تعويزن جي آڙ ۾ ٿيندڙ انساني کي لڄائيندڙ واقعا

 

ڪجهه ڏينهن کان شهر جي تاريخي قبرستان خليفو سائين مان ڪفن چوري ٿيڻ وارا واقعا لڳاتار ٿي رهيا هئا، جنهن تي شهرين ۾ هڪ وڏو تاءُ پکڙيل هو، جنهن کانپوءِ شهرين چوڪيدار مقرر ڪيا، جن رات جو هڪ شخص کي قبر کوٽي ڪفن چوري ڪندي پڪڙي ورتو. سوگهي ڪيل جوابدار جو چوڻ آهي ته هو تعويذ ڪندو آهي ۽ ڪفن تعويذن لکڻ ۾ ڪم ايندا آهن. هوڏانهن پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کنيا جيڪي هڪ گهر ۾ وڃي پيا، جتان پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو. اسان وٽ هڪ طرف سياسي ۽ انتظامي مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ته ٻئي طرف معاشري ۾ ٿيندڙ ڪجهه اڻ وڻندڙ واقعن به اسان جي معاشري جي هڪ حصي کي اهڙن غلط رستن تي وجهي ڇڏيو آهي، جن رستن تان هٽائڻ لاءِ هڪ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.مثال طور اسان وٽ ڪيترائي ڀوپا جن ڪڍڻ جي بهاني سان مختلف ڳوٺن ۾ ذهني بيمار عورتن جو جن ڪڍڻ لا ءِ ايترا ته هانءُ ڏاريندڙ طريقا استعمال ڪندا آهن جو ڏسندڙن جا به لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن، اڪثر ڀوپا جن کي ڪڍڻ لاءِ باهه تي شيخون تپائي مريض جي جسم تي ڏنڀ ڏيندا آهن يا مريض کي لٺيون هڻي جن کي ڀڄائڻ وارا سانگ رچائيندا آهن. اهڙن انسانيت سوز طريقن استعمال ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي مريض موت جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن،حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جن ڪڍڻ جا دعويدار اهي ڀوپا گهڻو ڪري مزارن تي آيل ڪجهه وسوڙل ماڻهن آڏو مختلف قسم جا ڊراما ڪري پنهنجا شڪار ڳوليندا آهن. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ڪجهه مزارون اهڙيون آهن جتي عورتن کي وار کولي حال ۾ اچڻ وارو سانگ ڪندي ڏٺو ويندو آهي. وسوڙل ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته اهي عورتون ڪي سوالي آهن، جيڪي حال ۾ اچي ويون آهن. ليڪن اندروني طرح انهن عورتن مان ڳچ جيترو انگ انهن ڀوپن جي پنهنجي عورتن جو هوندو آهي، جنهن کي ڏسي ڪيتريون ئي وسوڙل عورتن به انهن سان وار کولي ڦيريون پائڻ شروع ڪري ڇڏينديون آهن. جڏهن انهن عورتن جا ڀوپا وسوڙل عورتن جي مردن سان رابطا ڪري انهن سان ٽائيم مقرر ڪندا آهن ۽ پوءِ سڄو سال سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ پيا عورتن جا جن ڪڍندا آهن ۽ غريبن کي پيا ڦريندا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به عورت کي ڪو جن نه ٿيندو آهي اها هڪ بيماري آهي جنهن جو علاج ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ان سلسلي ۾ سنڌ جي جهونين عورتن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڀرت ڀرڻ، رلي ٺاهڻ ، چڪي پيهڻ، گاهه ڪرڻ، ڦٽيون چونڊڻ جو جيڪي عورتون ڪم ڪن ٿيون، تن کي ڪڏهن به جن ٿيندي نه ڏٺو ويو آهي پر جڏهن کان ٻهراڙين مان رليون ٺاهڻ ڀرت ڀرڻ يا مصروفيتن وارا ٻيا ڪم ڪار ختم ٿيا آهن تڏهن کان عورتن کي جنن وڌيڪ چهٽڻ شروع ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته جن رڳو ٻهراڙين جي ڇوڪرين کي ئي ڇو چهٽن ٿا جڏهن ته شهرن ۾ ساڳئي عمر جون جيڪي ڇوڪريون هونديون آهن، تن کي اهي جن ڇو نه ٿا چهٽن. ان ڳالهه جو سبب ٻڌائيندي ڪيتريون ئي سماج سڌارڪ عورتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته شهرن ۾ ڇوڪرين کي جن ان ڪري نه ٿو چهٽي ڇاڪاڻ ته اهي تعليم حاصل ڪن ٿيون ۽ انهن جو دماغ ڪتابن ۾ خرچ ٿيڻ ڪري جنن کي موقعو ئي نه ٿيون ڏين جو اهي انهن کي چهٽن. بهرحال ان ڳالهه تي هڪ ڊگهو بحث ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ٻئي طرف انهن ڀوپن ۽ جعلي عاملن جيڪي پاڻ کي وڏا پهتل بزرگ ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙا اهڙا ڪريل ڪم ڪن ٿا، جنهن سان معاشري جي هر هڪ فرد جو ڪنڌ هيٺ ٿيو وڃن. اهي جعلي عامل قبرستانن کي عام طور تي پنهنجي ٺڪاڻي طور استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. جڏهن ته جيڪو سائل وٽن پنهنجو مسئلو کڻي ايندو آهي، تنهن کي قبرستان مان ڪنهن مردي جي کوپڙي کڻي اچڻ يا، ڪنهن جو ڪفن لاهي اچڻ سميت ڪيترائي اهڙا ڪريل ڏس ڏيندا آهن جو ماڻهو ٻڌڻ سان حيران ٿي ويندو آهي. بهرحال اسان وٽ جهڙي ريت عطائي ڊاڪٽرن جو آزار آهي، اهڙي ريت اسان وٽ نقلي عاملن جو به هڪ وڏو جهان آهي، جيڪي اسان جي معاشري کي اندران ئي اندران ڪمزور ڪرڻ ۾رڌل آهن. ان ان سلسلي ۾ ڪفن چور واري هن خبر جو ٻيو حصو انهن کوجي ڪتن پاران جوابدارن جا پيرا کڻڻ سان به آهي. سنڌ ۾ جعلي عاملن سان گڏوگڏ جعلي ڪتن جو استعمال به وڌي ويو آهي ڪجهه ماڻهو ٿلها متارا ڪتا هٿ ڪري انهن کي فوج جا رٽائر ٿيل کوجي ڪتا ڄاڻائي علائقي اندر ٿيندڙ وارداتن جا پيرا کڻڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کوجي ڪتن جا مالڪ پيرا کڻائيندڙ شخص کان 25 کان 50 هزار رپيا وٺي پيرا کڻائين ٿا ۽ پوءِ جنهن گهر ۾ ڪتا ويهي رهن ٿا تنهن گهر ڀاتين کي پوليس گرفتار ڪري اچي ترم ۾ وجهندي آهي. جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي ته ڪتن جن ماڻهن کي جوابدار ٺهرايو هو اهي ته بي قصور هئا اسان هتي سنڌ سرڪار کي اپيل ڪنداسين ته اها جعلي عاملن ڀوپن ۽ نقلي کوجي ڪتن جي مالڪن خلاف گرينڊ آپريشن ڪري انهن کي سوگهو ڪري ته جيئن قبرستانن مان ڪفن ۽ انساني کوپڙيون چوري ٿيڻ يا بي گناهن کي کوجي ڪتن جي ڏس تي جوابدار قرار ڏيڻ وارن واقعن کي ٻنجو اچي سگهي ۽ عو ام به فضول رسمن کان بچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *