تيل قيمتن ۾ گهٽتائي ڇا عوام کي فائدو ملي سگهندو…!

 

پاڪستان جيئن ته ڪيترن ئي عالمي وياج خور ادارن يعني عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان قرض کڻي چڪو آهي ۽ قرض کڻڻ وارو اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. جيتوڻيڪ حڪومت دعوا ڪئي هئي ته اسان ڪشتو ٽوڙي ڇڏينداسين، ليڪن اسان جي ملڪ تي پرڏيهي قرضن جو بار ايترو وڌيڪ آهي جو هاڻ اسان کي عالمي قرض موٽائڻ لاءِ به وڌيڪ قرض کڻڻ تي مجبور ٿيڻو پئي ٿو. اهڙي ريت قرض ڏيندڙ ادارا به پنهنجن قرضن جي واپسي لاءِ هر ڀيري نوان شرط لڳائين ٿا ته پاڪستان ۾ ٽيڪسن جي وصولي کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن سندن قرض جي واپسي يقيني ٿي سگهي. پاڪستان ۾ هاڻ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ يا گهٽتائي جو پيمانو به پئٽروليم جي قيمتن سان ئي ڳنڍيل آهي، جيتوڻيڪ حڪومت عام واهپي وارين شين جي قيمتن کي پئٽروليم جي قيمتن سان نه ڳنڍيندي آهي پر جيئن ته اسان جي ملڪ جو عام ڪاروهنوار پئٽرول جي استعمال سان ڳنڍيل آهي، ان ڪري جيئن ئي پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيئي ٿو، تيئن ئي عام واهپي وارين شين ۾ واڌ اچي وڃي ٿي، جنهن ڳالهه کي ائين سمجهي سگهجي ٿو ته جيئن ٻهراڙين مان هڪ سوزوڪي مارڪيٽ تائين 2 هزارن رپين جي ڀاڙي تي ڀاڄيون کڻي پهچائي ٿي، پر جنهن ڏينهن پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ اچي ٿي ته ان ئي ڏينهن ساڳئي سوزوڪي جو ڀاڙو 2 هزارن مان وڌي اڍائي هزار ڪيو ويندو آهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن ڀاڙي ۾ 500 رپيا واڌ ايندي ته پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ڀاڄين جي قيمتن ۾ پڻ رپيوٻه رپيا اضافو ئي ٿيندو. ساڳئي طرح هڪ زميندار کي ٽريڪٽر، ٽيوب ويل ۽ ڀاڻ وغيره جي قيمتن ۾ ايندڙ واڌ جي ڪري ڀاڄين سميت ڪڻڪ، ڪپهه يا ڪمند جي قيمتن ۾ به اضافو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پئي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جيڪڏهن قيمتن کي ضابطي هيٺ رکڻ چاهي ٿي ته ان کي سڀ کان پهريائين پئٽروليم جي قيمتن تي ضابطو رکڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ گهرجن ۽ پئٽروليم جي مصنوعات تي جيڪي اڻ سڌا ٽيڪس لاڳو ڪيل آهن، تن کي ڌار ڪري پئٽروليم جي قيمتن کي اڃا به هيٺين سطح تي آڻي عام واهپي وارين شين کي سستو ڪرڻ ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي. حڪومت هن ڀيري پئٽروليم جي قيمتن ۾ لاٿ آڻي هڪ رڪارڊ ته ضرور قائم ڪيو آهي، پر جيستائين ان لاٿ جو فائدو عوام تائين نه ٿو پهچي، تيستائين پئٽروليم جي قيمتن ۾ لاٿ آڻڻ جو رڳو انهن کي ئي فائدو ٿيندو، جيڪي وڏين وڏين گاڏين ٽرڪن ۽ ڪوچن جا مالڪ آهن ڇاڪاڻ ته اهي عوام کان ڀاڙو ته اهو ئي وٺندا جيڪو اهي گذريل ٽن سالن کان وٺندا آيا آهن ۽ پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ جو سڄو فائدو انهن ئي کي ٿيندو رهندو. اسان سمجهون ٿا ته حڪومت تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، ان تي ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي لاٿ نه آڻيندا، جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته حڪومت پئٽروليم جون قيمتون گهٽائڻ سان گڏوگڏ اهڙي قسم جي ڪا به خاطري نه ڪرائي آهي ته اهي قيمتون ڪيتري عرصي لاءِ گهٽايون ويون آهن.

ماضي ۾ ته گهٽايل قيمتون هڪ هفتي اندر اضافي رقم سان ٻيهر لاڳو ڪيون وينديون رهيون آهن، ان ڪري ٽرانسپورٽر اهو ڪڏهن به نه چاهيندا ته اهي هڪ ڏينهن ڪنهن منزل جو ڀاڙو 50 رپيا وٺن ته ٻئي ڏينهن تيل جون قيمتون وڌڻ کانپوءِ اهو ڀاڙو 60 رپيا وصول ڪن. ڀاڙن ۾ اوچتي واڌ ڪرڻ تي ٽرانسپورٽر سان جيڪا تعدي ٿيئي ٿي، خاص طرح ڪنڊيڪٽر جيڪا ڀوڳنا ڀوڳين ٿا، اها به ڏسڻ جهڙي هوندي آهي، ڪجهه مسافر ته انهن جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ يا ڏند چڪ تائين لهي ايندا آهن، ان ڪري پئٽروليم جون قيمتون گهٽائڻ کانپوءِ اها اميد رکڻ ته ٽرانسپورٽر فوري طور تي ڀاڙو گهٽائي ڇڏيندا سا ڳالهه موجوده حالتن ۾ اڻ ٿيڻي لڳي رهي آهي، هونئن به جڏهن کان اسان وٽ سواري وارين گاڏين ۾ سي اين جي جو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو آهي تڏهن کان ته ٽرانسپورٽرن کي ته ٻيڻو وجهه ملي ويو آهي، حڪومت جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽائي ٿي ته ٽرانسپورٽر مسافرن کي اهو جواب ڏين ٿا ته اسان جي گاڏي سي اين جي تي آهي ۽ ان جي قيمتن ۾ ڪا به لا ٿ نه ٿي آهي، اهڙي ريت حڪومت جيڪڏهن سي اين جي جون قيمتون گهٽائي ٿي ته پوءِ انهن جو جواب اهو هوندو آهي ته اسان جي گاڏي پئٽرول تي آهي، ان ڪري ڀاڙو گهٽائي نه ٿا سگهون. بهرحال پاڪستان ۾ خاص طرح صوبن ۾ آر ٽي اي نالي هڪ ادارو قائم آهي، جيڪو ٽرانسپورٽرن کي سرڪاري حڪمن موجب جاري ٿيل حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو ذميوار آهي، ان جي ذمي اهو ڪم به آهي ته اهو سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وغيره مقرر ڪري ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته آر ٽي اي جا ڊومڻا عملدار آفيس مان ٻاهر نڪرڻ جي به زحمت نه ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته کين گهر ويٺي ٽرانسپورٽرن جون تنظيمون حصو پتي پهچائينديون رهن ٿيون، ان ڪري ٽرانسپورٽرن کي ڪو به ڊپ ناهي ته ڪو انهن جي رستا روڪ ڪندو.

ان ڪري ٽرانسپورٽر هاڻ ته مرضي جا مالڪ آهن، اهي پاڻ ئي بسن جا ڀاڙا طئي ڪن ٿا، اوهان ڪنهن به بس يا ڪوچ واري کارن ڀاڙن جي جاري ٿيل لسٽ بابت پڇا ڪريو ته انهن وٽ اها لسٽ گهڻو ڪري موجود ئي نه هوندي پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ هوندي به سهي ته اها به ٽرانسپورٽرن جي يونين پاران جاري ڪيل هوندي جيڪا غير قانوني هجي ٿو، جڏهن ته ٽرانسپورٽر پنهنجي جاري ڪيل لسٽ تي ماڻهن کان ڀاڙا وصول ڪندا رهن ٿا، ليڪن ڪو به انهن جو هٿ روڪڻ وارو نه هوندو آهي. اسان حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته جيڪڏهن اها پئٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو حقيقت ۾ عوام تائين پهچائڻ گهري ٿي ته پوءِ اها آر ٽي اي کي سرگرم ڪري ۽ ٽرانسپورٽرن کي پابند ڪري ته اهي آر ٽي اي پاران جاري ڪيل ڀاڙن واري لسٽ کي بس يا ڪوچ ۾ نمايان ڪري لڳائين ته جيئن هر هڪ کي خبر پئي ته اصل ۾ ڀاڙو ڪيترو آهي ۽ انهن کان ڪيترو وصول ڪيو پيو وڃي، پر جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ پئٽروليم جي قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو وري به ٽرانسپورٽرن، پجيرو ۽ لينڊ ڪروز وارين گاڏين جي مالڪن کي ئي ٿيندو، عوام لاءِ اهو ئي انڌي ۽ جنڊ وارو سلسلو هلندو ئي رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *