بجيٽ ۽ رمضان کان اڳ ماڻهن تي مهانگائي جو بم

 

حڪومت رمضان شريف جو مهينو اچڻ ۽ بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيون آهن. حڪومت پاران تيل اگھن ۾ ساڍن ٽن رپين کان 13 رپيا في ليٽر واڌ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پهرين جولائي کان گيس به مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.. گذريل ڏينهن تيل اگھن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سبب حڪومت تيل اگھن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پهرين جون کان پيٽرول جي اگھه ۾ 3 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اوگرا پيٽرول 6 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر حڪومت ساڍا ٽي رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسحاق ڊار موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 91 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گاسليٽ 6 رپيا 53 پيسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 57 پيسا واڌ جڏهن ته ايڇ او بي سي جي اگھه ۾ 13 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب نون اگھن مقرر ٿيڻ کانپوءِ هاءِ اسپيڊ جي نئين قيمت 87 رپيا 12 پيسا ٿي وئي آهي جڏهن ته هاءِ آڪٽن 83 رپيا 81 پيسا في ليٽر ملندو. هن چيو ته گاسليٽ جي نئين قيمت 64 رپيا 94 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 61 رپيا 67 پيسا ٿي وئي آهي. اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم سمورو بار واهپيدارن تي نه وجھڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ان ڪري حڪومت تيل تي 6 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيندي جيڪا رقم تقريبن 6 ارب رپيا ٿئي ٿي. سندس چوڻ هو ته وڌايل اگھه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. هوڏانهن وفاقي سرڪار عوام مان پيسا ڪمائڻ لاءِ گيس به مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي چينل نائنٽي ٽُو نيوز جي رپورٽ موجب  حڪومت پهرين جولائي کان گيس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي. نجي ٽي وي موجب حڪومت گيس مهانگي  ڪري عوام جي کيسي مان اربين رپيا ڪڍڻ چاهي ٿي. پهرين جولاءِ کان ماهوار بل ۾ هڪ سئو کان پنج هزار رپيا واڌارو ڪيو ويندو. نجي ٽي وي موجب گيس مهانگي ڪرڻ سان حڪومت کي  77 ارب رپين جي آمدني ٿيندي. . واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف حڪومت تي سبسڊي گھٽائڻ ۽ تيل توڙي گيس مهانگو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊبئنڪ پاران چيو ويو هو ته پاڪستان کي قرض جي نئين قسط گھرجي ته کيس تيل، گيس ۽ بجلي تي سبسڊي کي گھٽائڻو پوندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عام شين توڻي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ته جيئن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ عوام سڪون جو ساهه کڻي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *