حيدرآباد جا مسئلا ڪير حل ڪندو..؟

هونئن ته سڄي سنڌ جا ننڍا وڏا شهر گند ڪچري جو ڍير بڻجي چڪا آهن، شهرن جا روڊ رستا ڀڄي ڀري تباهه ٿي ويا آهن، ڪو روڊ رستو سلامت ئي ناهي، ذميوار مڪاني ادارا ايڊمنسٽريٽرن حوالي ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به شهر ۾ ٽڪي جو ترقياتي ڪم ٿيندو نظر نه ٿو اچي،ترقياتي ڪم ٿين به ڪيئن، مڪاني ادارا ته هاڻ رڳو پگهارن ۾ ئي ٻڌا پيا آهن، ادارن کي ملندڙ رقم بابت هر طرف اها ئي دانهن آهي ته اها ڪامورن ۾ حصاپتي ٿي رهي آهي، ان ڪري ادارا عوام جي ڀلائي وارو ڪو به ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن. اها صورتحال شايد تيستائين جاري رهندي جيستائين مڪاني ادارن جون چونڊون نه ٿيون ٿين. هجڻ ته ائين ته گهرجي ها ته صوبائي سرڪار مڪاني ادارن جي تباهي بابت هنگامي بنيادن تي قدم کڻندي ان ڳالهه جو پتو لڳائي ها ته آخر مڪاني ادارا تباهي جي ڪناري تي ڇو پهتا آهن ۽ انهن ادارن کي ملندڙ رقمون ڪهڙن هٿن پاران هضم ڪيون پيون وڃن. پر اڄ ڏينهن تائين شايد ان لاءِ سوچيو به نه ويو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي شايد سنڌ جي وڏن شهرن جي ماڻهن جا ووٽ ئي نه گهرجن، ان ڪري سنڌ سرڪار انهن شهرن کي ڄڻ ته ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي يا ڪٿي ائين ته ناهي هٿ وٺي اهو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ته جيئن حيدرآباد، ڪراچي، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين ضلعن جي هيڊڪوارٽرن کي ائين ننڌڻڪو ڇڏي ڏجي ته جيئن عوام ۾ اهو تاثر وڌيڪ زور وٺي ته انهن شهرن ۾ جڏهن ضلعي حڪومت هئي تڏهن متحدا انهن شهرن جي چڱي ريت مالڪي ڪئي هئي، ان ڪري ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي ووٽ ڏيڻ گهرجن. اسان سمجهون ٿا ته حڪمران جماعت اهو ڪڏهن به نه چاهيندي ته سنڌ جا وڏا شهر ان جي هٿن مان نڪري وڃن، اهڙي ريت سنڌ جا قومپرست ۽ ٻيون سياسي پارٽيون به جڏهن سنڌ جي وڏن شهرن کي سنڌ جا ئي شهر سمجهن ٿيون ته پوءِ اهي ڪيئن چاهينديون ته حڪومت يا مڪاني ادارن جي نااهلي جي سزا سڀني سياسي پارٽين کي ڀوڳڻي پئي، ان ڪري سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين تي فرض ٿو عائد ٿيئي ته اهي سنڌ جي سڀني وڏن ننڍن شهرن ۾ گندگي، گٽرن جو اٿلڻ، پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جهڙن بنيادي مسئلن بابت حڪومت جو ڌيان ڇڪائين ته جيئن هڪ طرف شهرين جا مسئلا حل ٿي سگهن ته ٻئي طرف ڪنهن لساني تنظيم کي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح اڻ ڏٺل قوتن پاران جيڪي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، تن جي رستا روڪ ٿي سگهي.

اسان انهن ئي ڪالمن ۾ ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي شهرن جي ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندڙ حالتن بابت لکندا رهيا آهيون. اهڙي ريت حيدرآباد شهر جيڪو سنڌ جي دل آهي، تنهن جي ابتر حالت ته هاڻ ڪنهن کان ڏٺي نه ٿي ٿيئي، حيدرآباد شهر ۾ صفائي وارو عمل تقريبن ٺپ ٿي چڪو آهي، شهر جو ڪو به اهڙو روڊ رستو ناهي، جتي گند ڪچري جا ڍير لڳل نه هجن، حيدرآباد جو شهر جيڪوماضي ۾ خوشبوئن جو شهر سمجهيو ويندو هو، اڄ ان شهر ۾ هرطرف ڌپ ئي ڌپ پکڙيل آهي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن مڪاني ادارن جا سربراهه پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٻاهر نڪري شهر جو دورو ڪن ۽ عوام کان معلوم ڪن ته شهر جي ڪهڙي حالت آهي ۽ ان جا ذميوار ڪير آهن ۽ جيڪڏهن حيدرآباد جي مڪاني ادارن جا سربراهه شهر جي حالت سڌارڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته پوءِ ايڊمنسٽريٽر سميت سمورن ذميوارن کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي.

اسان ڏٺو آهي ته حيدرآباد ۾ جيڪي رستن تي کڏا کوٻا آهن، تن کڏن کوٻن کي ڀرڻ لاءِ حيدرچوڪ ۽ آس پاس جي ڪجهه رستن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪجهه رستن تي ته ڪارپيٽنگ ڪئي وئي آهي ته ڪجهه رستن تي کڏ کوٻن ۾ بجري وجهي ڪم ٽپائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن مان لڳي ٿو ته حيدرآباد جي رستن جي مرمت جو جيڪو جزوي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اهو ڪجهه ڏينهن مس هلندو ۽ شهر جا مرمت ڪيل رستا هڪ مهيني اندر ٻيهر کڏن کوٻن ۾ تبديل ٿي ويندا.

اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن جي وزير کي اپيل ڪنداسين ته اها هڪ اڻ ڌري جاچ ٽيم ٺاهي حيدرآباد ۾ رستن جي ٿيندڙ مرمتي ڪم جو جائزو وٺي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي رهي آهي يا ڪوالٽي وارو ڪم نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پوءِ اهڙي مرمتي ڪم کان بهتر آهي ته اهو جيئن جو تيئن ڇڏيو وڃي ته جيئن عوام تباهه ٿيل رستن تي سفر ڪندو رهي۽ حڪومت کي ٻڪ کڻي دعائون ڪندو رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *