جيڪب آباد سانحو ۽ حڪومت جا اعلان

ملڪ ۾ ڪيتري وقت کان شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي حڪومتي دعوائن باوجود ان ڪلنگ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي اچي سگهي، جنهن جو تازو مثال جيڪب آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪو آهي جنهن ۾ ٻارڙن سميت اٽڪل 27 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، جنهن بعد رسمي طور تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڌرڻو هڻي ويٺل شيعه عالمن سان ڳالهيون ڪري سندن سمورا مطالبا مڃن جو واعدو ڪيو جيڪو شايد پورو نه ٿي سگهي جنهن جي ڪري شيعه عالم وري احتجاجن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، شهر جي سمورين ڪاروباري تنظيمن به احتجاج ڪندي مارڪيٽون بند رکيون، انهي دوران سنڌ سرڪار سانحي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک ۽ زخمين کي 10 لک توڙي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ۽ ان سان گڏ جاچ لاءِ 2 ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن. سائين سرڪار معذور ٿي ويل زخمين کي 10 لک ۽ نوڪري ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. سيد قائم علي شاهه واضح ڪيو ته سانحي جو ڪيس شيعا عالمن جي مرضي موجب داخل ڪرائي جاچ ۾ غير ذميواري ثابت ٿيڻ تي ملوث پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،دهشتگردن کي ڪنهن به ريت نه بخشيو ويندو. انهي وقت علامه مقصود ڊومڪي ڳالهائيندي ٻڌايو ته وڏي وزير اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال کي هٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي،جنهن بعد هنن ڌرڻو ختم ڪيو هن ان وقت اهو چتاءُ ڏنو ته ايس ايس پي سميت ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري مطالبا نه مڃيا ويا ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا. شايد اهي مطالبا نه مڃڻ ڪري انهن وري ڌرڻو هڻڻ شروع ڪيو آهي،

جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار طرفان ٻئي طرف واقعي جِي جاچ لاءِ سنڌ پوليس ۽ فرانزڪ ڊويزن تي ٻڌل 2 ڌار ڌار ٽيمون جوڙي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکئي ميراڻي کي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي سنڌ پوليس پاران جوڙيل جاچ ٽيم ۾ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا ايس ايس پيز توڙي ايس ايس پي اسپيشل برانچ شامل آهن، جڏهن ته فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي ڳجهو رکيو ويو آهي فرانزڪ ڊويزن آف سنڌ ۽ پوليس پاران جوڙيل ٽيمون جيڪب آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جا سبب ۽ ماتمي جلوس جي سڪيورٽي ۾ ٿيل ڪوتاهين جو جائزو وٺنديون. ٻئي ڪميٽيون، واقعي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪنديون، هاڻي سوال اهو ته پيدا ٿئي ته ڇا واقعي جا ملوث دهشتگرد پڪڙ ۾ ايندا ۽ جئين ته شيعه عالمن حڪومت کان ايس ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو يو هو جيڪو اڃان پورو ناهي ڪيو ويو، ڇا اهو پورو ٿيندو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جيڪي سنڌ سرڪار اعلان ڪيا آهن اهي پورا ٿين ٿا، سائين سرڪار کي گهرجي ته پنهنجي واعدن کي پاڙي ڇو جو اڳ به اهڙا ڪيترائي اعلان ڪيا ويا آهن جن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري عوام ۾ مايوسي ڦهليل آهي، ۽ نااميدي جو تاثر ڦهليل آهي جنهن کي ختم ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *