تعليمي درساگاهن کي اوطاقون بڻائڻ جو رواج ختم ڪيو وڃي

 

حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ سر هدايت الله جي نالي سان قائم قديمي اسڪول جيڪو هاڻ هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن اسڪول کي بندڪرائڻ لاءِ هڪ ڊگهي عرصي ڪجهه قبضي خورن پاران ڪوششون هلندڙ آهن. ان سلسلي ۾ قبضي خورن پاران اسڪول ۾پڙهندڙ شاگردن ۽ استادن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن تعليمي سرگرمين ۾ رخنو وجهڻ لاءِ مختلف قسم جون ڪوششون ٿينديون رهيون ته جيئن اهو اسڪول پاڻ ئي بند ٿي وڃي. جڏهن ته اسڪول جي پاسي ۾ قائم واڙي جي مالڪن پاران ڪيترائي ڀيرا مينهن کي اسڪول جي اندر ٻڌڻ تان به استادن سان منهن ماري ٿيندي رهي آهي. جڏهن ته مينهن کي اسڪول جي احاطي ۾ ٻڌڻ سان ڇيڻو ۽ ٻيو گند ٿيڻ جي ڪري شاگردن جو اسڪول اندر اچڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر استادن ۽ واڙي جي مالڪن وچ ۾ منهن ماري ٿي، جڏهن ته جوابدارن اسڪول جي پرنسپال جي آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پرنسپال کي ڳٿر مان جهلي سرعام مٿس ٿڦڙن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿي وئي ۽ شاگردن ۽ استادن پاران ڪيل احتجاج کانپوءِ واقعي خلاف جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ۽ هڪ جوابدار گرفتار به ٿيو آهي. اڄڪلهه سڄي سنڌ ۾ اهي دانهون آهن ته سرڪاري اسڪولن کي تالا لڳڻ هڪ عام روايت بڻجي وئي آهي جنهن ڪري سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ موجود ان قديمي اسڪول تي جن ماڻهن قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان خلاف پرنسپال جي فرياد تي ڪيس داخل ته ٿي ويو آهي، پر هتي وري به اهو ئي سوال بحث هيٺ اچي ٿو ته ڇا انهن جوابدارن کي سزاملي سگهندي؟ ڇاڪاڻ ته مذڪورا اسڪول پڪي قلعي اندر آهي ۽ پڪي قلعي تي شهري لساني تنظيم جو مڪمل قبضو آهي، ظاهر آهي ته ان علائقي ۾ جنهن به شخص اسڪول کي بندڪرائڻ لاءِ سوچيو آهي ان کي به ڪنهن سگهاري شخصيت جي پٺ ضرور هوندي ان ڪري اهو ڪيس عدالت ۾ هلڻ کان اڳ ئي مختلف طرفن کان پرنسپال تي دٻاءُ پوڻ کانپوءِ راڄوڻي فيصلي جو شڪار ٿي ويندو ۽ اهو ڪيس”راضي نامي“ جي نالي ۾داخل دفتر ٿي ويندو، هونئن به اسڪول جي پرنسپال کي اهڙي ڪا به ضرورت ناهي ته اهو سمنڊ ۾ ويهي واڳن سان وير وجهي. اهڙي ريت جيڪڏهن راڄوڻي ٺاهه نه ٿيو تڏهن به ڪنهن جوابدار کي عدالت تڏهن سزا ڏيئي سگهندي جڏهن ان جوابدار خلاف عدالت ۾ ڪو شاهدي ڏيندو، جنهن جا امڪان به گهٽ آهن، ان ڪري جوابدار کي عدالت مان سزا ملڻ جا امڪان به نظر نه ٿا اچن. اسان سمجهون ٿا ته جيتوڻيڪ جوابدارن خلاف اسڪول جي پرنسپال ڪيس داخل ڪرايو آهي، پر ڏٺو وڃي ته جوابدار هڪ وڏو قومي ڏوهه ڪيو آهي ۽ قومي ڏوهاري کي سزا ڏيارڻ سڀني تي گڏيل فرض آهي، ان ڪري اسان استادن جي تنظيم گسٽا ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي اپيل ڪنداسين ته اهي ان ڪيس جي پاڻ نه رڳو پوئيواري ڪن پر ان ۾ ڌر به بڻجن ته جيئن جوابدارن کي سزا ملي سگهي.پر جيڪڏهن معاملي کي رڳو هڪ پرنسپال جو ذاتي معاملو سمجهي نظر انداز ڪيوويوته پوءِ نه رڳو اسڪول جي پرنسپال تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي همت وڌندي پر ٻين سرڪاري اسڪولن جي عمارتن تي نظر رکي ويٺل قبضي خورن جو به من وڌي ويندو ۽ اهي به سرڪاري اسڪولن جي عمارتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجو مڪروهه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌڻ شروع ڪندا. جهڙي ڪارروائي پڪي قلعي ۾ موجود سر غلام حسين هدايت الله اسڪول تي قبضي لاءِجوابدارن پاران ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *