اي ڊي خواجه کي هٽائڻ لاءَ سنڌ سرڪار جي هيٽرڪ…!

“وڏي وزير   جي صدارت ھيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ اي ڊي خواجا کي ھٽائڻ جي منظوري ڏني وئي آھي ۽ ان جون جون خدمتون وفاق حوالي ڪيون وينديون. سندس جاءِ تي عبدالمجيد دستي کي سنڌ جو نئون آءِ جي بڻائڻ جو فيصلو ڪندي ڪيو ويو آهي جڏهن ته اي ڊي خواجا آءِ جي سنڌ جو عهدو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،  وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار وڌي ويو آهي اي ڊي خواجه آءِ جو موقف آهي ته منهنجو آءِ جي عهدي تي رهڻ يا نه رهڻ عدالت تي ڇڏيل آهي آهي مان ڪنهن به صورت ۾ استعيفا نه ڏيندس عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو.  هوڏانهن سنڌ سرڪار فوري طور تي ڪابينا جو اجلاس گهرايو جنهن ۾ اهڙا فيصلا ڪيا ويا جڏهن ته سرڪاري پڌرائي ۾ اي ڊي خواجه کي هٽائي سردار عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري بابت ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو سرڪاري پڌرائي موجب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ کي اڪارڊ مطابق شيئر ڪرڻ، پاڻيءَ جي کوٽ دوران ڪو به ڊيم نه ڀريو وڃي،  پاڻيءَ جي کوٽ دوران سمورا لنڪس ڪينال بند ڪيا وڃن، ڪپهه جي پوکيءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن، اسان کي منگلا ڊيم مان پاڻي ناهي ڏنو ويندو، جيڪڏهن تربيلا ۾ پاڻي نه آهي ته اسان کي پاڻي منگلا ڊيم مان ڏنو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو به مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي بئراج کي پاڪستان جو حصو سمجهي پاڻي ڏنو وڃي. وڏي وزير چيو ته مون اجلاس انڪري گهرايو آهي ته سموري صوبي ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي، ماڻهو انهن مسئلن سبب پريشان آهن، انڪري مون سوچيو ته ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺان.  اجلاس ۾ ڪابينا کي سيڪريٽري آبپاشيءَ ٻڌايو ته ارسا جي مطابق ربيع جي موسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي 17 سيڪڙو تائين هوندي آهي پر هاڻي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. مارچ جي گذريل ڏهن ڏينهن ۾ پاڻي جي صورتحال ڏٺي وڃي ته 55 سيڪڙو آهي ۽ اسڪردو ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي جنهن ڪري برف پگهرجندي ۽ خريف جي شروع ۾ 12 سيڪڙو کوٽ هئي پر اها 50 سيڪڙو تائين وڌي ويندي.

وڏي وزير پاڻي کوٽ تي واضح پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن مطابق پاڻي جي کوٽ کي رڪارڊ مطابق شيئر ڪيو وڃي، پاڻيءَ جي کوٽ دوران ڪو به ڊيم نه ڀريو وڃي،  پاڻيءَ جي کوٽ دوران سمورا لنڪس ڪينال بند ڪيا وڃن، ڪپهه جي پوکيءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن، اسان کي منگلا ڊيم مان پاڻي ناهي ڏنو ويندو، جيڪڏهن تربيلا ۾ پاڻي نه آهي ته اسان کي پاڻي منگلا ڊيم مان ڏنو وڃي. ڪوٽڙي بئراج کي پاڪستان جو حصو سمجهي پاڻي ڏنو وڃي. صوبي ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي شديد اعتراض آهن، ماڻهو گرميءَ ۾ مري رهيا آهن، اسپتالن ۽ درگاهن کي به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان نه ٿو بخشيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *