اقتصادي راهداري منصوبو

چيني سيڙپڪارن جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پن بجلي جو شعبو حڪومت جي ترجيح آهي، پاڪستان سولر، ٿرمل ۽ هائيڊرو توانائي منصوبن سميت توانائي جي مختلف ذريعن مان سيڙپڪاري وسيلي پنهنجي توانائي بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ حڪومت خيبرپختونخوا ۾ داسو ڊيم جي تعمير لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان اربين ڊالر حاصل ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جي شعبي ۾ چائنا ٿري گارجيز انٽرنيشنل طرفان اڳتي سيڙپڪاري سان حڪومت کي توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ وڏو موقعو آهي جنهن سان ملڪ خاص طور تي ٻن گهٽ ترقي يافته صوبن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ايندي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي لنگهه تحت ترجيحي توانائي منصوبن ۾ پورٽ قاسم اليڪٽرڪ ڪمپني، ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ساهيوال ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر (1320 ميگاواٽ)، اينگرو ٿر ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ٿر ڪول فيلڊ ٿري جي بلاڪ ٽو ۾ سرفيس مائن، گوادر ڪول پاور پراجيڪٽ (300 ميگاواٽ)، حبڪو ڪول پاور پلانٽ (660 ميگاواٽ)، رحيم يار خان ڪول پاور پراجيڪٽ (1320 ميگاواٽ)، ايس ايس آر ايل ٿرڪول بلاڪ ۽ سي پي آءِ ايڇ مائن مائوٿ پاور پلانٽ، ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ ٿر بلاڪ ون (1320 ميگاواٽ)، قائداعظم سولر پارڪ بهاولپور (1000 ميگاواٽ)، دائود ونڊ فارم ڀنڀور سنڌ (50 ميگاواٽ)، يو اي پي (100 ميگاواٽ)، ونڊ فارم جهمپير سچل (50 ميگاواٽ)، ونڊ فارم جهمپير سنڌ سونڪ (50 ميگاواٽ)، نوري آباد ٺٽو سنڌ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته گوادر کي عالمي فري پورٽ طور ترقي ڏني پئي وڃي ۽ حڪومت ان جي ترقي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي. ايسٽ بي ايڪسپريس وي II، گوادر پورٽ اٿارٽي، بندرگاهه بابت صنعتن جي لاءِ فري زون ۽ اي پي زيڊ جي لاءِ بنيادي ڍانچي سميت گهڻ رخي ٽرمينل، تازي پاڻي جي فراهمي جي سهولت ۽ اسپتال، ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ادارا، ايوي ايشن پراجيڪٽ (نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ)، گڏاڻي حبڪو ۽ گوادر پاور پلانٽ (2940 ميگاواٽ) سميت توانائي منصوبا، گوادر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فري زون، گوادر ۾ سمارٽ سٽي جي ترقي گوادر جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو پيو وڃي جنهن تحت گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ ماهرن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ صنعتي/ معاشي ڪوآپريشن زون جي حوالي سان فني لحاظ کان مضبوط ۽ مالياتي طور تي موزون سفارشن جي لاءِ سمورن صوبن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سيڙپڪاري بورڊ اقتصادي زونز جي تعمير لاءِ تجويز ڪيل هنڌن تي ابتدائي ڪم جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اڪنامڪ زونز جي تعمير لاءِ نشاندهي ڪيل هنڌن ۾ مانسهره، نوشهره، حطار، غازي، ڊي آءِ خان، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون جڏهن ته بلوچستان ۾ تربت، خضدار، دشت، بوستان، قلعه سيف الله ۽ زوب شامل آهن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ سياسي قيادت سان مشاورت کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اقتصادي زونز جي تعمير لاءِ طئي ٿيل هنڌن جو اعلان ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *