اي ڊي خواجا جي موجودگي ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي منظوري….!!

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو. سهيل انورسيال، سيد ناصر حيسن شاهه، فياض بٽ، منظور حسين وساڻ سميت ٻيا شريڪ ٿيا، سنڌ ڪابينا 1898 جي پوليس ايڪٽ جي شق 144 ۾ ترميم آڻڻ، هندو ميرج بل، ضياءُالدين يونيورسٽي بورڊ آف هاير ايجوڪيشن، سنڌ ڊويلپمنٽ اينڊ ميٽنينس آف انفرا  اسٽيڪچر ايڪٽ جي منظور ڏئي ڇڏي. جڏهن ته پوليس ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ بابت  قائم ڪميٽي جي رپورٽ ۽ آءَ جي سنڌ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، سنڌ ڪابينا پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين بابت اختيارن بابت آءَ جي سنڌ جي تجويزن کي رد ڪندي 15 ڏينهن اندر نون رولز بڻائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ،سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ گهرو وزير سهيل انور سيال صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا جي ايجنڊا ۾ ڏهن کان وڌيڪ ايجنڊا رکيل  هيون، جن مان ڪجهه منظور ڪيو ويون ۽ باقي ڪميٽي حوالي ڪيون ويون آهن، سنڌ پوليس ۾ 1934 ع وارو قانون لاڳو ٿيل آهي جنهن ۾ تبديلي 1968ع ۾ ٿي جنهن بابت سنڌ هاءَ ڪورٽ جي حڪم تحت غور ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير جي  قانوني ڪميٽي کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن جن تي غور ڪرڻ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن کي جلد سنڌ اسيمبلي ۾ منظُوري لاءَ پيش ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت آئين ۽ قانون جي پاسداري چاهي ٿي ۽ قانون موجب  صوبي جو آءِ جي 22 هين گريڊ جو هجڻ لازمي آهي جڏهن ته هن وقت آءِ جي سنڌ 21 جو گريڊ جو مقرر ٿيل آهي جيڪو پڻ نٿو ٿي سگهي، آءِ جي جي مقرري بابت ٽن نالن وارو وفاقي مفروضو غلط آھي، سنڌ لاءِ 22 هين گريڊ جي نئين آفيسر لاءَ وفاق کي لکيو آھي قانون موجب 22 گريڊ جو آفيسر آءِ جي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اي ڊي خواجه خواجه او پي ايس تي ويٺل آھي، هن وقت سنڌ جي مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال  بهتر آھي ماضي جي مقابلي ۾ هن وقت امن آهي پر اها مون کان ۽ خواجه کان اڳ بهتر ٿيو آھي، جيترو عدالتن جو احترام اسان ڪيون ٿا ايترو ٻيو ناهي ڪندو، عدالتن جي حڪم تحت اڄ به 80 سيڪڙو آفيسر کي او پي ايس تان هٽايو آهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  جيڪي پوليس آفيسر مون  مقرر ڪيا انهن کي اي ڊي خواجه به تبديل نه ڪيو آهي، غلط ڪم ڪندڙ عملدار خود ذميدار آھن جيڪڏهن ڪرپشن سبب ڪنهن به آفيسر کي  نئب پڪڙيندي ته  آفيسرز پاڻ ذميوار هوندا، بلديا فيڪٽري سانحي جو مک جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن جو اڳواڻ حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ پاڪستان مان ڪابه ٽيم دبئي ناهي وئي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي انتظام ڪرڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *