بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۽ مارڪ سيگل جي شاهدي

مارڪ سيگل بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو ذميوار اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي قرار ڏيندي پنهنجي بيان جي ڪاپي به ملي چڪو آهي، ۽ ان جي ڪاپي ڌرين کي موڪلي وئي آهي، مارڪ سيگل بينظير قتل ڪيس  جو ذميوار پرويز مشرف کي چيو آهي. بينظير ڀٽو دبئي کان پرويز مشرف کان جان جي خطري بابت لکيو. سندس موجب ته گلف ڳجي ايجنسي ڪال ٽريس ڪئي جنهن ۾ بينظير جي قتل جي رٿا بڻائي پئي وئي. پرويز مشرف واعدو ڪيو ته بينظير جي سيڪيورٽي لاءِ موبائيل جيمرز ناڪارا آهن. منهنجي سامهون بينظير ڀٽو کي پرويز مشرف جو ڌمڪي وارو فون آيو، فون ٻڌڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو سخت پريشان ٿي وئي، مار سيگل جي بيان تي رد عمل طور سنڌ جي سنيئر صوبائي وزير اطلاعات و نشريا ۽ تعليم نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پهريان  ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪرايو ويو ۽ پوءِ بينظير ڀٽو کي عوام وچ ۾ شهيد ڪيو ويو، مارڪ سيگل جي بيان کان پوءِ واضع ٿي ويو آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت جي سازش جا پيرا ڪنهن ڏانهن وڃن ٿا ان لاءِ آمر پرويز مشرف بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس مان بري الذمه نه ٿو ٿي سگهي. هن اهو ارباب رحيم جي وڏ وزارت جي دور ۾ جاري ڪيل بيان تي چيو ته 18هين آڪٽوبر جو جلوس 12 وڳي کان اڳ ختم ٿي وڃڻ وارو بيان ڏيڻ تي ارباب غلام رحيم کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، نثار احمد کهڙو جو اهو به چوڻ هو ته 18 هين آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر واري جاءِ واردات کي هڪ ڪلاڪ اندر ڌوئي صاف ڪيو ويو ۽ ان بابت خبر نه هجڻ تي پرويز مشرف معافي گهري هئي.شهيد بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ذميداري آمر پرويز مشرف جي هئي پر هن شهيد بينظير ڀٽو کي اهو چئي گهربل سڪيورٽي فراهم نه ڪئي ته توهان جي بهتر سيڪيورٽي جي فراهمي مون سان سٺن تعلقاتن تي هوندي. هن چيو ته مير مرتضي ڀٽو کي شهيد ڪرايو ويو ته ان جو الزام بينظير ڀٽو جي حڪومت تي هنيو ويو پر بينظير ڀٽو پرويز مشرف جي حڪومت ۾ شهيد ڪئي وئي ته پوءِ پرويز مشرف پڻ ان سانحي جو ذميدار آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ واري ڪيس ۾ ان وقت جي عدليه اڄ تائين منهن ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي ان ڪري موجوده عدليه مان اميد آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽيءَ سان انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه قوتن کان اهو هضم نه ٿو ٿئي ته پيپلز پارٽيءَ جي عوامي حڪومت قائم رهي اهي اهي ئي قوتون آهن جن جي روين عوام ۽ اسان کان پهريان ذوالفقار علي ڀٽو پوءِ بينظير ڀٽو کي کسيو. ملڪ ۾ مسئلن جو واحد حل جمهوريت ۾ آهي ان لاءِ جمهوريت قائم رهڻ گهرجي.

مارڪ سيگل جي بيان بعد ڇا اڃان به ڪا وضاحت درڪار آهي جئين بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس کي منتقي انجام تائين پهچايو وڃي، مارڪ سيگل جي گواهي، واقعي دوران فوري طور تي ڪيل ڪارروايون ۽ ان بعد کان هلندڙ عدالتي ڪاررواين دوران جيڪي ڳالهيون چٽي نموني واضح ٿيو ۽ اڳ به اهي واضح ئي هيون ان کان پوءِ هاڻي ڇا ڪيس سان انصاف ٿيندو.؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *