اوجي ڊي سي ايل جي نجڪاري ۽ پورهيت

اوجي ڊي سي ايل جي نجڪاري خلاف پورهيتن پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. پوليس کين بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪيترائي پورهيت زخمي ڪري ڇڏيا.سينيٽ ۾ مخالف ڌر واقعي خلاف سخت احتجاج ڪيو. او جي ڊي سي ايل جي پورهيتن اداري جي نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن پارليامينٽ آڏو وڃڻ چاهيو ته پوليس کين روڪي ڇڏيو ۽ لٺ بازي ڪئي ۽ شيلنگ ڪئي. مظاهرو ڪندڙن به پٿراءُ ڪيو. پوليس کين ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر او جي ڊي سي ايل جي ملازمن تي تشدد جي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو. اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ميان رضا رباني اهو معاملو اٿاريو ۽ هن اهو الزام هنيو ته نادرا آفيس ويجهو او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري خلاف احتجاج ڪندڙ ملازمن تي تشدد ڪيو ويو، ان موقعي تي مخالف ڌر ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ نعريبازي ڪئي. بعد ۾ مخالف ڌر ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر جعفر اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ پنهنجي منشور موجب هلندي ۽ ڪا مزدور دشمن پاليسي نه ٺهندي. مخالف ڌر جي جذبن جو احترام ڪريون ٿا. گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ او جي ڊي سي ايل جي احتجاج ڪندڙ ملازمن تي ڪا گولي ناهي هلائي وئي. سينيٽ ۾ نجڪاري پاليسي جي خلاف تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون ان جي فائدن ۽ نقصانن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، حڪومت نجڪاري پاليسي تي پهرين به پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪندي رهي آهي، آئنده به ڪندي رهندي. هن چيو ته هن جي گهرو سيڪريٽري شاهد خان ۽ آءِ جي اسلام آباد سان ڳالهه ٿي آهي ۽ هن ٻڌايو آهي ته او جي ڊي سي ايل جي احتجاج ڪندڙ ملازمن تي نه ته رٻڙ ۽ نه ئي ٻي گولي هلائي وئي آهي. تنهن ڪري اهو چوڻ صحيح نه آهي ته مٿن گولي هلائي وئي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته هن معاملي کي سنجيدگي سان نڀيرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ۽ پورهيتن جي حق جي حاصلات ڪي جوڳا قدم کڻي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *