برسات جون تباهيون ۽ انتظاميه جو ڪردار…

اسلامي دنيا جي سگهاري طاقت هجڻ جي دعويدار مُلڪ جي حالت اِها آهي جو فقط 59 ملي ميٽر مينهن سڄي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن جون خوشيون ماتم ۾ بدلجي وڃن ٿيون، ڪيترائي ٻار يتيميءَ جي روڳ ۾ وٺجي وڃن ٿا ۽ اسان جا حڪمران قدرتي آفتن جو بهانو بڻائي پنهنجي ذميوارين کان آجا ٿي وڃن ٿا. مڃي به وٺجي ته قدرتي آفتون ڪنهن به مُلڪ جي وس کان ٻاهر هونديون آهن ۽ اُنهن کي مُنهن ڏيڻ قدرِ مشڪل هوندو آهي، ايستائين جو دُنيا جا ترقي يافته مُلڪ به اهڙين آفتن وارين گهڙين ۾ مشڪلاتن جو شڪار هوندا آهن، پر اُتي ايترو نقصان ناهي ٿيندو، جيترو اسان وٽ معمول وارين بارشن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو پڻ آفتن سبب گهٽ، پنهنجي غلط پلاننگ سبب وڌيڪ ئي ٿيندو آهي. مُلڪ جي هڪ اڌ شهر کي ڇڏي باقي جن به علائقن ۾ اڏاوت ڪئي وڃي ٿي، اُن جي ڪا به پلاننگ نه ٿي هُجي، بلڪه جنهن به ماڻهوءَ توڙي بلڊر کي جتي به وڻندو آهي، اُهو اُتي رهائشي ڪالونيون جوڙي وٺندو آهي، اُن کي انهيءَ سان ذرو به سروڪار ناهي هوندو ته اُن علائقي جي نيڪاس جو پاڻي ڪهڙيءَ ريت نيڪال ڪيو ويندو يا آفتن جي صورت ۾ اُن علائقي کي ڪيترو نقصان رسندو. اُن کان علاوه هن رياست ۾ سڀ کان وڏو تباهين جو سبب غربت آهي، جيڪا ماڻهن کي اِهو سوچڻ جي وٿي ئي نه ٿي ڏئي ته اُهي پنهنجا اجها مُندن ۽ موسمن جي آڌار جوڙين. بلڪه پکين جيئن ڪک پن گڏ ڪري ماڻهو ڇپر ڇانوَ ڪرڻ لاءِ به حاضرت هوندا آهن، جيڪي ٿورڙي طوفان يا مينهن ۾ اچي پٽ پوندا آهن. حقيقت ۾ اها رياست جي ذميواري هُجڻ گهرجي ته اُها پنهنجي ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائي، پر بدقسمتيءَ سان هتي جي جمهوري توڙي غير جمهوري حڪمرانن سدائين پنهنجي زندگيءَ جي معيار تي توجه ڏني آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو سدائين ڏچي ۾ رهيو آهي، اُهو ڪڏهن زلزلن جي زد ۾ اچيو وڃي ته ڪڏهن طوفان توڙي مينهن سندن الهه تلهه تباهه ڪريو ڇڏين. اُن کان علاوه رستن توڙي چوراهن تي کڙا ڪيل سائن بورڊ پڻ سدائين موت جو سائرن وڄائيندا رهن ٿا. نه ته اُنهن جي پختگيءَ لاءِ ڪو قانون يا پُڇاڻو آهي، نه ئي سياستدانن جي آدم قد پوسٽرن لڳائڻ لاءِ ڪنهن اجازت نامي جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن اُنهن لاءِ ڪا قانوني چاره جوئي هُجي ته هوند طوفاني صورت ۾ ايتري نقصان جو مُنهن ڏسڻو نه پوي. پر ڳالهه وري به ساڳي ئي اچي بيهي ٿي ته هن مُلڪ جي حڪمرانن کي آخر ڪهڙو لاچار ته اُهي غريب ماڻهن جي سلامتيءَ لاءِ ڪي گهڙيون خرچ ڪن! بهرحال ڪي پي ڪي ۾ وُٺل هاڻوڪو مينهن پي ٽي آءِ جي سرڪار لاءِ اصل امتحان آهي ته اُها انهيءَ ڏُک جي گهڙيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿي. پوري مُلڪ کي تبديل ڪرڻ جا خواب ڏيکاريندڙ اِها پارٽي جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي ماڻهن لاءِ هنن مشڪل گهڙين ۾ ڀرجهلي بڻجي ٿي ته اُن سان ٻين علائقن جي ماڻهن ۾ پڻ ويساهه وڌندو ۽ جيڪو يقينن پارٽيءَ جي حق ۾ بهتر هوندو. تنهن ڪري پي ٽي آءِ جي قيادت کي پنهنجون سموريون مصروفيتون ڇڏي پنهنجن ماڻهن سان هٿ ونڊائڻ گهرجي. ساڳي ريت وفاقي حڪومت جو پڻ فرض ٿو بڻجي ته اُها مصيبت هيٺ آيل ماڻهن جي واهر لاءِ صوبائي سرڪار سان سهڪار ڪري ته جيئن ٿيل نقصان جي ازالي سان گڏوگڏ امڪاني نقصانن لاءِ به ڪي تدبيرون جوڙي سگهجن. اسين اُميد ٿا ڪريون ته برسات جي تباهيءَ هيٺ آيل ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *