باچا خان يونيورسٽِي تي حملو ڪنهن ڪرايو ؟، ڇا ثبوت ملي ويا.؟

افغانستان جي سڀ کان وڏي ڳجهي اداري جي اڳوڻي سربراهي ڀارتي قونصليٽ جي حڪم تي حملو ڪرايو پاڪستان باچاخان يونيورسٽي تي حملي جا ثبوت گڏ ڪري ورتا ذريعن مطابق افغانستان جي ڳجهي ايجنسي، نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جو اڳوڻو سربراهه رحمت الله نبيل جيڪو افغان صدر جي پاڪستان جي دوري تي احتجاجن مستعفي ٿي ويو هو هن چارسده يونيورسٽي تي حملو ڪرايو پاڪستان تي اڳوڻي اين ڊي ايس چيف جي باچاخان يونيورسٽي تي حملي ۾ سنواسڌا ملوث هئڻ جا ثبوت ملي ويا رحمت الله نبيل کي افغانستان ۾ ڀارتي قونصليٽ پاڪستان ۾ حملي لاءِ ٽاسڪ ڏنو هو جنهن تي هن حملي لاءِ ملان عمر منصور کان حملي آور گهريا جڏهن ته معاوضو به ان ئي طئي ڪيو. اڳوڻو اين ڊي ايس چيف افغانستان ۾ موجود ڪالعدم تحريڪ طالبان سربراهه ملان فضل الله تي ڪافي اثر رسوخ رکي ٿو جڏهن ته ان جا ڀارتي قونصليٽ سان به ان جا ڪافي ويجها واسطا آهن.

پاڪستان، چار سده ۾ باچا خان يونيورسٽيءَ تي حملي ۾ افغانستان جي ڌرتي استعمال ٿيڻ جا ثبوت افغان اختيارين کي ڏئي ڇڏيا. چيف آف آرمي جنرل راحيل شريف افغان سرڪار کان مدد پڻ گهري آهي، چيف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف افغان صدر اشرف غني، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل راحيل شريف چارسده ۾ يونيورسٽي ۾ حملي بابت افغان صدر،چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر سان معلومات شيئر ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل راحيل شريف مٿن واضع ڪيو ته چارسده حملي ۾ افغان ڌرتي استعمال ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته چار سده ۾ حملي کي  افغانستان مان هڪ جاءِ تان ڪنٽرول ڪيو ويو. هن چيو ته دهشتگردن وٽان افغانستان جون موبائل فون سمون هٿ آيون آهن. جنرل راحيل شريف چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جو هڪ اڳواڻ دهشتگردن کي موبائل فون ذريعي مسلسل هدايتون ڏئي رهيو هو. هن افغان قيادت تي زور ڀريو ته اها دهشتگردن کي ڳولڻ ۽ نشانو بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪري. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو جنهن ۾ ڊي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سميت پرنسپل اسٽاف آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ باچا خان يونيورسٽي سانحي تي غور ويچار ڪيو ويو. سانحي ۾ ملوث عناصر بابت سمورين شاهدين ۽ ڄاڻ بابت به آرمي چيف کي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب پاڪستان حملي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جو معاملو سفارتي ۽ فوجي سطح تي اٿاريندو ان حوالي سان پرڏيهي آفيس کي به ڄاڻ ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *