بي بي سي جي بينظير ڀٽو قتل جي جاچ بابت سنگين لاپرواهين جي نشاندهي..!

بي بي سي بينظير ڀٽو بابت تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيس جي جاچ دستاويزن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته پوليس ڪيس جي جاچ انتهائي بي دلي سان ۽ گرفتار ڪيل حملي آورن ۽ سهولتن جي اصل ڏوهارين تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي. رپورٽ مطابق جاچ آفيسر سعود مرزا هڪ بمبار جو حليو ٻڌايو جيڪو ڪراچي جي هڪ مخصوص علائقي جو لڳي پيو جڏهن ته اها انتهائي اهم ڄاڻ ڪڏهن سامهون نه آندي وئي. گڏيل قومن واري ڪميشن جي سربراهه چيو ته جاچ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه حڪومتي وزيرن به تعاون نه ڪيو. هن اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪجهه ماڻهن جو بيان وٺڻ چاهيو پر ايئن نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ ان جي آفيس ۽ سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي. ٻن سهولتڪارن کي 15 جنوري 2008ع جي هڪ چيڪ پوسٽ تي مبينا مقابلي ۾ ماريو ويو. ان کانپوءِ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي به ماريو ويو جن ۾ بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي تي مقرر خالد شهنشاهه به شامل آهي ان واقعي جو هڪ جوابدار اڪرم الله اڃان زندا آهي ۽ ڪيس ۾ سزا صرف ٻن آفيسرن کي ٻڌائي وئي جن حادثي واري جاءِ ڌورائي. بينظير ڀٽو قتل کان اڳ حياتي کي خطرن بابت آئي ايس آئي ۽ فوج جا گھرو وزارت کي لکيل خط به سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي 10 ورهين بعد انٽر سروسز (آئي ايس آئي) ۽ پاڪ فوج جا گھرو وزارت کي لکيل خط بينظير ڀٽو جي حياتي کي خطري بابت آهن. هڪ رپورٽ موجب 19 ڊسمبر 2007ع تي لکيل خط ۾ اڳوڻي صدر (ر) جنرل پرويز مشرف، بينظير ڀٽو ۽ مولانا فضل رحمان جي قتل جو ذڪر آهي.آئي اسي آئي جي خط بعد ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ به گھرو وزارت کي خط لکي خطري بابت آگاهه ڪيو. جڏهن ته القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي ڪمپائونڊ مان مليل دستاويزن مان به ان حوالي سان ڄاڻ ملي، رپورٽن ۾ چيو ويو ته ڳجھن ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته اسامه بن لادن پرويز مشرف، بينظير ڀٽو ۽ مولانا فضل رحمان جي قتل جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رحمان ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته  بينظير ڀٽو تي آپگهاتي حملو ڪرڻ وارا  2 دهشتگرد هئا، جنهن مان اڪرام الله نالي آپگھاتي  بمبار اڄ به زنده آهي جنهن بيت الله محسود کي وڃي حملي بابت آگاهي ڏني، حملي آور اڪرام الله هن وقت افغانستان جي قنڌار ۾ موجود آهي، جنهن بينظير ڀٽو تي گولي هلائي، افغان صدر اشرف غني بمبار کي گرفتار ڪري پاڪستان حوالي ڪري، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو دهشتگردي خلاف ڳالهائي ٿو اهو ٻڌائي ته بينظير ڀٽو تي حملي جي سهولتڪار عبيدالرحمان کي سي آءِ اي ڊرون حملي ذريعي ڇو مارايو، پيپلزپارٽي شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جو پيڇو ڪندي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندي. مشرف جيڪڏهن سچو هجي ها ته پاڪستان اچي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏي ها، پرويز مشرف بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي ذاتي رنجشن سبب نه ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *