اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن ۽ پ ٽ الف طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، استادن کي اعلان تحت بلاول هائوس وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس طرفان پريس ڪلب جي ٻنهي پاسن واري روڊ تي بيريئر بيهاري بند ڪيو ويو، استادن جيئن بلاول هائوس وڃڻ لاءِ اتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڳواٽ تيار بيٺل پوليس جا اهلڪار مٿن ڏمرجي پيا، پوليس استادن مٿان شيلنگ ۽ لٺبازي ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن ۾ منظور چانڊيو، عارف قريشي، ذوالفقار سمائر، غلام حسين ڏاهري ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته استاد منظور چانڊيو کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب حالت خراب هجڻ ڪري کيس جناح اسپتال نيو ويو، پوليس جي لٺبازي دوران 20 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن سبب استاد ڇڙوڇر ٿي ويا، جڏهن ته گرفتاري کان بچي ويل استادن مان ڪجهه برنس روڊ ذريعي بلاول هائوس وڃڻ لاءِ بلاول چورنگي تي پهتا ته اتي کين پوليس روڪي وڌيڪ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ پ ٽ الف جو مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو، نصرالله مزاري، هدايت الله شاهه ۽ ٻيا شامل هئا، جن کي آرٽلري ۽ ٻين ٿاڻن تي رکيو ويو، معاملي جو وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ گرفتار استادن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد استادن ٻيهر پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ تي گڏ ٿي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. احتجاج تي ويٺل پ ٽ الف جي مرڪزي ترجمان ذوالفقار سمائر چيو ته اسان جو احتجاج استادن کي ريگيولر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تائين جاري رهندو، وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙ استادن جو اسان سان ڪو تعلق ناهي، اهي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن،   پيپلزپارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪراچي۾ استادن تي پوليس  تشدد ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي گھرو وزير کي هدايت ڪندي چيو آهي ته گرفتار ٿيل استادن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ۽ وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه۽ تعليم واري صوبائي وزير مهتاب ڏهر کي استادن سان ملي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاليسي فيصلو ڪندي 1992ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي ٽائيم اسڪيل ايوارڊ ڏيڻ ۽ اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي ريگيولر ڪرڻ جو  حڪم ڏنو آهي. هتي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت کي مظاهرين جا مطالبا مڃڻا ئي هئا ته پوءِ انهن کي مارڪٽ ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ بعد ئي اهو فيصلو ڇو ڪيو ويو، هئڻ ائين گهرجي ها ته حڪومت احتجاج جو بروقت نوٽيس وٺي اهو اعلان ڪري ها ته جئين استاد احتجاج نه ڪن ها ۽ اسڪولن ۾ تدريسي عمل متاثر نه ٿئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *