تعليم جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا وڃن…!

 

تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو آهي ته اسان تعليم کاتي اندر ملينيم گول پورا نه ڪري سگهيا آهيون، ان ۾ سڀ ذميوار آهيون. اسان وٽ وسيلا ٿورا آهن جن کي مس مئنيج ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته حمام ۾ اسان سڀ ننگا آهيون جنهن لاءِ سڀني کي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر متعارف ڪرائڻ تعليم جي ڀلائي ۾ آهي، جنهن ۾ بهتر اڳڀرائي اها ٿي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ استاد تنظيمن جي پٽيشن تي جاري ڪيل اسٽي ختم ڪري ان درخواست کي سنڌ سروسز ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مان استاد تنظيمن کي وري به گذارش ڪريان ٿو ته کاتي جي رولز ۾ استادن کي ڪو نقصان نه آهي. استاد جڏهن پاڻ کي پڙهائڻ تائين محدود رکندا ته انهن جي عزت ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته استادن لاءِ ڳالهين جا دروازا اڃا به کليل آهن. اسان استادن جي ترقين ۽ پوسٽن کي نه گهٽايو آهي، جيڪڏهن استاد تنظيمن جا اڳواڻ چاهن ته وري ڳالهين جي ميز تي ويهي سگهن ٿا. هن چيو ته والدين پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، ايئن نه ٿئي جو اهي استادن جي نه پڙهائڻ خلاف روڊن تي نڪري اچن. ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو جو چوڻ هو ته اهو چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا اسڪول بند آهن جن جو اڳ تعداد 5 هزارن کان وڌيڪ هو هاڻ استادن جي نئين ڀرتين کانپوءِ ڪي اسڪول کلڻ جا اطلاع مليا آهن. پر انهن جي تصديق ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ مانيٽرنگ جي نظام کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت ايندڙ 15 ڏينهن اندر ڪال سينٽر ڪم شروع ڪندو، جنهن ذريعي استادن جي لوڪيشن مانيٽر ڪري سگهبي. هن چيو ته اسڪولن جي نگراني لاءِ مانيٽر به مقرر ڪيا پيا وڃن، جيڪي اسڪولن جا دورا ۽ نگراني ڪري ٿڏي تي کاتي کي آن لائين رپورٽ ڏيندا. پهرين مرحلي ۾ اهي مانيٽر سنڌ جي لاڙڪاڻي، نواب شاهه، سکر سميت پنجن ضلعن ۾ مقرر ٿيندا. هن چيو ته ارلي چائلڊ اسڪول به کوليا ويندا، جتي ليڊي ٽيچرس مقرر ڪيون وينديون. هن چيو ته مئنيجمينٽ ڪيڊر متعارف ڪرائڻ بعد بهتري اچڻ لڳي آهي. استاد ڊيوٽين تي وڃڻ لڳا آهن ۽ ڪيترن ئي گوسڙو استادن جي نشاندهي به ٿي وئي آهي. هن چيو ته استادن کي اجايو اعتراض آهي، اسان مئنيجمينٽ ڪيڊر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو آهي، ڪي تپيدار مقرر نه ٿيا آهن جو اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پنجين درجي جي شاگردن جي ٽيسٽ وٺڻ لاءِ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن جي فارم ۾ ڪلاس ٽيچر جو نالو لکڻ جو ڪالم به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان پتو پوندو ته استادن جي پڙهائڻ جو معيار ڪيترو آهي، جنهن جو معيار ڪمزور هوندو اهو استاد وائکو ٿيندو ۽ جيڪي استاد پڙهائڻ ۾ ڀڙ هوندا تن کي مڃتا ايوارڊ ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *