ايم ڪيو ايم جو داخلا پاليسي خلاف جوڙيل نئون مورچو

حيدرآباد بورڊ جي 393 مان 9 شاگردن ۽ ميرپورخاص بورڊ جي 173 مان  26 ۽ لاڙڪاڻي بورڊ جي 59 مان 9 شاگردن کي داخلا ملي سگهي آهي. جڏهن ته سکر بورڊ جي 160 اميدوارن مان ڪنهن کي به داخلا ملي نه سگهي آهي، اهڙي ريت ڪراچي بورڊ جي 13 هزار 124 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن. ان پاليسي خلاف ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته نئين تعليمي پاليسي ”مهاجر دشمن“ پاليسي آهي۽ جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر نظرثاني نه ٿي ته ڪراچي جا شاگرد ۽ عوام رستن تي ايندا. اسان کي خبر ناهي ته ايم ڪيو ايم کي اها نئين تعليمي پاليسي ”مهاجر دشمن“ پاليسي ڇو نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته آن لائين پاليسي تحت ڪراچي کان سواءِ حيدرآباد ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جي ڪل  رڳو 97 شاگردن کي داخلا ملي آهي ۽ اهو به ضروري ناهي ته اهي 97 شاگرد رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ ئي هجن ۽ انهن مان ڪو به شاگرد اردو ڳالهائيندڙ شاگرد نه هجي. پر جيڪڏهن اهي 97 شاگرد سنڌي ڳالهائيندڙ ئي کڻي آهن ته پوءِ جتي ڪراچي جي 77 هزار 201 شاگردن کي داخلا ملي آهي ته پوءِ اهي 97 شاگردن جو ڪراچي ۾ داخلا وٺڻ سان ڪهڙو آسمان ڪري پوندو، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم کي سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ داخل ڪرائڻي پئجي وئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مسئلو ڪراچي جي انهن 13 هزار 124 شاگردن جو آهي جن کي داخلا ملي نه سگهي آهي ته پوءِ ان ڳالهه تي ڪا رٿ جمع ڪرائڻ کان چڱو ائين هو ته ايم ڪيو ايم پهريائين ان ڳالهه جو جائزو وٺي ها ته آخر جن شاگردن جا فارم رد ٿيا آهن، تن جو ڪهڙو سبب هو ڪٿي ائين ته ناهي ته اهي شاگرد ان لائق ئي نه هئا ته جو کين ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا ڏيئي سگهجي. باقي ڪنهن معمولي ڳالهه کي اشو بڻائي ۽ ان کي ”مهاجر دشمني“ قرار ڏيڻ سان اهو قدم ”مهاجر دوستي“ وارو روپ ڪڏهن به اختيار ڪري نه ٿو سگهي. اسان سمجهون ٿا ته نئين تعليمي پاليسي سان سنڌ جي اندرين علائقن سان واسطو  رکندڙ نوجوانن سان ته وڌيڪ ويساهه گهاتي ٿي آهي ۽ سنڌي نوجوان هن ڀيري به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ وڏي انگ ۾ داخلا وٺڻ کان محروم ٿي ويا آهن، هاڻ جيڪڏهن ڪراچي جي 77 هزار 201شاگردن کي داخلا ملڻ مهاجر دشمني آهي ته پوءِ  سنڌ جي اندرين علائقن جي رڳو 97 شاگردن کي داخلا ملڻ کي ”دشمني“ جو ڪهڙو نالو ڏجي تنهن جو فيصلو به ايم ڪيو ايم کي ضرور ڪرڻ گهرجي، اسان ڪراچي کي سنڌ جو ئي شهر سمجهون ٿا ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي تعليم جا هڪ جيترا حق ملڻ گهرجن پر جيڪڏهن سنڌ جي نوجوانن جي انهي حق ۾ ڪا ڌر يا پارٽي رڪاوٽ وجهي ٿي ته ان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن جو حق غضب ڪرڻ يا ڦٻائڻ جو کڻي هت انصاف نه ٿيئي پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اهو انصاف ضرور ٿيڻو آهي ۽ اهو ئي انصاف ضرور ٿي رهندو اسان کي اميد آهي ته ايم ڪيو ايم رٿ کي مهاجر دشمني وارو چوغو پارائڻ کان پاسو ڪندي سنڌ جي نوجوانن جي حق تلفين بابت گڏيل آواز اٿاريندي، جنهن ۾ ئي سنڌ  ۽ سنڌ جي عوام جي ڀلائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *