باچا خان يونيورسٽي دهشتگردي جي زد ۾

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾دهشت گردن جي حملي ۾ پروفيسر ۽ 18 شاگردن سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. گذريل ڏينهن 4 دهشت گرد باچا خان يونيورسٽي جي پٺئين پاسي ٻنين کان ڇتيون ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. 15 منٽن اندر 2 ڌماڪا به ڪيا. دهشت گردن جي فائرنگ ۽ ڌماڪن ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال داخل ڪيو ويو. يونيورسٽي ۾  حملي وقت باچا خان جي ورسي جي موقعي تي هڪ مشاعري جو بندوبست هو. مشاعري ۾ استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. وي سي موجب فائرنگ دوران 3 هزار شاگرد ۽ 600 مهمان يونيورسٽي اندر موجود هو. فائرنگ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. حملو 9 لڳي 15 منٽن تي ٿيو. شاگرد پنهنجي ڪلاسن، جڏهن ته شاگردياڻيون هاسٽل تائين محدود ٿي ويون. صوبائي وزير شوڪت يوسف زئي جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد حامد، سيد ڪمال، عمران، شيراز، ساجد، الياس، فخر عالم، حامد حسين، احمد ڪمال، رحمان الله، عبدالحميد، حيدر علي، صديق الله، نعمت خان ۽ ٻيا شامل آهن. شوڪت يوسف زئي موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ 2 شاگردياڻيون، 4 سڪيورٽي گارڊ ۽ 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿيا آهن. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جِي انتظاميا موجب، شهيد ٿيلن مان 20 ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن. دهشتگردن جي حملي ۾ چئن سڪيورٽي گارڊن سميت 60 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن ۾ عاصم، خالد حسين، ذاڪر حسين، محمد اسحاق، سمعيع الله، احسان الله، حضرت حيات، محمد اقبال، شهزاد افتخار، جنيد ۽ ٻيا شامل آهن. دهشتگرد حملي جي زخمين کي چارسده ۽ مردان اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمي جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڪوهيڙي سبب ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ٿي سگهي ٿو ته دهشتگرد ڪوهيڙي جو فائدو وٺي اندر داخل ٿيا هـُجن. ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ايليٽ فورس ۽ فوج کي طلب ڪري يونيورسٽي کي گهيري ۾ آندو ويو. ٻئي طرف خيبر پختون خواهه حڪومت چارسده سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ ۽ مقامي انتظاميا 31 جنوريءَ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽئي ڏينهن قومي جهنڊو پڻ جهڪيل رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *