بدامني جي ور چڙهيل حيدرآباد…!

حيدرآباد ۾ بدامني وڌي وئي، عيدالضحيٰ ويجهو ايندي ئي ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو، مختلف علائقن ۾ ڦر ۽ چوريءَ جون وارداتون، ڏوهاري شهرين کان لکين رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل، موبائل فون ڦر، هڪ جيپ ۽ 12 لک ماليت جون 6 مينهون چوري ڪري ويا، گهر مان پاڻيءَ جو موٽر چوري ڪندڙ چور کي شهرين سوگهو ڪري ورتو ۽ سخت مارڪٽ ڪندي کيس باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد هيرآباد ۾6 اڻ ڄاتل هٿياربند جاويد قيوم پٺاڻ هڪ لک 70 هزار رپيا روڪ رقم، هڪ ليپ ٽاپ ۽ 3 موبائل فون ڦر ڪري ويا، ساڳي ٿاڻي جي حد ٻڪرا پڙي واري علائقي مان اڻڄاتل هٿياربند عديل رائو کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل، 2 موبائل فون ۽ 15 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ويا، مارڪيٽ ٿاڻي جي حد او پي ڊي چوڪ وٽان نامعلوم ڦورو عادل کان موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 7 مان هٿياربند هڪ شادي هال جي ٻاهران هاشم جي مهراڻ ڪار چوري ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 11 مان ڦورو يامين کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 6 مان اڻڄاتل هٿياربند رشيد نالي شخص کان 15 هزار رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد نمبر 7 مان هٿياربند هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري نويد ۽ ثاقب کان 70 هزار رپيا روڪ رقم۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته عيد تائين سمورن شهرن ۾ سيڪيورٽي پلان جوڙي هر چوڪ تي محافظ بيهاريا وڃن ته جيئن خريداري ڪندڙ توڻي رستي ويندڙ جي جان و مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي،ڇاڪاڻ ته عيد ويجهو ايندي ئي ڏوهارين قسم جا ماڻهو ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪيترائي شهري انهن جي ور چڙهي پنهنجو قيمتي سامان ۽ پئسه، موبائيل وغيره وڃائي ويهندا آهن. ان ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اهيو لازم ٿئي ٿو ته هو شهرين جي جان و مال جي حفاظت ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *