حيدرآباد ڏوهن جو ڳڙهه بڻيل، ذميوار ڪير

حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر ۽ تيزي سان پکڙجندڙ وڏو  شهر آهي، هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن کان روزانو هزارين ماڻهو حيدرآباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪري رهيا آهن، اڳ حيدرآباد شهر کي اردو ڳالهائيندڙن جو اڪثريتي شهر سمجهيو ويندو هو، ليڪن گذريل پنج سالن دوران حيدرآباد ۾ جيڪا لڏپلاڻ ذريعي آمد ٿي آهي ۽ نوان نوان رهائشي پلازا ۽ بنگلا جڙيا آهن ۽ هزارين ماڻهن پنهنجا رهائشي گهر جوڙايا آهن، تنهن کانپوءِ هاڻ حيدرآباد جو شهر نج سنڌي ڳالهائيندڙن جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن انهي رفتار سان ئي شهر ۾ آبادي وڌندي رهي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن حيدرآباد جون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون موجوده سيٽن جي مقابلي ۾ ٽيڻيون وڌائڻيون پونديون. هڪ طرف سڄي سنڌ حيدرآباد شهر کي رهائشي حوالي سان ترجيح ڏيڻ ۾ رڌل آهي ته ٻئي طرف حيدرآباد جي سنڌي وسندين ۾ ڏوهي سرگرمين ۾ به اضافو ٿي پيو آهي.

                      حيدرآباد جي سنڌي وسندين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي علائقن۾ رهندڙ ٻنهي ماڻهن جي اها ئي دانهن ٿي رهي آهي ته کين ڀتي خورن رت ڪري ڇڏيو آهي. اردو ڳالهائيندڙن جي علائقن ۾ ظاهر آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ ڀتي خور  نه ويندا هوندا، جڏهن ته سنڌي وسندين ۾ اردو ڳالهائيندڙن ڀتي خورن  کي همت ئي نه ٿيندي هوندي. اهڙي صورتحال۾ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ڀتي خور پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پنهنجن پنهنجن ئي ماڻهن کان ڀتو وٺي ر هيا آهن. جڏهن ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي علائقن ۾ موجود قومپرست ۽ لساني تنظيمن اهڙي ڀتاخورن خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪو به قدم نه کنيو آهي. جيڪڏهن اهي مڙسي ڪن ته سندن علائقي مان ڪو شخص ڀتو وٺڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ڀاڄي به مهانگي وڪرو ڪرڻ جي همت ڪري نه سگهي. هاڻ جڏهن ته ان  قسم جي ڏاڍن مڙسن پاران پنهنجن پنهنجن علائقن سان ايڏي وڏي پيماني تي لاتعلقي هجي، تن علائقن ۾ ڏوهارين کي اڃا به وڌيڪ ڇوٽ نه ملندي ته ٻيو ڇا ٿيندو. مثال طور گذريل ڪجهه مهينن کان حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪارن تي حملا ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪيترائي پوليس ا هلڪار ڏوهارين جي گولين جو کاڄ ٿيندا رهيا آهن.

                      جڏهن ته  اڄ تائين پوليس پاران اها ڄاڻ نه ڏني وئي آهي ته حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪارن کي قتل ڪندڙ ڪير آهن يا ڪهڙو لساني يا جهادي گروپ اهلڪارن کي هڪٻئي پٺيان قتل ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ ڦر وارن واقعن جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کان ڪو به علائقو بچيل ناهي، چيو وڃي ٿو  موٽرسائيڪل 125 ۽ مهانگو موبائيل فون ان ماڻهو جو دشمن آهي، جيڪو اهي شيون کڻي شهر ۾ نڪري ٿو ۽ پوءِ ان کان اڄ نه ته سڀاڻي اهي شيون ڪو نه ڪو شاهينگ ضرور کسي ويندو. انهن شين ۾ هاڻ ليپ ٽاپ به شامل ٿي ويو آهي، جيڪو ماڻهو ليپ ٽاپ کڻي نڪري ٿو اهو سمجهي ٿو ته ڪنهن به وقت ان جي پٺيان ڪو نه ڪو شخص ضرور اچي، هن جي ڇاتي تي پستول رکندو ان ڪري عام ماڻهن اهي شيون پاڻ سان گڏ کڻڻ ئي ڇڏي ڏنيون آهن، اهڙي ريت موٽرسائيڪل جي چوري ۽ ڪارن جي چوري ته هاڻ معمول بڻجي چڪي آهي.

جيتوڻيڪ شهر جي مختلف علائقن ۾ جاسوس  ڪئميرائون به لڳل آهن، جڏهن ته انهن ئي  علائقن مان جڏهن ڪا گاڏي چوري ٿي آهي ۽ فريادين پوليس کي ڪئميرائن ذريعي نڪتل فوٽو به ثبوت طور پيش ڪيا آهن. تڏهن به پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ماڻهن جو انهن ڪئميرائن لڳائڻ واري عمل تان ئي ويساهه ئي کڄي ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد ۾ جيڪڏهن ڪا ڦر ٿيئي ٿي يا ڪو قتل ٿيئي ٿو ته ان جو اثر سنڌ ۾ پري پري تائين محسوس ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن  حيدرآباد ۾ ڪا بيچيني پکڙجي ٿي يا ڪا دهشتگردي واري ڪارروائي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته فوري طور تي سڄي سنڌ ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جي هڪ هڪ گهر مان ڪو نه ڪو حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان آيل آهي يا هتي ٽڪيل آهي، اهڙي حساس شهر ۾ جيڪڏهن ڏينهون ڏينهن ڏوهن ۾ واڌ اچڻ لڳي ته پوءِ سڄي سنڌ جي عوام جو ڳڻتي ۾ پوڻ لازمي امر آهي.

تازو گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾  قتل جا ٻه واقعا ٿيا، هڪ قتل جو واقعو صحافي ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي هٿياربندن حملو ڪري پاڪ فوج مان سيڪنڊ ليفٽينٽ طور پاسنگ آئوٽ ڪري ايندڙ فوجي اهلڪار کي گهر آڏو قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ساڻس گڏ ٻه ڀائر پڻ زخمي ٿي پيا، ان واقعي کي جيتوڻيڪ ذاتي جهيڙو قرار ڏنو پيو وڃي، پر هتي ڳالهه اها ويچار هيٺ آڻڻ جي آهي ته هٿياربندن سرعام جيڪا هٿيارن جي نمائش ڪئي ۽ قتل ڪري فرار ٿيا، تنهن کانپوءِ پوليس جا شهر ۾ ڪيل حفاظتي انتظام هڪ وڏو سوال بڻجي وڃن ٿا ته ڇا شهر ۾ ڪنهن به ماڻهو کي ڪي  هٿياربند حملو ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي وڃن ته ڇا سندن جي ڪا به رستا روڪ ڪري نه ٿي  سگهي ۽ هي جيڪا شهر ۾ هلندڙ سنيپ چيڪنگ ٿيندي رهي ٿي ڇا اها رڳو هڪ نمائشي آهي يا اها چيڪنگ موٽرسائيڪل سوارن کان ڀتي جي اوڳاڙي لاءِ ڪئي وڃي ٿي؟حيدرآباد ۾ ساڳئي نوعيت جو قتل جو هڪ ٻيو واقعو پڻ پيش آيو آهي، جنهن موجب هٿياربندن جي او آر ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ابراهيم شاهه جي پٽ ڊاڪٽر افتخار کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. جيڪو صحافي ظهير شاهه جو سئوٽ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ارشاد شاهه جو ڀائيٽو هو، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اهي ٻئي قتل هاءِ پروفائيل قتل آهن، جن جي وڏي پيماني تي جاچ  ٿيڻ گهرجي.

                      پوليس حڪومت انهن ٻنهي ڪيسن جا جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي ته پوءِ ائين ئي سمجهيو ويندو ته هاڻ پوليس به پاڻ کي  ٿاڻن تائين محدود رکڻ واري پاليسي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ حيدرآباد شهر جيڪو هن وقت ڏوهارين جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي ٿي سگهي ٿو ته ِ اڳتي هلي سڄو شهر ”نو گو ايريا“ بڻجي وڃي ۽ پوءِ جيڪو ڏاڍو سوگابو وانگر حيدرآباد ۾ رڳو اهو ئي هلي سگهندو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن هٿياربند گروپ سان سلهاڙيل هوندو ۽ پوليس شهر ۾ ٿيندڙ ڏوهن کي رڳو هڪ تماشائي وانگر ڏسندي رهندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *