جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ٽيون ڀيرو مشاورتي اجلاس….!

پاناما ڪيس لاءِ شريف خاندان ملڪ جي چار وڏن قانوندانن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن، خواجا حارث شريف خاندان جي قانوني ٽيم جي سربراهي ڪندو، ان کان علاوه امجد پرويز ۽ ٻه ٻيا قانوندان ٽيم ۾ شامل هوندا، وزيراعظم هائوس ۾ صلاح مشورن جو سلسلو جاري آهي، گذريل ٽئين ڏينهن به وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانوني ماهرن ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف به اجلاس ۾ شريڪ هو. آئيني قانوني ٽيم ۽ وفاقي وزيرن وزيراعظم جي جي آءِ ٽي رپورٽ چئلينج ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي. ايندڙ چونڊن کان اڳ توانائي بحران تي به ڪنٽرول ڪيو ويندو. ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو پوءِ به پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو.جاچ ٽيم سان سهڪار نه ڪرڻ جو الزام بي بنياد آهي. ڪنهن به دٻاءُ ۾نه ايندس، اجلاس ۾ موجود وزيرن چيو ته وزيراعظم ملڪ جو مقبول ترين ليڊر آهي. عوام کيس پنجن سالن لاءِ چونڊيو آهي، ڪنهن کي به عوامي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ جمعي تي به طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.
سڌ سماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ٺاهي ناهي تخليق ڪئي آهي، ٽيم سپريم ڪورٽ جي 13 سوالن جا جواب ڏيڻ بدران پيش ٿيل ماڻهن جي ڪردار ڪشي ڪئي، جيڪا ڪنهن به طرح مناسب نه آهي. هر سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين. اسان جي خلاف سازشون پهريون ڀيرو نه ٿيون آهن پر هن ڀيري سازشون ڪندڙ ضرور پڌرا ٿيندا. نواز شريف نظريي جو نالو آهي. رپورٽ ۾ وزيراعظم خلاف سرڪاري ڪرپشن جو هڪ به الزام نه آهي. اڄ ڌرڻي ٿري جي تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو شريف خاندان جي ڪاروبار بابت آهي، ان جو ڪنهن چيو هو، اميد ته عدالت ۾ جي آءِ ٽي تي اسان جا خدشا پڌرا ٿيندا. جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو خيالن جو مجموعو آهي، ان مان امڪان، خدشو، راءِ جا لفظ ڪڍيا وڃن ته پوءِ ڪجهه به نه ٿو بچي. چيو ويو خدشو آهي ته مريم نواز آف شور ڪمپنين جي مالڪ آهي. اها سازش عدالت ۾ پڌري ٿيندي. جي آءِ ٽي کي ڪنهن اجازت ڏني ته اها ڪنهن کي ڪوڙو ۽ مڪار چوي. هنن کليل تعصب ظاهر ڪيو، 254 صفحن جي رپورٽ ڪنهن لکي؟ جي آءِ ٽي ڪو دستاويز هٿ نه ڪيو. پر پاڻ تيار ڪيا، سندن ڪو به دستاويز تصديق ٿيل نه آهي. مخالفن جي هي آخري سازش آهي، وزيراعظم کان استعيفيٰ گهرندڙ پهرين جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهن ڇاڪاڻ ته سندن موقف چٽو هوندو آهي، امڪان ۽ خدشا ناهن هوندا. جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهون پيا ان بعد جواب جمع ڪرائينداسين. اها ڪوڙي رپورٽ آهي، جنهن مان من پسند پيرائون پڙهي تجزيا ڪيا پيا وڃن، دانيال عزيز جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي قوم جو وقت ۽ پئسو ذيان ڪيو، نئون ڀرتي اي ايس آءِ به ان کان سٺي جاچ ڪري سگهي ٿو، هنن عمران خان جو بيان رپورٽ ۾ رکيو آهي. هنن رپورٽ مڪمل هجڻ جو تاثر ڏنو پر ان کي پاڻ ئي نامڪمل چيو اٿن. رپورٽ جي اهم حصن وارا خانا خالي آهن، اعتزاز احسن، خورشيد شاهه ۽ سراج الحق پهرين ان کي پڙهي وٺن. واضح نموني چوان ٿو ته نواز شريف ڪنهن به ڪمپني جو مالڪ نه آهي. سپريم ڪورٽ غلط بياني جو نوٽيس وٺي. واليم 10 ڳجهو آهي ته دبئي وارو خط ميڊيا کي ڇو جاري ڪيو ويو، العزيزه اسٽيل مل لاءِ جدي مشينري دبئي نه شارجه مان وئي. لنڊن فليٽن جي مالڪن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *