تازي ملڪ جي صورتحال ۾ متحد ٿيڻ ضروري آهي

ضرب عضب آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ مُلڪ جي ڳجهن ادارن جون اِهي رپورٽون هيون ته دهشتگرد انهيءَ آپريشن جي ردعمل ۾ انتها تائين وڃي سگهن ٿا ۽ اهڙي انتها ڪالهه اسان پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ اُن وقت ڏٺي جڏهن ڪجهه دهشتگرد اسڪول جي پٺيان واري ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ ايندي ئي ڌماڪا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 146 ڄڻا شهيد، جڏهن ته سوين شاگرد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان قبول ڪري ورتي آهي. اِهو هڪ اهڙو دردناڪ واقعو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. اِهو واقعو نه رُڳو دهشتگردن جي درندگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، اِنهيءَ مان اِهو پتو به ملي ٿو ته دهشتگردن کي انسانيت سان ڪو به سروڪار ناهي. اُنهن دهشتگرد نه رُڳو علم دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي پر پاڪستان جي مستقبل مٿان حملو ڪري هُنن ثابت ڪيو آهي ته اُهي ڪڏهن به هن مُلڪ کي امن ۽ سلامتيءَ ۾ سُکيو ستابو ٿيندي ڏسڻ نٿا گهرن. انهيءَ واقعي کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي ٿو ته اُهو پڻ هن مُلڪ جي عوام جي خواهشن جي قاتلن مان سمجهيو وڃڻ گهرجي. واقعي کان ستت ئي پوءِ وزيراعظم اِهو چئي پشاور روانو ٿي ويو ته ’مان ان قومي سانحي کان پوءِ اسلام آباد ۾ ويهي نٿو سگهان.‘ سندس اهو به چوڻ هو ته هاڻ آپريشن جي مان پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هيءُ قومي سانحو آهي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سڀئي منهنجا ٻچا آهن. ڪالهه آرمي چيف جنرل راحيل شريف پڻ ڪوئٽيا جو دورو ملتوي ڪري پشاور پهچي ويو آهي. جڏهن ته انهيءَ واقعي کان پوءِ تحريڪ انصاف 18 ڊسمبر تي اعلانيل پنهنجي هڙتال وارو سڏ واپس ورتو آهي ۽ خود عمران خان پڻ پشاور روانو ٿي ويو آهي. انهيءَ سانحي جا جتي سيڪيورٽي ليپس ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، اُتي مُلڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ کي پڻ اهم ڪارڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو، جو وفاقي توڙي خيبرپختونخوا جي سرڪار جون سموريون توانائيون هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ٿي رهيون هيون. جيڪڏهن اِها ڇڪتاڻ متل نه هُجي ها، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڌرڻن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ پنهنجي صوبي جي سيڪيورٽيءَ وارن معاملن تي توجه ڏئي ها ته هوند، ايڏي وڏي سانحي مان گذرڻو نه پوي ها، پر بدقسمتيءَ سان اسان کي پنهنجي نسل ۽ مستقبل جي بقا کان، هٺ ۽ ذاتي انائون وڌيڪ عزيز ٿي ويون آهن، جنهن جو فائدو سدائين دهشتگرد قوتون ئي کڻنديون رهيون آهن. هڪ طرف مُلڪي فوج دهشتگردن خلاف تاريخ جي خطرناڪ جنگ وڙهي رهي آهي ته ٻئي طرف سياستدانن سڄي مُلڪ کي آکاڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڌرڻا، احتجاج ۽ هڪ ٻئي خلاف غير اخلاقي ٻولي ڳالهائڻ کي اُنهن روايت بڻائي ڇڏي آهي. ٿيڻ ته اِئين گهربو هو ته مُلڪ جون سڀئي جمهوري قوتون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي دهشتگرديءَ جي آزار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون وٺن ها، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا اڳواڻ اهڙين صحتمند روايتن کان بنهه عاري بڻجي چُڪا آهن. اُنهن کي معلوم ئي نه ٿو هُجي ته ڪهڙي وقت تي ڪهڙو عمل ڪرڻ گهرجي. اُهي پنهنجي نادانيءَ سبب دشمنن لاءِ سدائين آسانيون پيدا ڪندا رهيا آهن، جنهن سبب نه رُڳو قومي نقصان ڀوڳڻو پوي ٿو پر پوريءَ دنيا ۾ مُلڪ ساک پڻ جيئن پوءِ تيئن متاثر ٿي رهي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *