اپوزيشن پاران وزير اعظم جو خطاب رد

گڏيل مخالف ڌر وزيراعظم جي بيان کي رد ڪندي، لائحه عمل جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اپوزيشن جو موقف  آهي ته وزيراعظم کان 7 سوالن جا جواب گهريا هئاسين پر هو خطاب کانپوءِ 70 سوال ڇڏي ويو آهي، هاڻي ته جده ۽ دبئي به اچي ويو آهي، اسان ته اهو پڇيو ئي ڪو نه هو، وزيراعظم پاڻ ٻڌائي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خطاب کانپوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم کان اسان پاناما ليڪس بابت رڳو 7 سوال پڇيا هئا پر وزيراعظم تي خطاب کانپوءِ 70 سوال پيدا ڪري ويو آهي ۽ اسان کي ته خبر ئي نه هئي ته جده ۽ دبئي به ان منظرنامي ۾ آهن جن کي وزيراعظم پاڻ ظاهر ڪري ويو آهي. هن چيو ته اسان کي هاڻي تون چور تون خراب آهين واري معاملي ۾ نه پوڻ گهرجي پر اسان صرف جواب چاهيون ٿا،

وزيراعظم کي موقف ڏيڻ جي لاءِ بهترين موقعو پيش ڪيو پر وزيراعظم هو وڃائي ڇڏيو ۽ وزيراعظم اهي انڪشاف ڪيا آهن جن جو ته اسان کي به پتو نه هو. ميڊيا وٽ اسان جا سوال موجود آهن، انهن سوالن ۾ هڪ به اهڙو سوال نه آهي جنهن مان لڳي ته اسان ڪا زيادتي ڪئي آهي. اسان واڪ آئوٽ ان جي لاءِ ڪيو جو وڌيڪ ڪجهه خراب چوڻ بدران عوام وٽ وڃجي ۽ عوام سڀني کان وڌيڪ بهتر جج آهي. ملڪ ۾ بيروزگاري حد کان وڌي وئي آهي، مزدور روزگار جي ڳولا ۾ آهن ۽ ماڻهو اسان کان پڇن ٿا ته توهان ڇا ڪيو آهي. گڏيل مخالف ڌر اڄ 10 وڳي ويهي وڌيڪ لائحه عمل جوڙيندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته وزيراعظم پنهنجي پٽن جو نالو ورتو پر ڌيءَ جو نالو نه ورتو، مريم نواز ٻن آف شور ڪمپنين جي مالڪ آهي. وزيراعظم کي پارليامينٽ ۾ ايتريون ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نه هئي. وزيراعظم پهريون فليٽ 1993ع ۾ خريد ڪيو ۽ ٻيون فليٽ 31 جولاءِ 1995ع ۾، چوٿون 29 جنوري 2004ع ۽ پنجون 2005ع ۾ خريد ڪيو. مون 1982ع ۾ وزيراعظم کان وڌيڪ ٽيڪس ڏنو ۽ وزيراعظم 2011ع ۾ مريم نواز کي پنهنجي ڪفالت ۾ ظاهر ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *