جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ..!

جي آءِ ٽي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪيس جي جاچ رپورٽ  سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، اعليٰ عدالت ايس اي سي پي چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم  واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرائي.جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي حماد بن جاسم سان خطن جي مٽاسٽا جي جائزي سميت سمورن بيانن ۽ شاهدين کي دستاويزي شڪل ڏني وئي. پرڏيهه مان حاصل ڪيل شاهدين کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته آڊٽ فورمز جي رپورٽ ۽ دبئي مان ملندڙ دستاويز به رپورٽ ۾ شامل آهن. جي آءِ ٽي طرفان وزيراعظم نواز شريف، حسن، حسين نواز، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، شهباز شريف سميت ٻين شخصيتن ۽ ادارن جي  سربراهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن.  سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي درخواست رد ڪندي ملوث ماڻهو جو نالا ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ دلچسپي آهي ته ڀلي جوڙي، تصوير شايع ڪندڙ ذميوار جو نالو عام ڪرڻ جو اختيار حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت کي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. تصوير ليڪ ڪرڻ تي ڪميشن ٺاهڻ عدالتي اختيار ۾ ناهي، حڪومت عدالتي ڪلهو استعمال نه ڪري.  اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ايف آءِ اي، ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي جي رڪارڊ ٽيمپرنگ جي تصديق ڪندي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ظفر حجازي جي وڪيل اعتراف ڪيو ته 10 مهينا پهرين رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ظفر حجازي ماتحت آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ مٿن دٻاءُ وڌو. ظفر حجازي پهريون الزامن کي رد ڪيو پوءِ چيو ته کيس ڄاڻ ناهي، ظفر حجازي ڪنهن جي چوڻ تي ٽيمپرنگ ڪئي اهو به ڏسڻو آهي.  عدالت جي آءِ ٽي بابت شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس وٺندي ڌرين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  عدالت اهو به چيو ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي ميمبرن کي ڪنهن تنگ ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي، ڌريون رجسٽرار آفيس مان رپورٽ حاصل ڪن.

وفاقي وزير احسن اقبال جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي ردي قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سٺو هجي ها جيڪڏهن وزيراعظم خلاف مالي بدعنواني جو ثبوت ڪڍيو وڃي ها، چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ مخالفن کي کنيو ويو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ واري ڪوڙ کي سپريم ڪورٽ ۾ بي نقاب ڪنداسين، جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪو دليل ۽ ڪو مستند جواز ناهي، رپورٽ ۾ وزيراعظم خلاف ڪرپشن، مالي بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري جو ڪو الزام ناهي، پاڪستان ۾ هن وقت هڪ راند کيڏي پئي وڃي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرڻو ون ۽ ڌرڻو ٽو وانگر ناڪام ٿيندي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ اسان جي خدشن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سورس رپورٽ جي ڪنهن عدالت ۾ شاهدي طور اهميت ناهي هوندي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ رحمان ملڪ جي ڳالهين تي وڌيڪ ڀاڙيو ويو آهي، مان سمجهندو هيس ته جي آءِ ٽي مضبوط شاهدين تي ڀاڙيندي، حسين نواز جي سعودي عرب ۾ ڪمپني کان هتي پئسا اماڻيا ويا، جتان پئسا ڪمايا ويا ۽ پاڪستان اماڻيا ويا، اتي ڪو قانون حرڪت ۾ نه آيو، اسان کي سپريم ڪورٽ تي پورو اعتماد آهي، وزيراعظم جي پٽ قانوني طريقي سان رقم اماڻي، اهي پئسا بئنڪنگ چينل ذريعي نواز شريف جي اڪائونٽ ۾ آيا، برطانيا ۾ ٽيڪس ۽ بينڪنگ قانون پاڪستان کان وڌيڪ سخت آهن.

هاڻي ڏسجي ته ن ليگ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به مڃي ٿي يا نه ڇو جو هي ملڪ جي تاريخ جو پهرين اهم ترين ڪيس آهي جنهن تي پوري دنيا جون به نظر کتل آهن. هر روز حڪومتي ميمبر ميڊيا ذريعي جي آءِ ٽي کي اڻسڌي طرح رد ڪيا آيا آهن ۽ هاڻي جڏهن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي وئي آهي ته ان کي به رد ڪرڻ جو اعلان سامهون اچي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *