تيل اگهن ۾ لاٿ وارو فيصلو ساراهه جوڳو آهي…!

 

وزيراعظم ميان نواز شريف اوگرا پاران اماڻيل سمري کي منظور ڪندي پيٽرول جي نرخ ۾ 6 رپيا 25 پئسا، ڊيزل 10 رپيا 48 پئسا، گاسليٽ 11 رپيا 26 پئسا ايڇ او بي سي 14 رپيا 14 پئسا لاٿ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. موجوده حڪومت پاران گذريل ٽن مهينن اندر ٽي ڀيرا قيمتون گهٽايون ويون آهن جيڪا هڪ اتساهه ڏيندڙ ڳالهه آهي، جنهن کانپوءِ اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان جا عام واهپي وارين شين جي قيمتن تي به اثر پوندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڳچ حد تائين عام واهپي وارين شين جا اگهه به ڪجهه حد تائين ڪري پون. اسان وٽ ٿيندو ائين آهي جو جيڪڏهن هڪ ڀيرو قيمتون وڌي وينديون آهن ته اهي هيٺ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن. هن ڀيري به عام واهپي وارين شين ۾ فوري طور تي ڪا به لاٿ اچڻ جي اميد رکڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته جيڪي به شيون هن وقت مارڪيٽ ۾ پيل آهن يا مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن اهي سڀيئي ان دور ۾ اپت هيٺ آيون آهن، جن ڏينهن ۾ پئٽرول جي قيمت 114 رپيا في ليٽر هئي، مثال طور انهن ڏينهن ۾ ٽيوب ويل ۽ ٽريڪٽر وغيره جو جيڪو استعمال ٿيو، تن ۾ جيڪو پيٽرول يا ڊيزل خرچ ٿيو اهو پئٽروليم جي انهن ڏينهن ۾ هلندڙ قيمتن موجب ٿيو. اهڙي صو رت ۾ ظاهر آهي ته جيڪي به زرعي شيون اپت هيٺ آيون تن جون قيمتون به انهن تي آيل خرچ کي سامهون رکي مقرر ڪيون ويون هونديون، اهڙي ريت هاڻ جيڪي شيون اپت هيٺ يا جيڪا مصنوعات تيار ٿيندي تنهن ۾ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم واري مصنوعات جيڪا هاڻ ڳچ حد تائين هيٺ اچي چڪي آهي، ان کي آڏو رکي انهن جون قيمتون مقرر ڪيون وينديون، جيڪي يقينن موجوده قيمتن کان گهٽ ئي هونديون، اسان وٽ پئٽروليم جون قيمتون گهٽ ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهريائين عوام جي اها خواهش هوندي آهي ته فوري طور تي هاڻ ڀاڙا گهٽجڻ گهرجن، يعني ته جيئن ئي پيٽروليم جون قيمتون گهٽ ٿيون تيئن ئي ڀاڙا به گهٽجي وڃن. ليڪن اهو ڪڏهن به ٿيندو نظر نه آيو آهي، هن ڀيري به ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ کان ڄڻ ته مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ جهيڙا شروع ٿي ويندا ۽ مسافرن جي خواهش هوندي ته اهي اڳوڻو ڀاڙو نه ڏيندا، جڏهن ته حڪومت به ڀاڙن ۾ گهٽتائي وارو اعلان ڪري پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. جيئن ته ڀاڙا مقرر ڪرڻ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي يعني آر ٽي اي جو ڪم آهي جيڪا پاڻ اڳ ئي ٽرانسپورٽرن سان ٻڌل هوندي آهي، اها اٿارٽي به تڏهن حرڪت ۾ ايندي جڏهن ان کي مٿان کان ڪو تڪڙو حڪم نه ايندو. اهو حڪم ڪڏهن ايندو تنهن لاءِ ته في الحال ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي، پر ماضي جا تجربا ٻڌائين ٿا ته ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ آر ٽي اي گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن کانپوءِ سجاڳ ٿيندو ان کانپوءِ ان جون ٽرانسپورٽرن سان گڏجاڻيون شروع ٿينديون ۽ پوءِ خبر ايندي ته ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ 2 رپيا لاٿ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. ان سلسلي۾ ڏٺو ويو آهي ته ٽرانسپورٽرن به اڳواٽ ئي جواب ٺاهي رکيا آهن، اهڙي موقعي تي سندن چوڻ هوندو آهي ته حڪومت پيٽروليم جون قيمتون ته گهٽ ڪيون آهن، ليڪن گاڏين جا اسپئر پارٽس، ٽائير ٽيوب، وک وک تي هلندڙ ڀتا خوري ۽ پوليس پاران جائز ناجائز فرمائشون پورهيتن پاران اجرت ۾ واڌ کان وٺي ٻيا ڪيترائي بهانا پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ اها ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن حڪومت مٿي ذڪر ڪيل شين جي قيمتن ۾ به لاٿ آڻي ته اسان ڀاڙا گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙي ريت اهو به ڏٺو ويو آهي ته حڪومت جڏهن تيل جون قيمتون گهٽ ڪندي آهي، تڏهن ٽرانسپورٽر چوندا آهن ته اسان جون گاڏيون سي اين جي تي آهن پر جيڪڏهن سي اين جي جون قيمتون گهٽائجن ٿيون ته اهي چون ٿا ته اسان جون گاڏيون پئٽرول تي آهن، اهڙي ريت جيڪي گاڏيون پئٽرول تي هلندڙ هونديون آهن، انهن جا مالڪ سي اين جي بند هجڻ جو بهانو ڪري پنهنجا ڀاڙا وڌائي رکندا آهن، ٽرانسپورٽرن وٽ روڊ بلاڪ ڪرڻ يا هڙتال ڪرڻ به هڪ وڏو هٿيار هوندو آهي.جڏهن ٽرانسپورٽز سمجهندا آهن ته حڪومت وڌيڪ دٻاءَ وجهي رهي آهي ته پوءِ هڙتال واري هٿيار کي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن ۽ پوءِ حڪومت بيوس بڻجي ٽرانسپورٽرن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيندي آهي. اسان مٿي جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي سڀيئي ڳالهيون هن ڀيري به هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي ٽرانسپورٽرن پاران ٻڌڻ لاءِ ملنديون، ان ڪري ڀاڙن جي گهٽتائي ۾ ڪا به اميد رکڻ في الحال اجائي آهي. اسان جي خيال۾ پئٽروليم جون قيمتون گهٽائڻ سان موٽرسائيڪل وارين يا ننڍين گاڏين جي مالڪن کي به ڪو فائدو نه ٿيندو. جڏهن ته اهو فائدو وڏين گاڏين جي مالڪن کي ئي ٿيندو، تن لاءِ پئٽروليم جون قيمتون گهٽجن يا وڌن انهن جي صحت تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. اسان سمجهون ٿا ته پئٽروليم جون قيمتون اڌ تائين اڃا به آڻي سگهجن ٿيون ڇاڪاڻ ته پيئٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ جو هڪ سبب اهي اڻ سڌا ٽيڪس آهن جيڪي پئٽروليم جي قيمتن واڌائڻ جو سبب آهن. جهڙي ريت بجلي جي بل ۾ ٽي وي لائسنس واري في به شامل آهي ۽ مسجد ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي واري بل ۾ به ٽي وي لائسنس واري في به شامل هوندي آهي. ساڳئي طرح پئٽروليم جي مصنوعات تي به جيڪي اڻ سڌا ٽيڪس لاڳو ڪيل آهن تن کي جيڪڏهن ڌار ڪيو وڃي ته پئٽرول جون قيمتون اڃا به ڳچ حد تائين ڪري سگهن ٿيون. اسان وفاقي سرڪار پاران پئٽروليم جي قيمتن ۾ لاٿ آڻڻ کي هڪ سڻائو قدم سمجهندي حڪومت کان گهر ڪنداسين ته جيستائين پئٽروليم جي قيمتن ۾ آندل لاٿ جو فائدو عام ماڻهو تائين نه ٿو پهچي، تيستائين اهي قيمتون گهٽائڻ عوام لاءِ بي فائده ئي رهنديون. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته جيترو جلد ممڪن ٿيئي ٽرانسپورٽرن جي ڀاڙن ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ تڪڙا اپا ءَ ورتا وڃن ته جيئن عوام به اها ڳالهه سمجهي ته حڪومت کي عام ماڻهن جو وڏو خيال آهي. ان سلسلي ۾ آر ٽي اي کي فوري طور تي نوان ڀاڙا مقرر ڪري انهن جون لسٽون هر گاڏي ۾ لڳائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ٽرانسپورٽر پنهنجين گاڏين ۾ ٽرانسپورٽرن جي يونين پاران ڀاڙن بابت جاري ڪيل لسٽون لڳائين تن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي ڦرڻ واري عمل کي ٻنجو اچي سگهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *