تعليم کان ڀٽڪيل 30 لک ٻارڙن جو مستقبل …!

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار خانگي ادارن کان گهٽ هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري ادارن ۾ پڙهندڙ هڪ ٻار تي مهينو 800 رپيا خرچ ڪري ٿي، سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جون پگهارون به خانگي شعبي جي تعليمي سسٽم جي پگهارن کان وڌيڪ سٺيون آهن، پوءِ به سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي ڇو بهتر ناهي؟ وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ آئون استادن جي اعليٰ سطحي ٽريننگ لاءِ هڪ اڪيڊمي قائم ڪرڻ گهران ٿو ته جيئن صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان کي  سرڪاري اسڪولن ۾ ڊسيپلين پڻ آڻڻو پوندو، ان لاءِ اسان کي سخت اُپاءُ وٺڻا پوندا. وڏي وزير جو چوڻ هو ته 30 لک ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ وٺي اچڻو آهي، اُن لاءِ آئون 500 رپيا هر ٻار کي ماهوار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. وڏي وزير جو اهو به چوڻ هو ته اسان سائنس، انگريزي ۽ رياضي ٽيبليٽ ذريعي ٻارن کي سيکاري سگهون ٿا. تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪريو، هاڻي ٻار انهي ۾ گهڻو تيز ٿي چڪا آهن. هن هدايت ڪئي ته اهڙا سافٽ ويئر بڻايا وڃن ته جيئن ٻار ٽيبليٽ ذريعي ٻڌي ۽ لکي سگهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران تعليم ۽ صحت جي بهتريءَ لاءِ کنيل قدم يقينن ساراهه جوڳا آهن، وڏو وزير انهن ٻنهي شعبن جي ڪارڪردگيءَ متعلق ڪيترائي ڀيرا ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪو آهي، جنهن مان سندس سنڌ دوستيءَ جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. پر ورهين کان وڌندڙ جهالت جي انڌاري کي کن پل ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن هنگامي بنيادي تي اُپاءَ ورتا به وڃن، تڏهن به نتيجا ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت ضرور درڪار هوندو. وڏي وزير پاران سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار بجا آهي ۽ اِها پڻ حقيقت آهي ته خانگي شعبي جي ڀيٽ ۾ گهڻو خرچ ڪرڻ باوجود سرڪاري اسڪولن جو رزلٽ ڪو خاطر خواهه نه ٿو هجي، جنهن بابت ماهرن توڙي عام ماڻهن جي الڳ الڳ راءِ آهي. ائين به ڪونهي ته ڪو هر خانگي اسڪول جي رزلٽ بهتر آهي، ڪيترائي ڪمائيءَ جي خيال کان کوليل خانگي اسڪول سرڪاري اسڪولن کان به پوئتي آهن، پر جيئن ته انهن اسڪولن ۾ ٻارن تي والدين جي توجه هجي ٿي ۽ اُهي اسڪول کان علاوه ٽيوشن جهڙي مرض تي به ڳري رقم خرچ ڪن ٿا، جنهن ڪري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال نه ٿا اُٿن. اُن جي اُبتڙ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي اڪثريت بنهه غريب هجي ٿي، جن جا والدين پيٽ پالڻ ۾ پورا هجن ٿا ۽ اُهي بس لوڪ لڄا خاطر ٻارن جو اسڪولن ڏانهن رُخ ڪرائين ٿا، جنهن ڪري خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق هجي ٿو. اُن کان علاوه سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي نصاب ۾ پڻ خاصو فرق هجي ٿو. سرڪاري اسڪولن ۾ ورهين کان هلندڙ ساڳيو ئي نصاب پڙهايو وڃي ٿو،

اسان هنن سٽن ذريعي اهو چونداسين ته تعليم لاءِ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن روڊن تي گهمندڙ ۽ غلط ڪمن طرف متوجهه ٿيندڙ ٻارڙن جو مستقبل بهتر ٿي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *