ايران تي سالن کان لاڳو اقتصادي پابندين جو خاتمو…..

آمريڪا، گڏيل قومن ۽ يورپي يونين ايران تي سالن کان لاڳو ڪيل اقتصادي پابنديون ختم ڪري ڇڏيون، آمريڪي صدر باراڪ اوباما پاران ايگزيڪٽو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، . عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي موجب ايران ائٽمي معاهدي تحت ائٽمي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بعد ايران تي لاڳو اقتصادي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي پنهنجي رپورٽ گورننگ بورڊ ۽ سلامتي ڪائونسل ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران معاهدي جي پاسداري ڪري رهيو آهي، جنهن بعد ايران مٿان لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. يورپي يونين ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري به ايران مٿان اقتصادي پابنديون ختم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هاڻي ايران لاءِ عالمي واپار جا دروازا کلي ويا آهن. ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف ويانا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته هـُو دنيا تي ثابت ڪندا ته مسئلا پابندين، دٻاءَ ۽ ڌمڪين سان نه پر احترام ۽ ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن.پابنديون ختم ٿيڻ بعد ايران هڪ خوشگوار ماحول ۾ سڄي دنيا سان اقتصادي سهڪار ۽ اربين ڊالرز جي ماليت جي منجمند اثاثا حاصل ڪرڻ سان گڏ عالمي منڊي ۾ تيل به وڪرو ڪري سگهندو.

ٻئي طرف ايران آمريڪا ۽ ايران جي ٻٽي شهريت رکندڙ چئن قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته انهن قيدين جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي پر اطلاع آهن ته انهن ۾ واشنگٽن پوسٽ جو صحافي جيسن رضايان به شامل آهي. ياد رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ تاريخي ايٽمي ٺاهه ٿيو هو، جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس ۽ اسرائيل پاران ٺاهه تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي. ايراني حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران تان اڃا واپاري پابنديون باقاعده طور تي نه هٽايون ويون آهن، تنهن هوندي به آمريڪا جي ٻن وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جا نمائنده ايران پهچي رهيا آهن، ڇوته پابنديون ختم ٿيڻ بعد ايران عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجو تيل برآمد ڪندو، تهران جو چوڻ آهي ته ايران ڪجهه هفتن ۾ 5 لک بيرل ٽن تيل روزانو برآمد ڪري سگهي ٿو. ايران تان عالمي پابنديون ختم ٿيڻ بعد ايران جا روڪيل 100 ارب ڊالر کيس واپس جاري ڪيا ويندا، جنهن سان ايران ۾ وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي ايندي، ايران عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجو تيل به وڪرو ڪري سگهندو، جنهن سان قيمتن تي گهٽتائي جو به امڪان وڌندو. عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران عالمي طاقتن سان ڪيل ائٽمي معاهدي جي پاسداري ڪئي آهي، آءِ اي اي اي جي سربراهه يوڪيا امانو ويانا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايران پنهنجي واعدي موجب ائٽمي پروگرام کي محدود رکيو آهي، اهڙي رپورٽ اچڻ بعد آمريڪي صدر ايران تان پابندي هٽائڻ جو ايگزيڪٽو آرڊر جاري ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *