انڊيا مسلم بورڊ جي فتويِٰ: سوشل ميڊيا تي طلاق درست قرار

آل انڊيا مسلم پرنسل لا بورڊ قرار ڏنو آهي ته اسڪائيپ، واٽس ايپ، فيس بڪ، اي ميل، ايس ايم ايس، ٽيليفون ڪال ۽ ٻئي سوشل ميڊيا تي ايپس ذيعي ڏنل طلاق درست آهي، اهڙي طرح سان طلاق واقع ٿي ويندي آهي. بورڊ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي انهن ريمارڪس تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو جن ۾ مسلمان عورتن خلاف مٿڀيد جي سلوڪ جي خاتمي لاءِ اسلامي قانونن جي اڀياسي جي تجويز ڏني وئي هئي. ڀارتي ٽي وي سان ڳالهائيندي بورڊ جي سينيئر ميمبر ۽ ترجمان محمد عبدالراهل قريشي چيو ته عدالتي حم قانوني طور تي مناسب ناهي ڇو ته مسلم لا مذهب جو لازمي حصو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ يا ٽن طلاقن جي مدي بعد عورت آزاد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *