جي سڀ تيار ته مان نه مڃان ڇاجي…؟

پاناما ليڪس معاملي تي هڪ طرف وزيراعظم نوازشريف واضح لفظن ۾ پنهنجو موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس جي معاملي تي سياسي جماعتن سان مشاورت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اهو به واضح ڪيو آهي ته ڪنهن جي به ڊڪٽيشن کي قبول نه ڪندا، شريف ڀائرن جي وچ ۾ جاتي امرا ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجود سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي، ه پاناما ليڪس جي حوالي سان مخالف ڌر جي ٽرمز آف ريفرنس تي مشاورت ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم پاناما ليڪس معاملي تي ٽي او آرز جي حوالي سان مخالفن سان ڳالهين تي آمادگي جو اظهار ڪيو، ۽ چيو  مون پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي احتساب سان پيش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر پاناما ليڪس جي معاملي تي جاچ لاءِ سنجيده آهي ته حڪومت سان اها حڪومت سان ڳالهين لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي. ڪنهن جي ذاتي خواهشن خاطر ملڪ ۾ افراتفري ۽ انارڪي پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بدعنواني جا بي بنياد الزام مڙهي جمهوري قدرن خلاف سازش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌر جي جماعتن سان هڪ ميز تي ويهي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. هميشه قوم جي ڀلائين لاءِ ڪم ڪيو آهي، مخالف ڌر جي جماعتن جي رويي سان عوام کي مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين، اڳ به بنا ڪنهن فرق جي احتساب جا حامي رهياسين ۽ هاڻي به ان تي قائم آهيون.

وزير اعظم جي آڇ باوجود پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ حڪومت طرفان پيش ڪيل ٽي او آرز مخالف ڌر جون جماعتون رد ڪري ڇڏيا آهن، مخالف ڌر جي جماعتن جيڪي ٽي او آرز پيش ڪيا هئا، حڪومت انهن کي بدنيتي تي مشتمل قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو،  .پاناماليڪس ۾ جنهن به سياستدان جو نالو آهي، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ اچڻ کان ڊڄي ٿو، کيس پارليامينٽ ۾ اچي عوام کي اعتماد ۾ وٺي ميان صاحب اهو نه وساري ته کيس عوام ووٽ ڏئي چونڊيو آهي،  مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه  پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو  آهي ته هڪ ميز تي ويهي ڳاليهون ڪرڻ جمهوريت جو اصل حسن آهي، مخالف ڌر ڳالهين لاءِ تيار آهي پر حڪومت طرفان  هن وقت تائين ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي ڪيو ويو  پاناما پيپرس ۾ جنهن به سياستدان جو نالو آهي، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي اسان ته ائين ٿا چون ته جن سياستدانن قرض معاف ڪرايا آهن، انهن کي به احتساب واري عمل مان گذارڻ گهرجي  وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ اچڻ کان لوائي رهيو کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي جنهن عوام کيس ووٽ ڏئي اڳتي آندو آهي، ان کي اعتماد ۾ وٺڻ وزيراعظم جو فرض آهي،

سوچڻ جي ڳالهه آها آهي ته هڪ طرف وزير اعظم ڳالهين لاءِ راضي هئڻ جو چئي رهيو آهي ۽ وري اپوزيشن سان رابطو ناهي ڪيو ويو، ٻئي طرف اپوزيشن اڳ ئي ڳالهين جي ميز تي وهيڻ لاءِ آتي آهي پر اها اميد رکيو ويٺي آهي ته حڪمرانن وٽان ڪو ڪانگل خط کڻي پهچي ته قدم اڳتي وڌايا وڃن، جيڪڏهن ٻئي ڌرين ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ آتيون آهن ته مسئلو ڪهڙو آهي جو ڳالهيون نه پيون ٿين، سياست کي عبادت چوڻ واران دوڪانداري ڇو بڻائي ويٺا آهن، ملڪ ۾ اڳئي ٻيا مسئلا گهڻا آهن انهن کي حل ڪرڻ بجاءِ مسئلن جا ڀنڊار گڏ ڪرڻ جو مطلبو ڪهڙو آهي، سرڪار سڳوري ۽ اپوزيشن کي اپيل آهي ته خدارا ڪوئي ٻلي جي راند بند ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي جيڪا توهان جي ذميواري به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *