اڳوڻي وزير اعظم جو جي ٽي روڊ جو سفر…

سيڪيورٽي خدشن کي نظرانداز ڪندي ميان نواز شريف اسلام آباد کان لاهور تائين جي ٽي روڊ تي سفر لاءِ نڪري پيو . اسلام آباد مان نڪرندڙ قافلي جي رفتار ايتري ته سُست نظر آئي جو اندازو اهوئي لڳايو پيو وڃي ته لاهور تائين پهچڻ ۾ کين ٽي کان چار ڏينهن لڳي ويندا. قافلي جي روٽ تي اسلام آباد پوليس، اسپيشل برانچ ۽ حساس ادارن جا اڍائي هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. سيڪيورٽي پلان موجب فيض آباد تائين اسلام آباد پوليس کي ذميداريون نڀائڻيون هيون ۽ اُن بعد پنجاب پوليس کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي، جڏهن ته ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ راولپنڊيءَ ۾ 4 هيلي پيڊ پڻ تيار ڪرايا ويا آهن. اُن کان علاوه پنجاب سرڪار 11 آگسٽ تائين جي ٽي روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد مان نڪرڻ وقت قافلي ۾ چڱو خاصو جوش ۽ خروش هو. جيڪو ڪالهه تائين ڪنٽينر سياست کي مُلڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار سڏي رهيو هو، اڄ پاڻ هو ڪنٽينر ۾ سوار آهي. ايترو ئي نه پر هو يوسف رضا گيلانيءَ خلاف آيل فيصلي کي به غلط ڪوٺي رهيو آهي. حالانڪه تنهن وقت هُو جوشِ خطابت ۾ يوسف رضا گيلانيءَ کي بنا دير گهر وڃڻ جو چئي رهيو هو. سندس اهڙين تقريرن جا ڪيترائي ڪلپس اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بار بار ڏيکاريا وڃن پيا. مطلب ته ميان صاحب کي تڏهن ئي هوش اچي ٿو، جڏهن هُو پاڻ ڪنهن مسئلي جو شڪار ٿئي ٿو. پر شايد هن ڀيري اهڙي ادراڪ ۾ کانئس دير ٿي چُڪي آهي. پاڻي سِر تان گذري ويو آهي ۽ اڄ جيڪو ڪجهه ساڻس پيش اچي رهيو آهي، تنهن کي سندس مخالف مڪافات عمل ڪوٺين ٿا جو ماضيءَ ۾ هُو به پنهنجي مخالفن کي اهڙي ريت ئي گهر ڀيڙو ڪرائيندو رهيو آهي! هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن نواز شريف کي وزارتِ عظميٰ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي، سندس خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ وڃن پيا، اهڙي وقت ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ ڇا واقعي به ميان صاحب عدالتن ۽ اسٽبلشمينٽ سان ٽڪراءُ چاهي ٿو يا اها پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش آهي؟ جيڪڏهن پارٽيءَ کي ئي منظم ڪرڻو آهي ته پوءِ اُن لاءِ ٻيا به ڪيترائي مثبت ذريعا ٿي سگهن ٿا، ڇو جو اڃا ڪيترائي مهينا اقتدار سندن هٿن ۾ آهي، انهيءَ عرصي دوران هُو پنهنجا واعدا پاڙي عوام کي اِهو ويساهه ڏياري سگهن ٿا ته سندن پارٽي ئي مُلڪ کي ترقيءَ جي راهن تي آڻي سگهي ٿي، مُلڪ کي قرضن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي، بيروزگاريءَ جو خاتمو يقيني بڻائي سگهي ٿي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته مُلڪ ۾ توانائيءَ جو بحران ختم ڪري سگهي ٿي! انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ کان پوءِ کين ايندڙ چونڊن ۾ سوڀ لاءِ ڪا گهڻي جدوجهد ڪرڻي به نه پوندي، پر اقتدار هوندي به مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪرڻ وارو عمل سمجهه کان ٻاهر آهي! جيتوڻيڪ هر ڪنهن کي جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ جو حق حاصل آهي، پر جيڪڏهن اهڙن عملن سان مُلڪي وهنوار متاثر ٿيڻ جو انديشو هُجي ته پوءِ ڪو به ساڃاهه وند ماڻهو اُنهن عملن جي حمايت نه ڪندو. ٻيو ته ميان صاحب جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي، اُن تي سيڪيورٽي جا خدشا پڻ ٻُڌايا ويا آهن، جنهن ڳالهه کي نظر ۾ رکندي جيتوڻيڪ سخت اُپاءَ ورتا ويا آهن، پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو حادثو پيش اچي ٿو ته اُن لاءِ ڪير ذميوار هوندو؟ پر شايد اسين پنهنجي مفاد ۾ سڀ ڪجهه وساري ويهون ٿا، اسان کي نه ته عوامي زندگين سان ڪو سروڪار هُجي ٿو، نه وري معيشت جي تباهيءَ جو ڪو الڪو، بس پنهنجا پانڌ بچائڻا آهن ۽ هر صورت ۾ اقتدار حاصل ڪرڻو آهي، انهيءَ خفت ۾ جيڪڏهن اصولن جي ڀيل ٿئي ٿي ڀلي وڃي ٿئي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *