ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي ۾ فوجي جوانن جي شهادت

ڀارت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ڪنٽرول لائين جي ڀمبر سيڪٽر تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد ٿي ويا آهن. ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل فوجي جوانن ۾ لانس نائيڪ محمد شوڪت، لانس نائيڪ محمد حليم، سپاهي پرويز اڪرم، سپاهي محمد الياس، سپاهي محمد تنوير، حوالدار ظفر حسين ۽ حوالدار ابرار احمد شامل آهن، پاڪ فوج پاران دفاع ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ جواب ۾ ڀارتي فوج جي چوڪين کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا آهن. ڀارتي فوج پاران اهو پهريون ڀيرو نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي نه صرف لائين آف ڪنٽرول پر ورڪنگ بائونڊري تي به فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا ڪيترائي جوان ۽ پاڪستاني شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

ڀارتي فوج پاران ايل او سي جي سيڪٽر ڀمڀر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 جوان شهيد ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي فوري طور تي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ورتو، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمبانوالا ۾ 20 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ پرڏيهي کاتي پاران ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري هاءِ ڪمشنر کي چيو ته ڀارت سيز فائر معاهدي جي پاسداري ڪري. ڀمڀر سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي بلا اشتعال فائرنگ جي جاچ ڪرائي وڃي.

پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ڀمبر ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج طرفان فائرنگ جي ڪري پاڪستان جي 7 فوجي جوانن جي شهادت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارت ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهيو آهي، ڀارت 2003ع جي سيز فائر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، ڀارتي جارحيت خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ خطي جي اسٽريٽجڪ توازن جي لاءِ اهو خطرو ٿي سگهي ٿو. ڀارت هيستائين 26 سول شهري جن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آهن انهن کي شهيد ۽ 107 کي زخمي ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي. پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڀارتي جارحيت خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو رويو خطي جي اسٽريٽجڪ توازن جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان ڀارتي جارحيت جي باوجود وڏي صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن کان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاءِ ملٽري آبزرور گروپ تي زور ڏنو آهي ته هو فوري طور تي ڀارت طرفان سيز فائر لائين ۽ لائين آف ڪنٽرول جي سنگين خلاف ورزين جي سلسلي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي رپورٽ موڪلي آگاهه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *