انصاف جا متظر ڪمند جا آبادگار…!

مل مافيا جي هڪ هٽي سبب ڪمند جا آبادگار تخت مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهي، ڪجهه آبادگارن ته مل مالڪن جي هٺ ڌرمي سبب پنهنجي ڪمند کي احتجاجن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ته ڪجهه وري احتجاج ۾ رڌل آهن ته جئين کين ڪٿان انصاف ملي سگهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪمند جو اگهه مقررنه ڪرڻ جي خلاف توهين عدالت واري درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا پيش ٿيا.  عدالت ڪمند  جي اگهه تي نئون اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪمند جو اگهه عارضي طور تي 160رپيا مقررڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته آبادگار هن ملڪ جا شهري آهن. هنن جي حقن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. سنڌ سرڪار مناسب حل ڳولي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته پهرين سنڌ سرڪار کنڊ تي سبسڊي ڏيندي هئي. جڏهن شگر مل مالڪن جو موقف آهي ته اسان وٽ کنڊ جو پهرين کان ذخيرو موجود آهي. آبادگارن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. سنڌسرڪار وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي .

شگرمل مالڪن جي وڪيل عبدالستار پيرزادو چيو اسان وڌ ۾ وڌ 155رپيا في مڻ ڪمند خريد ڪري سگهون ٿا، آبادگارن جي وڪيل چيو ته 162 رپيا اگهه جي اجلاس ۾ اسان کي آڇ ڪئي وئي آهي. جيڪا آفر ڪئي وئي آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. عدالت چيو ته معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته شگرمل ۽ آبادگارن کي نقصان ٿئي. عدالت عارضي طور تي ڪمند جو اگهه 160 رپيا مقر رڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار کي معاملو جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي بئنچ 172ڪمند جو آگهه مقررڪيو هو ۽ 10 رپيا بطور سيڪيورٽي هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان تي عمل نه ڪرڻ تي پاسماجي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

عدالت سڳوري هن ڀيري پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائي ڪمند جي آبادگارن جن اڳ گهڻو ئي نقصان برداشت ڪيو آهي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائيندي سندن پر گهور لهي ته جئين اڳتي آبادگار ڪمند جي پوکي ڪري سگهن ۽ مل مالڪن کي به آبادگارن جي مسئلن جو احساس ڪندي انهن کي مناسب اگهه ڏئي ڪمند خريد ڪن جئين آبادگارن جو ٿيل فصل تي خرچ به اڳڙي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *