تلور جي مستقبل جو فيصلو

جيئن جيئن دؤر ۾ جدت ايندي وڃي پئي، تيئن تيئن انسان فطرت شناسيءَ کان ڏور ٿيندو پيو وڃي. جنهن جو نقصان سڀ کان وڌ خود انسان کي ئي رسندو رهي ٿو، پر پوءِ به اُهو اڳي کان اڳرو آهي. ٻي دنيا ته ٺهيو اسين جيڪڏهن پنهنجي ئي ماحول جو جائزو وٺنداسين، تڏهن به ڪيترائي فطري دشمنيءَ وارا مثال سامهون اچي ويندا. ڪي پنج سال اڳ وُٺل مينهن جيڪي راڱا ڪيا، تنهن جو سبب مينهن ته پنهنجي جاءِ تي هو ئي پر وڏو نقصان پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن وارا لنگهه بند ڪرڻ سبب ٿيو هو. سرنديءَ وارن پنهنجي لوڀ سبب فطرت آڏو جيڪي رُڪاوٽون وڌيون هيون، تنهن سان ڪيترن ئي مهينن تائين پاڻي شهرن اندر بيٺل رهيو هو. ائين ئي وري جيڪڏهن پکي پکڻ جو جائزو وٺبو ته اُهي بس هاڻ نانءَ جا ئي نظر ايندا، نه ته ٻه ڏهاڪا اڳ هر جاءِ پکين جون لاتيون ٻُڌڻ ۾ اينديون هيون. پر بارود جي استعمال ۽ فصلن ۾ زهريلين دوائن جي استعمال سبب ڪيترن ئي پکين جا نسل پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن. جڏهن ته ٻاهران مهمان ٿي ايندڙ پکين لاءِ وري شڪاري تاڙ ۾ ويٺل ڏسجن ٿا. جيتوڻيڪ انهيءَ شڪار خلاف مختلف وقتن تي آوز اُٿندو به رهيو آهي، پر اُنهيءَ آواز کي شڪار ڪندڙن پاران سدائين اڻٻُڌو ڪيو ويندو رهيو آهي. جڏهن ته تازو انهيءَ حوالي سان هڪ چڱي خبر اِها سامهون آهي آهي ته سپريم ڪورٽ تلور جي شڪار تي پابندي بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت جي تلور جي شڪار جي اجازت نامي واري نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٽه-رڪني بئنچ تلور جي شڪار جي اجازت نامن کي 19 آگسٽ تي ڪالعدم ڪري مختصر فيصلو جاري ڪيو هو.گذريل اڱاري ڏينهن انهي جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي عدالت چيو آهي ته بدقسمتي آهي جو بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان فيصلو اچڻ کان پوءِ به صوبائي حڪومتون انهي تي عملدرآمد نه ڪري رهيون هيون ۽ تلور جي شڪار بابت اجازت ناما جاري ڪيا پئي ويا. انهي حوالي سان سنڌ سرڪار جي 12 آڪٽوبر 2014ع جي نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تلور جي شڪار جي اجازت خصوصي پرمٽ ذريعي ڏني ويندي، جنهن جي حمايت پرڏيهي وزارت جي موڪليل خط ذريعي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ علائقو مخصوص ڪري ڏنو ويو آهي. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باعزت زندگي گذارڻ جو بنيادي حق رڳو اسان جي زندگين تائين محدود ناهي پر اهو ايندڙ نسلن وٽ به آهي. سائنسي شاهدين جي روشني ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته جيڪڏهن زمين جانورن، پکين، درياهن، شفاف هوا ۽ مٽي کان محروم ٿي وڃي ته ان سان وڏي تباهي ايندي. اسين سمجهون ٿا اعليٰ عدالت وقتائتو فيصلو ڏنو آهي، اُن سان تلور جي ختم ٿيندڙ نسل کي بچائي سگهبو. اُن لاءِ ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته حڪومت انهيءَ فيصلي تي دل ۽ من سان عمل ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *